مواد ڏانھن هلو

جن گن من

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جن گن من
English: Thou Art the Ruler of the Minds of All People
"جن گن من" جي ڌن جو شيٽ.

 ڀارت جو قومي ترانو
ٻولرابندرناٿ ٽئگور, 1911[حوالو گهربل]
ڌنرابندرناٿ ٽئگور, 1911[حوالو گهربل]
اختيار ڪيو ويو24 جنوري 1950
ٻڌو
"جن گن من"

جن گن من ڀارت جو قومي ترانو آهي، جيڪو بنگالي ٻولي ۾ هيو۔ پوء هن کي سنسڪرت جو لهجو ڏئي ڪري سنواريو ويو۔ هن جو شاعر نوبل لاريٽ رابندرناٿ ٽئگور آهي۔ هي ترانو در اصل، ڪنگ جارج پنجون جي لاء لکيو ويو هو، جڏهن ڀارت جي حڪومت هن جي حوالي ٿي، هن جي تاج پوشي ٿي رهي هئي، ان وقت خدا جي حمد جي لاء لکيل نظم هيو۔ انڊين نيشنل ڪانگریس جي 1911 اجلاس ۾ هي پهريون دفعو ڳايو ويو۔ 24 جنوري 1950 تي ڀارت جي قانون ساز ڪميٽي سرڪاری طور تي منظوري ڏني ۽ هي نظم، ڀارت جو قومي ترانو ٿي ويو۔[1][2][3][4][5][6][7]

ترانو

[سنواريو]
هندي ۾سنڌي ۾
:جَنَ گَڻَ مَنَ اَڌِنايَڪَ جَيہَ هي.
ڀارت ڀاگیہ وِڌاتا
پنجاب سنڌ گجرات مراٺا
دراوڊ اتڪل بنگ
وندھيہ هماچل يمنا گنگا
اُڇل جلڌِ ترنگ
تو سڀ نامي جاگي
تو شڀ آشيش مانگي
گاهي تو جيہ گاٿا
جن گڻ منگلدايڪ جيہ هي
ڀارت ڀاگيہ وڌاتا
جيہ هي، جيہ هي، جيہ هي
جيہ جيہ جيہ جيہ هي
اي! ڀارت جي منزل جو فيصلو ڪرڻ وارا
عوام جي ذهن ۽ دلين تي راڄُ ڪرڻ وارا تنهنجي جئي هجي
تنهنجو نالو ئي
پنجاب، سنڌ، گجرات، مراٺا عللائقن جي دلين ۾ جاڳي ٿو
دراوڙ، اتڪل ۽ بنگال ۾ بہ
تنهنجو ئي نالو وندھيہ ۽ هماليہ جي جبلن ۾ گونجندو آهي،
جمنا ۽ گنگا جي پاڻي ۾ اهوئي روان دوان آهي،
هي (ذڪر ٿيل) علائقا تنهنجو ئي نالو جھونگاريندا آهن،
۽ هي تنهنجون ئي پوتر آسيسون گھرندا آهن،
هو صرف عظيم فتحن جا نغما ڳائيندا آهن،
۽ ان عوام جي مغفرت تنهنجي ئي هٿ آهي،
اي! ڀارت جي منزل جو فيصلو ڪرڻ وارا، عوام جي ذهن ۽ دلين تي حڪومت ڪرڻ وارا
تنهنجي جئي هجي، تنهنجي جئي هجي، تنهنجي جئي هجي
جئي هجي، جئي هجي، جئي هجي، تنهنجي ئي جئي هجي!

انگريزي ترجمو ۽ ڪمپوزيشن - شهر مدنپلي

[سنواريو]
رابندرناٿ ٽئگور۔

رابندرناٿ ٽيگور، هن تراني کي ديوناگري (سنسڪرت) مان انگريزي ترجمو ڪيو۔ اني بسينٽ جي قائم شده ڪاليج، جيڪا بسينٽ ٿيوسوفڪل ڪاليج جي نالي سان مشهور آهي، ڪجهه ڏينهن ٽيگور هن ڪاليج ۾ گذاريا هئا۔ انهن ئي ڏينهن ۾ هن انگريزي ترجمو هن ڪاليج ۾ ڪيو۔ اتفاق سان ان جي ڌن به هتي ٺاهي وئي۔ ۽ هي ڪاليج، رياست آنڌرا پرديش ، چتور ضلع جي شهر مدنپلي ۾ آهي۔[8]

هن ترجمي جي جلد کي اڄ به هن ڪاليج ۾ ڏسي سگھجي ٿو۔

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • وندي ماترام

حوالا

[سنواريو]
  1. National Anthem - Know India.
  2. Bhatt, P.C., ed (1999). Constituent Assembly Debates. XII. Lok Sabha Secretariat.
  3. Volume XII.
  4. Ganpuley's Memoirs.1983.
  5. Rajendra Rajan (4 مئی 2002). "A tribute to the legendary composer of National Anthem". The Tribune. {{cite web}}: Check date values in: |date= (help)
  6. "Controversy over Jana Gana Mana takes a new turn". Rediff. Retrieved 2008-06-08.
  7. "Who composed the score for Jana Gana Mana? Gurudev or the Gorkha?". Rediff. Retrieved 2008-06-08.
  8. Vani Doraisamy. "India beats: A Song for the Nation". The Hindu. Retrieved 2007-07-25.

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]