جيوتي يادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيوتي يادو
فائل:Jyoti Yadav Journalist.jpg
هندستان جو پارليامينٽ وٽ جيوتي بيٺِي آهي
پيدائش ڊسمبر 1994 (عمر 29 سال)
ميندر ڳڙھ, هرياڻا
مادر علمي دهلي يونيورسٽي
پيشو صحافي
سَرگَرمُ سالَ سيپٽمبر 2016–کان هيئنر تائين
تنظيم دي پرنٽ

جيوتي يادو انگريزي ٻولي: Jyoti Yadav ڀارتي صحافڻ آهي ۽ دي پرنٽ سان ڪم ڪندي آهي. وزارت ترقي ناري ۽ ٻار، حڪومت هندستان سان لاڳاپيل سماجي ۽ جنسي برابري ۽ سياسي مسئلن تي جيوتي نظر رکندي آهي.[1][2][3] [4] جيوتي دي پرنٽ تي هندي ۾ هفتيوار ڪالم ميري جان مجهي خبر هي لکندي آهي. معلومات جو دو ۾ بدلجندڙ ڀارت تي لکڻ جيوتي جو اهم وندُر آهي ۽ ان تي گهڻو لکندي آهي.هٿيار کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڀڙڪاءُ ڀاشڻ[5] ۽ ڀارت بن گيا وشو گرو، ٽرمپ کي لڳي جارج پنجون جي اک [6] جيوتي جا ذڪر لائق مضمون آهن.

پيدائش ۽ تعليم[سنواريو]

جيوتي يادو 17 ڊسمبر 1994 تي ڀارت جي صوبو هرياڻا جي علائقي مهيندرڳڙھ ۾ پيدا ٿي هئي. تربيت ۽ شروعاتي تعليم مهيندرڳڙھ ۾ ماڻيائين. ٻارنهين درجي ۾ چڱن نمبرن سان پاس ٿيڻ سبب جيوتي يادو پوري ضلعي ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان ڪاميابي جيوتي لاءِ دهلي يونيورسٽي جا دروازا کولي ڇڏيا. جيوتي دهلي يونيورسٽي جي دولت رام ڪاليج منجهان انگريزي ادب ۾ بي-اي ۽ ايم-اي ڪئي. [3][4]

ڪيريئر[سنواريو]

جيوتي ڀارت جي ڳوٺاڻي زندگي بابت لکڻ ۾ شوق رکندي آهي. پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات دي للنٽاپ سان سيپٽمبر 2016 ۾ ڪيائين. سوشل ميڊيا تي ڀارت جي ڳوٺاڻي زندگي بابت جيوتي جي مَضمونَن کان متاثر ٿي ڪري دي للنٽاپ کيس سڏ ڏنو. انکانپوءِ جيوتي نيوز 18 ۽ انشارٽس لاءِ لکيو ۽ مارچ 2019 ۾ دي پرنٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. جيوتي اُتر هندستان ۾ سفر ڪري اجتماعي ڏاڍائي جي واقعن بابت لاڳاپيل سماچار گڏ ڪيا.[7][8] وزارت ترقي ناري ۽ ٻار، حڪومت هند سماجي ۽ جنسي برابري ۽ سامپراديڪ ڌنگن جي خبر ٺاهڻ جيوتي جي اهم وندُر آهي. جيوتي هن وقت دي پرنٽ سان لاڳاپيل آهي.


دي پرنٽ[سنواريو]

جيوتي مارچ 2019 کان دي پرنٽ سان لاڳاپيل آهي. دي پرنٽ تي هيءَ هاڻي سياسي حالتن تي لکندي آهي. ۽ هندي ۾ هفتيوار ڪالم 'ميري جان مجھي خبر هي هيٺ مضمون لکندي آهي.[4][9]

حوالا[سنواريو]

  1. "JNU हॉस्टल फीस की तुलना एम्स के OPD फीस से करने लगी द प्रिंट की पत्रकार, लोग बोले बकलोल हो क्या ?". thechhichhaledar.com. حاصل ڪيل 1 February 2020. 
  2. "Journalist asks why do poor study obscure subjects at JNU, Twitter hits back". Free Press Journal. حاصل ڪيل 1 February 2020. 
  3. 3.0 3.1 "अगर दंगल का बापू हानिकारक है, तो सब बापू हानिकारक बनें: हरियाणा की एक लड़की". The Lallantop. حاصل ڪيل 28 January 2020. 
  4. 4.0 4.1 4.2 "جرنسلٽ ڪم جا! اچو، جيوتي يادو سان ملو". HindustanUrduTimes. حاصل ڪيل 1 February 2020. 
  5. "हथियार से ज्यादा खतरनाक हैं भड़काऊ भाषण, ये काल्पनिक दुश्मन खड़ा कर देते हैं". ThePrint. حاصل ڪيل 2 March 2020. 
  6. "भारत बन गया विश्वगुरू, ट्रंप को लगा दी जॉर्ज पंचम की आंख". ThePrint. حاصل ڪيل 2 March 2020. 
  7. "महिला पत्रकार ज्योति यादव ने पैगंबर मोहम्मद और मुसलमा’नों को लेकर कही बड़ी बात, सोशल मीडिया पर हुआ वायरल". indianmuslimpro.com (ٻولي ۾ Hindi). حاصل ڪيل 28 January 2020. 
  8. "‘They Don’t Want Justice, They Want Riots’: How The Murder Of A Child In Aligarh Turned Into A Communally Tense Issue". News Central 24x7. حاصل ڪيل 28 January 2020. 
  9. "मेरी जां मुझे खबर है". ThePrint.in (ٻولي ۾ Hindi). حاصل ڪيل 28 January 2020. 


ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]