جمعو ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جمعو ڳوٺ ڪورنگي 51-B ڪراچيءَ ۾ واقع آهي.

ٻوليون[سنواريو]

هتي سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو، اردو ۽ بنگالي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.

تعليم جو تناسب[سنواريو]

اسڪولن کان وڌيڪ مدرسن سان چاھ پيري مريدي جا پوڄاري ۽ اڪثريت اڻ پڙهيلن جي آهي.

هڪ پرائمري اسڪول آهي جنهن ۾ پنجاھ کن شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ پنج استاد آهن.

مذهب[سنواريو]

مسلمانن ۾ سني، شيعا ۽ ديوبندي رهن ٿا ۽ ڪجهه غير مسلم بہ رهن ٿا.

خاص جڳهون[سنواريو]

ٽي بي اسپتال[سنواريو]

هي 1992ع ۾ رينجرز جو هيڊ ڪوارٽر رهي جنهن وچ ۾ سنڌي ۽ مهاجرن جا فساد لڳا، پوءِ هن کي ٽي بي هسپٽال جو درجو ڏنو ويو 2006 ۾ هن کي پرائيويٽ ڪمپني جي نالي ڪيو ويو جنهن کا پوءِ اسپتال ۾ ڪجهه تبديلي وجود ۾ آئي هن کي مختلف وارڊن ۾ تبديل ڪري ڳوٺاڻن کي سهولت ڏني وئي.

شيطان چوڪ[سنواريو]

نالي سان ئي ظاهر آهي تہ هتي شيطاني ڪم ٿيندا آهن.چرس، شراب ۽ جوا خانا موجود آهن.

هتي پنج کن قتل جا واقعا پڻ ٿي چڪا آهن.

سياسي جماعتون[سنواريو]

هتي پي پي پي ،مسلم ليگ نون جي وچ ۾ اليڪشن وڙهيا ويندا آهن 2015 جي اليڪشن ۾ حڪيم محمد بلوچ ڄاموٽ ڪاميابي ماڻي.

فلاحي تنظيمون[سنواريو]

پاڪستان فشر فوڪ فورم، ڪسوا، انڊس، امن ۽ مائي ڪلاچي نالي تنظيمون فلاحي ڪمن ۾ حصو وٺن ٿيون.

رانديون[سنواريو]

ڪنهن وقت هتي ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال جا ميدان (گرائونڊ) هوندا هئا جنهن کي قبضا گروپن قبضو ڪري پلاٽنگ ڪرائي ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال جو خاتمو ڪيو.