جان محمد عباسي رح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مولانا جان محمد عباسي
تاريخ پيدائش: 1923ع
پیدائش جو ضلعو: لاڙڪاڻو
وفات جي تاريخ: 2003ع
وفات جی جاء: ڪراچي

مولانا جان محمد عباسي جماعت اسلامي پاڪستان جو سينئر اڳواڻ ھو۔ ھي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو ھو۔ مولانا کي 1958ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي امير جماعت جي عهدي تي ترقي ڏني وئي۔ هو بعد ۾ سنڌ صوبي جو امير ۽ پوءِ جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير چونڊيو ويو.

عباسي صاحب پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ تمام گهڻو مشهور هو، پر 1977ع ۾ جڏهن هن لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ تان ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي خلاف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس اغوا ڪيو ويو، جنهن سبب ھو بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي.

مولانا جي سياسي زندگي چونڊین جي جنگين سان ڀريل هئي، پر کيس ڪڏهن به چونڊن ۾ ڪاميابي نه ملي. جڏهن ته 1983ع ۾ سندس هڪ پٽ قربان علي عباسي لاڙڪاڻي ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. مولانا جماعت اسلامي کي عوام ۾ مقبول ۽ قابل قبول بنائڻ جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. ء لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.