جوهر بروهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جوهر بروهي 29 جنوري 1950ع تي ڄائو. سندس اصل نالو عبدالقيوم ولد عبدالڪريم ساسولي آهي. سندس خاندان 1970ع ۾ بلوچستان مان لڏ پلاڻ ڪري دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقو جي ڳوٺ فريدآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جوهر بروهي بهترين شاعر، نثرنگار، محقق ۽ مورخ آهي. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. جوهر بروهي سنڌي توڙي براهوي ٻوليءَ ۾ شعر چيو آهي. سندس تخليقي ادب ۾ شاعري ۽ ڪاڇي جي ماڳن مڪانن تي تحقيقي ڪم تحسين لائق آهي. سندس ڪافي ڪتاب شيع ٿيل آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]