جيمس آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيمس آباد
شھر
عرفيت: ڪوٽ غلام محمد
جيمس آباد is located in سنڌ
جيمس آباد
جيمس آباد
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 25°17′09″N 69°15′11″E / 25.28583°N 69.25306°E / 25.28583; 69.25306مڪانيت: 25°17′09″N 69°15′11″E / 25.28583°N 69.25306°E / 25.28583; 69.25306
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ميرپورخاص ضلعو

جيمس آباد ضلعي ميرپورخاص جو شھر ڪوٽ غلام محمد جو پراڻو نالو.

جاگرافي[سنواريو]

ميرپورخاص کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هيءُ شهر مشهور انگريز جيمس برنس اوڻيهين صديءَ ۾ جوڙايو. 1920ع ۾ هن کي تعلقي جي حيثيت ملي. هن شهر ۾ هڪ ٽائون ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. روڊ رستي هيءُ شهر ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. هن وقت جيمس آباد کي سنڌ جي محب وطن سياستدان، غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي ’ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي‘ سان سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڀرسان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو خانگي فروٽ فارم ’ڪاڇيلو فارم‘ پڻ موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011