جيڪب آباد تواريخي نظر ۾ (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جيڪب ﺁﺑﺎﺩ ﺗﻮﺍﺭﻳﺨﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ‏ﻫﻲﺀُ ڪتاﺏ ڪالو خان اياز نالي ليکڪ جو تصنيف ڪيل ﺁﻫﻲ. تاريخ جي موضوع تي لکيل هن ڪتاب ۾ جيڪب آباد شهر جي ماضيءَ جي ساروڻين، عمارتن، واقعن، راندين، ميلن، شخصيتن، موسمياتي ﺍحوال، زرعي پيداوار طور ٿيندڙ فصل ۽ تاريخي جنگجو قبيلن جو تذڪرو شامل ڪيل آهي.هيءُ پنهنجي نوعيت ۾ تاريخي ۽ زخيم ڪتاب آهي . جنهن ۾ ميلن، شخصيتن، تاريخي عمارتن ﻭغيره جا فوٽو پڻ ڏنا ويا آهن . ڪتاب کي مجموعي طور ٽن بابن ماضيءَ جا نقوش، ماضي قريب جا نشان، حال جون تصويرون وغيره ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي . ڪتاب جو ﺍنتساب ليکڪ پاران وطن جي حفاظت ۽ آزاديءَ لاءِ وڙهي شهادت ماڻيندڙ انهن مجاهدن جي نالي ڪيل آهي، جيڪي خانڳڙهه ۾ ﺍنگريزن سان وڙهيا هئا. ان کان سواءِ ليکڪ پاران ’ عرض حال ‘ ۽ ’ آبائي شهر ‘ جي عنوانن سان نوٽ پڻ درج ڪيل آهن . ڪرائون سائيز ۾ 94 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب حبيب پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان ضلعي ترقياتي ايسوسيئيشن، جيڪب آباد ۽ ڪالو خان اياز پاران، مئي 1978ء ۾ شايع ٿيو .