جلولا واري جنگ
جلولا واري جنگ | |||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
سلسلو مسلمانن پاران ساساني شھنشاھيت جي فتح لاءِ جنگ | |||||||||
| |||||||||
شريڪ جنگ | |||||||||
ساساني ايمپائر (ساساني لشڪر) | (خلافت راشده جي لشڪر) | ||||||||
سپهہ سالار ۽ رهنما | |||||||||
مھران رازي † پيروز خسرو ويرازتيراتس ھارموزان |
ھاشم ابن عتبہ الققاء ابن امر تميمي طلحہ | ||||||||
طاقت | |||||||||
20,000 | 12,000 | ||||||||
نقصان | |||||||||
تمام گهڻو [1] | تمام گهڻو [1] |
جلولا واري جنگ(انگريزي: Battle of Jalula) خلافت راشده ۽ ساساني ايمپائر جي وچ ۾ ھيء جنگ تيسيفان(انگريزي: Ctesiphon) جي فتح کان پوءِ لڳي ھئي. ان فتح کان بعد عربن فوجي دستا اولھ طرف بازنظيني ايمپائر جي سرحد لڳ قارديسيا(انگريزي: Qarqeesia) ۽ ھيت(انگريزي: Heet) جي قلعن کي ھٿ ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا. تيسيفان کسجي وڃڻ کان پوءِ فارسي لشڪر تيسيفان جي اتر اوڀر ۾ جلولا ۽ درياءَ دجلا جي اتر ۾ تڪرت ۽ موصول وٽ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا پر مسلمان عربن کي سڀ کان وڌيڪَ خطرو جلولا وث ھيو جنھن علائقي جي عراق ، خراسان ۽ آذربائيجان جي رستن جي ڪري جنگي اھميت ھئي. جلولا واري فارسي لشڪر جو ڪمانڊر مھران ھيو ان جو نائب جنرل فرخزاد ھيو، جيڪو قادسيہ واري جنگ ۾ ساساني لشڪر جي ڪمانڊر رستم فرخزاد جو ڀاءُ هو. سعد بن ابي وقاص معاملي جي رپورٽ خليفي عمر بن خطاب کي موڪلي ء خليفي فيصلو ڪيو تہ پھرين جلولا واري محاذ کي منھن ڏجي بعد ۾ تڪرت ۽ موصول واري پاسي کي. خليفي عمر ھاشم بن عتبہ کي جلولا واري مھم تي روانو ڪيو. اپريل 637 عيسويءَ ۾ ھاشم 12000 فوجين جي لشڪر سان تيسيفان مان نڪتو ۽ جلولا وٽ ساساني لشڪر کي شڪست ڏئي جلولا جو محاصرو ڪيو جيڪو ست مهينا جاري رھيو جنھن بعد جلولا وارا پيش پيا ۽ جزيو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
جنگ جا ساساني ايمپائر تي اثرات
[سنواريو]رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:جنگ قادسيه کان پوءِ، بلوچن جي سپهه سالار ’سياهه سوار‘ کي، جيڪو يزدگرد جي محافظ فوج مٿان هو، پڪ ٿي ته ايراني هرگز عربن کان کٽي ڪين سگهندا، تنهن ڪري هو بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري اسلامي لشڪر سان وڃي شامل ٿيو. ورهين کان بلوچن ۽ زط (جاٽ) قبيلن ايراني لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، يونان تائين، درفش ڪايانيءَ هيٺ جنگيون جوٽيون هيون، سي هينئر ايراني فوجن کان ڇڄي عربن جا طرفدار ٿي بيٺا [2]. سنه 16ھ (637ع) ۾ هشام بن عتبه، جلولا جي جنگ ۾ ايرانين کي شڪست فاش ڏيئي، آرمينيا، آذربائيجان، خراسان، سيستان، ڪرمان ۽ مڪران تي قبضو ڪيو. زط (جاٽ)، بلوچ، اسواره، سيايحته، اندغار قومن اسلام اختيار ڪيو. مٿينءَ شڪست کان پوءِ يزدگرد سانده اَٺن سالن تائين خاقان چين کان مدد وٺڻ جي اميد ۾ خراسان ۾ دربدر ڀٽڪندو رهيو. آخر 23 آگسٽ سنه 651ع ۾ حضرت عثمان رضه جي زماني ۾ مرو جي هڪڙي جانڊاهي سندس قيمتي پوشاڪ هٿ ڪرڻ جي ارادي سان کيس قتل ڪري سندس لاش درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. [3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 http://www.iranicaonline.org/articles/arab-ii
- ↑ فتوح البلدان: بلاذري، ص – 289. ’الفاروق‘: شبلي نعماني، جلد-2، ص -214-بلوچستان نالو، نادرشاه بلوچن جي ملڪ تي رکيو هو. اڳ سندس مختلف نالا هئا. هيروڊوٽس هن علائقي تي ’پڪٽائي‘ نالو رکيو، يعني پشتو زبان جو علائقو. استرابو، بلوچستان جي ڀاڱن تي ڌار ڌار نالا رکيا هئا، جهڙوڪ: گيدروشيا (مڪران)، آرچوسيا (سراوان) ۽ ڊرئنگيانا (سيستان). عرب فاتحن جهالاوان تي ’قيقانا‘ ۽ ڪڇيءَ تي ’ٻڌا‘ نالا رکيا هئا. ڏسو منهنجي’مختصر تاريخ بلوچستان‘ نالو، ريلوي اليڪٽرڪ پريس، سکر، 1941ع The Cambridge History of India, Vol-I, CHP-XIV, PP.340-341
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي