جيوتي يادو
| جيوتي يادو | |
|---|---|
| فائل:Jyoti Yadav Journalist.jpg هندستان جو پارليامينٽ وٽ جيوتي بيٺِي آهي | |
| پيدائش | 17 ڊسمبر 1994 (عمر 31 سال) ميندر ڳڙھ, هرياڻا |
| مادر علمي | دهلي يونيورسٽي |
| پيشو | صحافي |
| سَرگَرمُ سالَ | سيپٽمبر 2016–کان هيئنر تائين |
| تنظيم | دي پرنٽ |
جيوتي يادو انگريزي ٻولي: Jyoti Yadav ڀارتي صحافڻ آهي ۽ دي پرنٽ سان ڪم ڪندي آهي. وزارت ترقي ناري ۽ ٻار، حڪومت هندستان سان لاڳاپيل سماجي ۽ جنسي برابري ۽ سياسي مسئلن تي جيوتي نظر رکندي آهي.[1][2][3] [4] جيوتي دي پرنٽ تي هندي ۾ هفتيوار ڪالم ميري جان مجهي خبر هي لکندي آهي. معلومات جو دو ۾ بدلجندڙ ڀارت تي لکڻ جيوتي جو اهم وندُر آهي ۽ ان تي گهڻو لکندي آهي.هٿيار کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڀڙڪاءُ ڀاشڻ[5] ۽ ڀارت بن گيا وشو گرو، ٽرمپ کي لڳي جارج پنجون جي اک [6] جيوتي جا ذڪر لائق مضمون آهن.
پيدائش ۽ تعليم
[سنواريو]جيوتي يادو 17 ڊسمبر 1994 تي ڀارت جي صوبو هرياڻا جي علائقي مهيندرڳڙھ ۾ پيدا ٿي هئي. تربيت ۽ شروعاتي تعليم مهيندرڳڙھ ۾ ماڻيائين. ٻارنهين درجي ۾ چڱن نمبرن سان پاس ٿيڻ سبب جيوتي يادو پوري ضلعي ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان ڪاميابي جيوتي لاءِ دهلي يونيورسٽي جا دروازا کولي ڇڏيا. جيوتي دهلي يونيورسٽي جي دولت رام ڪاليج منجهان انگريزي ادب ۾ بي-اي ۽ ايم-اي ڪئي. [3][4]
ڪيريئر
[سنواريو]جيوتي ڀارت جي ڳوٺاڻي زندگي بابت لکڻ ۾ شوق رکندي آهي. پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات دي للنٽاپ سان سيپٽمبر 2016 ۾ ڪيائين. سوشل ميڊيا تي ڀارت جي ڳوٺاڻي زندگي بابت جيوتي جي مَضمونَن کان متاثر ٿي ڪري دي للنٽاپ کيس سڏ ڏنو. انکانپوءِ جيوتي نيوز 18 ۽ انشارٽس لاءِ لکيو ۽ مارچ 2019 ۾ دي پرنٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. جيوتي اُتر هندستان ۾ سفر ڪري اجتماعي ڏاڍائي جي واقعن بابت لاڳاپيل سماچار گڏ ڪيا.[7][8] وزارت ترقي ناري ۽ ٻار، حڪومت هند سماجي ۽ جنسي برابري ۽ سامپراديڪ ڌنگن جي خبر ٺاهڻ جيوتي جي اهم وندُر آهي. جيوتي هن وقت دي پرنٽ سان لاڳاپيل آهي.
دي پرنٽ
[سنواريو]جيوتي مارچ 2019 کان دي پرنٽ سان لاڳاپيل آهي. دي پرنٽ تي هيءَ هاڻي سياسي حالتن تي لکندي آهي. ۽ هندي ۾ هفتيوار ڪالم 'ميري جان مجھي خبر هي هيٺ مضمون لکندي آهي.[4][9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "JNU हॉस्टल फीस की तुलना एम्स के OPD फीस से करने लगी द प्रिंट की पत्रकार, लोग बोले बकलोल हो क्या ?", thechhichhaledar.com, 19 November 2019, حاصل ڪيل 1 February 2020۔
- ↑ "Journalist asks why do poor study obscure subjects at JNU, Twitter hits back", Free Press Journal, 15 November 2019, حاصل ڪيل 1 February 2020۔
- 1 2 "अगर दंगल का बापू हानिकारक है, तो सब बापू हानिकारक बनें: हरियाणा की एक लड़की", The Lallantop, 26 December 2016, حاصل ڪيل 28 January 2020۔
- 1 2 3 "جرنسلٽ ڪم جا! اچو، جيوتي يادو سان ملو", HindustanUrduTimes, 01 فيبروري 2020, حاصل ڪيل 1 February 2020۔
- ↑ "हथियार से ज्यादा खतरनाक हैं भड़काऊ भाषण, ये काल्पनिक दुश्मन खड़ा कर देते हैं", ThePrint, حاصل ڪيل 2 March 2020۔
- ↑ "भारत बन गया विश्वगुरू, ट्रंप को लगा दी जॉर्ज पंचम की आंख", ThePrint, حاصل ڪيل 2 March 2020۔
- ↑ "महिला पत्रकार ज्योति यादव ने पैगंबर मोहम्मद और मुसलमा’नों को लेकर कही बड़ी बात, सोशल मीडिया पर हुआ वायरल", indianmuslimpro.com (ٻولي ۾ Hindi), 22 October 2019, حاصل ڪيل 28 January 2020۔
- ↑ "‘They Don’t Want Justice, They Want Riots’: How The Murder Of A Child In Aligarh Turned Into A Communally Tense Issue", News Central 24x7, 11 June 2019, حاصل ڪيل 28 January 2020۔
- ↑ "मेरी जां मुझे खबर है", ThePrint.in (ٻولي ۾ Hindi), حاصل ڪيل 28 January 2020۔