جنپادس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آريا 1000 قبل مسيح ۾ هندوستان تي ڪاهي ويا. نيٺ هو سموري برصغير تي قابض ٿي ويا. پوءِ هنن سموري قبضي هيٺ آيل علائقي کي 16 بادشاهتن ۾ ورهايو. جن کي سوالا جنپادس (Sola Janapadas) چئجي ٿو. انهن سورنهن ئي بادشاهتن جا حاڪم پاڻ کي خدا سڏائڻ لڳا. هنن هتي ذات پات جو ڏاڍو خطرناڪ نظام قائم ڪيو، جنهن تحت برصغير هندوستان جي سموري شڪست کاڌل عوام کي چئن ذاتين ۾ وراهيو ويو. سڀ کان مٿاهون درجو برهمڻن حاصل ڪيو. ٻئي نمبر تي حڪومت ڪندڙ ۽ فوجي آيا، جن کي کشتري چيو ويو. ٽئي نمبر تي سرنديءَ وارا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه رکندا هئا، انهن کي ”ويش“ سڏيائون. باقي سموري عوام کي ”شودر“ انتهائي نيچ قرار ڏنو ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ آريا، ڪورو ۽ پانڊو، جيڪي پاڻ ۾ سئوٽ هئا اهي اقتدار تان پاڻ ۾ وڙهي پيا، نتيجي طور هندوستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي خونريز جنگ لڳي، جنهن کي مهاڀارت چئجي ٿو. ان جنگ ۾ هندوستان جي سڀني بادشاهن ۽ آريا مت جي خدائن به حصو ورتو. انهن ۾ ڪرشن ڀڳوان به شامل هو. اها جنگ لڳاتار 18 ڏينهن هلندي رهي. جنهن ۾ هستاپور جي بادشاھ ڌريشٽر جا سئو مان 99 پٽ مارجي ويا. ڪورو هارائي ويا. ان جنگ ۾ سنڌ جو بادشاھ جئي ورٿ به قتل ٿي ويو. هن جي زال ڌريشٽر جي ڌيءَ هئي جنهن جا 99 ڀائر مهاڀارت جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ان جنگ کانپوءِ سنڌ تي پانڊون جو قبضو ٿي ويو، جيڪو گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو. سنڌ تي راءِ خاندان جي حڪومت قائم ٿي، جنهن جو پهريون بادشاھ راءِ دهسلا ٿيو. هي خاندان پاڻ کي ”اروڙ ونشي“ سڏائڻ لڳو. جنهن سنڌ کي هڪ وڏي ايمپائر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. افسوس اهو آهي ته اروڙ ونشي يا روڙ خاندان بابت مفصل ڄاڻ نٿي ملي. هن خاندان تي نئين سر تحقيق ٿيڻ گهرجي، امڪان اهو آهي ته اروڙ ونشي يا راءِ خاندان جي سنڌ تي لڳاتار هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين حڪومت جاري رهي.

ڇهين صديءَ قبل مسيح ۾ گوتم ٻڌ سنڌ آيو، تڏهن راءِ خاندان جي هڪ بادشاھ ”رد راين“ ٻڌ مت قبول ڪيو. اهڙي ريت گمان آهي ته سنڌ دنيا جو پهريون يا ٻيو ملڪ آهي، جتي جو عوام ٻڌمت جو پيروڪار ٿيو. بادشاھ رادرين، مگڌ جي بادشاھ بمبسارا جو همعصر هو، جنهن به گوتم ٻڌ سان ملاقات کانپوءِ ٻڌ مت قبول ڪيو هو. ان وقت لاءِ تاريخدان لکن ٿا ته اروڙ برصغير جو مگڌ جي پاٽلي پتر شهر کان به طاقتور گاديءَ جو هنڌ هو. بهرحال، اسانکي راءِ خاندان بابت واضح تفصيل تڏهن ملن ٿا، جڏهن سنڌ تي عرب سرزمين کان حملا شروع ٿين ٿا. ان وقت لاءِ واضح لکيل آهي ته سنڌ هڪ عظيم ايمپائر هئي، جنهن جون سرحدون اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، اولهه ۾ مڪران ۽ ڏکڻ ۾ گجرات تائين پکڙيل هيون. انهن سرحدن جي ايراضي 15 لک چوراسي هزار ڪلوميٽر هئي. موجوده پاڪستان کان ٻيڻ تي. پاڪستان جي ايراضي پوڻا اٺ لک ڪلوميٽر آهي. افسوس اهو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ تسلسل سان اهم تاريخي واقعا نٿا ملن. [1] [2]

  1. سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو :حصو پهريون
  2. سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :يوسف شاهين جو انٽرويو : روزآني عوامي آواز اخبار