جوڀن جڙي
جوڀن جڙي (عربي: اصل الخنزير، فارسي: بيخ خوڪ، هندي: بلائي ڪند، پھاڙي سياليان، اردو: بداري ڪند، بنگالي: ڀوئن ڪمرا، انگريزي: آئي پوميا ڊجي ٽيٽا I. Digitata) جابلو ٻوٽي آهي، جا زمين قند (سورڻ) جئان ٿئي ٿي. هن تي سوئر جي وارن جھڙيون تندون ٿين ٿيون ۽ سوئر کيس گهڻو کائين ٿا. ان ڪري کيس باراهي ڪند بہ چيو وڃي ٿو. (باراھ سوئر کي چوندا آهن.) جن جا پن ڪچالن جئان ۽ گل واڱڻاڻي ٿين ٿا. رنگ ۾ ٻاهران اڇي ۽ اندران کير جھڙي سفيد ٿئي ٿي. ذائقي ۾ مٺي آهي.[1]
طبي خاصيتون
[سنواريو]مزاج: گرم خشڪ.
پيدائش: هي شملو، ڪالڪا، ديرادون، ڪانگڙھ، اڌيپور ۽ ويشنوديوي، (جمون) وغيره ۾ ٿئي ٿي.
خاصيت: هي بک لڳائيندڙ، عضون کي طاقت ڏيندڙ ۽ قوت باھ وڌائيندڙ آهي. هن جي کائڻ سان زالاڻي قوت باھ ۽ ٿڃ ۾ اضافو ٿئي ٿو. هي تنھا يا مناسب دوائن سان سفوف جي شڪل ۾ ڪم اچي ٿي.
محلل (Resoluent) هئڻ سبب پاڻيءَ ۾ گهوٽي ليپ ڪجي تہ سوڄ لھي ٿي وڃي. جريان هٽائڻ ۽ جواني بحال رکڻ لاءِ بي نظير آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.