جمعو ڳوٺ
ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
جمعو ڳوٺ ڪورنگي 51-B ڪراچيءَ ۾ واقع آهي.
ٻوليون
[سنواريو]هتي سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو، اردو ۽ بنگالي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
تعليم جو تناسب
[سنواريو]اسڪولن کان وڌيڪ مدرسن سان چاھ پيري مريدي جا پوڄاري ۽ اڪثريت اڻ پڙهيلن جي آهي.
هڪ پرائمري اسڪول آهي جنهن ۾ پنجاھ کن شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ پنج استاد آهن.
مذهب
[سنواريو]مسلمانن ۾ سني، شيعا ۽ ديوبندي رهن ٿا ۽ ڪجهه غير مسلم بہ رهن ٿا.
خاص جڳهون
[سنواريو]ٽي بي اسپتال
[سنواريو]هي 1992ع ۾ رينجرز جو هيڊ ڪوارٽر رهي جنهن وچ ۾ سنڌي ۽ مهاجرن جا فساد لڳا، پوءِ هن کي ٽي بي هسپٽال جو درجو ڏنو ويو 2006 ۾ هن کي پرائيويٽ ڪمپني جي نالي ڪيو ويو جنهن کا پوءِ اسپتال ۾ ڪجهه تبديلي وجود ۾ آئي هن کي مختلف وارڊن ۾ تبديل ڪري ڳوٺاڻن کي سهولت ڏني وئي.
شيطان چوڪ
[سنواريو]نالي سان ئي ظاهر آهي تہ هتي شيطاني ڪم ٿيندا آهن.چرس، شراب ۽ جوا خانا موجود آهن.
هتي پنج کن قتل جا واقعا پڻ ٿي چڪا آهن.
سياسي جماعتون
[سنواريو]هتي پي پي پي ،مسلم ليگ نون جي وچ ۾ اليڪشن وڙهيا ويندا آهن 2015 جي اليڪشن ۾ حڪيم محمد بلوچ ڄاموٽ ڪاميابي ماڻي.
فلاحي تنظيمون
[سنواريو]پاڪستان فشر فوڪ فورم، ڪسوا، انڊس، امن ۽ مائي ڪلاچي نالي تنظيمون فلاحي ڪمن ۾ حصو وٺن ٿيون.
رانديون
[سنواريو]ڪنهن وقت هتي ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال جا ميدان (گرائونڊ) هوندا هئا جنهن کي قبضا گروپن قبضو ڪري پلاٽنگ ڪرائي ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال جو خاتمو ڪيو.