مواد ڏانھن هلو

جملو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جملو (انگريزي: Sentence) عربي لفظ ”جملةُ“ تان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، اهو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن يا ’فقرن جو مجموعو، جنهن مان پورو مقصد يا خيال ظاهر ٿئي‘. مطلب ته، جدا جدا لفظ پاڻ ۾ ملي، هڪ جملي جي صورت اختيار ڪن ٿا. جملو ’گفتگوءَ جو ايڪو‘ به چئي سگهجي ٿو. جڏهن ٻه يا وڌيڪ لفظ پاڻ ۾ ملي معنيٰ دارفقرو يا گفتگو ۽ ڳالهائڻ جو مفهوم دار لفظي ميڙ بنائين، ته انهن کي لفظن جو ميڙ يا جملو چئبو. اهو لفظن جو ميڙ، جملو به ٿي سگهي ٿو ۽ جملي جو هڪ ڀاڱو به، جهڙوڪ: ڪالھ ڏينهن ڏٺي جو، شهر ۾ڦُر ٿي آهي.[1]


جملي جي بناوٽ

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڇيد

ڇيد جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ڀڃڻ، ٽوڙڻ، جدا جدا ڪرڻ. ڇيد اصلوڪو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ۽ تفريق عربي زبان جي لفظ فرق مان جڙيو آهي، جنهن جي پڻ لغوي معنيٰ ساڳي آھي. ڇيد يا تفريق جملي جو ٿيندو آهي، جو ٻن يا وڌيڪ لفظن جو مجموعو ٿئي ٿو ۽ منجهانئس پورو مطلب نڪري ٿو.

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي