جارج پنجون (برطانيا)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جارج پنجون (برطانيا)
George V is pale-eyed, grey-bearded, of slim build and wearing a uniform and medals
جارج پنجون 1923 ۾
يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ ان جي قبضي وارن علائقن جو بادشاھ، ۽ انڊيا جو شھنشاھ
6 مئي 1910 – 20 جنوري 1936
شاھي درٻار 12 ڊسمبر 1911
پيشرو ايڊورڊ ستون
جانشين ايڊورڊ اٺون
جيون ساٿي ميري آف ٽيڪ (ش. 6 جولاء 1893)
نسل
تفصيل
پورو نالو
جارج فريڊرڪ ارنيسٽ البرٽ
گهراڻو

1917 کان)

پيءُ ايڊورڊ ستون
ماءُ اليگزينڊرا آف ڊينمارڪ
جنم 3 جون 1865(1865-06-03)
مارلبرا ھائوس، لنڊن
لاڏاڻو 20 جنوري 1936 (عمر 70 سال)
سينڊرنگھم ھائوس، نارفاڪ
تدفين 28 جنوري 1936
سينٽ جارج واري چيپل، ونڊسر ڪاسل
دستخط

جارج پنجون:(انگريزي: George V ) يا جارج فريڊرڪ ارنيسٽ البرٽ 3 جون 1865 ۾ پيدا ٿيو ۽ 20 جنوري 1936 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 6 مئي 1910 کان پنھنجي وفات تائين يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ برطانوي ڪنٽرول وارن علائقن جو بادشاھ ۽ انڊيا جو شھنشاھ ھيو. پنھنجي ڏاڏي راڻي وڪٽوريا جي دؤر ۾ پيدا ٿيو. بادشاھ ٿيڻ کان اڳ بحري فوج ۾ ملازم ھيو ۽ ڀاء البرٽ وڪٽر جي وفات کان پوءِ بادشاھ بڻيو. روسي بادشاھ نڪولس ٻيون ۽ جرمني جو بادشاھ ولھيم ٻيون ھن جا ماسات ھيا.

شروعاتي تعليم ۽ ملازمت[سنواريو]

ھي 3 جون 1865 ۾ لنڊن جي مارلبرا ھائوس ۾ پرنس آف ويلز البرٽ ايڊورڊ جي گھر ۾ پيدا ٿيو سندس ماءُ پرنسيس آف ويلز ، اليگزينڊرا ھئي جنھن جو ھي ٻيون پٽ ھيو. ھن جو پيءُ راڻي وڪٽوريا جو وڏو پٽ هو ۽ ماء ڊينمارڪ جي بادشاھ ڪرسچين نائون جي وڏي نياڻي ھئي.

Boy wearing a sailor suit
جارج پنجون 1870 ۾ جڏھن پنجن سالن جو هو

تخت جي وارثي م پنھنجي ڏاڏي وڪٽوريا کان پوء ھي ٽئين نمبر تي ھيو تنھن ڪري ھن جي بادشاھ ٿيڻ جي اميد ڪانہ ھئي. پھرين نمبر تي سندس پيءُ ۽ ٻئين نمبر تي سندس وڏو ڀاء تخت جو وارث ھيو. ٻنھي ڀائرن جي تعليم ۽ تربيت گڏ ٿي ھئي.[1] ٻئي ڀائر برطانيا جي رائل نيوي ۾ شامل ٿيا ۽ 1879 ۾ ٽي سال ڪيريبئن، ورجينيا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا، مصر ۽ اوڀر ايشيا جو سفر ڪيو 1881 ۾ جارج جپان پڻ ويو جتي شھنشاھ ميجي ۽ راڻي ھاروڪو سان ملاقات ڪيائين.[2]

جارج پنجون 1893 ۾

برطانوي بحريه ۾ ھن ڪيترائي سال پنھنجي چاچي پرنس الفريڊ، ڊيوڪ آف ايڊنبرگ جي ڪمان ۾ مالٽا ۾ ڪم ڪيو. 1892 ۾ ھن جي ڀاء الفريڊ وڪٽر جي وفات بعد ھن جو تخت جي وارثي ۾ پيءُ بعد ٻيون نمبر ٿي ويو[3] جنھن ڪري ھن نوڪري ڇڏي ڏني. 24 مئي 1892 م راڻي وڪٽوريا کيس ڊيوڪ آف يارڪ، ارل آف انورنيس ۽ بئرن آف ڪلارني مقرر ڪيو[4] ھن پوء آئيني تاريخ تي جي آر ٽرنر کان سبق پرايا.[5].

شادي ۽ اولاد[سنواريو]

نوڪري دوران مالٽا ۾ چاچي جي ڪمان ۾ رھڻ دوران چاچي پرنس الفريڊ جي ڌيميري آف ايڊنبرگ سان پيار ٿي ويس پر ان سان شادي لاء ھن جي ماء ۽ ميري آف ايڊنبرگ جي ماء مخالفت ڪئي جنھن بعد ميري آف ايڊنبرگ شادي جي آڇ قبول نہ ڪئي.

جارج پنجون ۽ ميري ميري آف ٽيڪ شادي وقت

نومبر 1891 ۾ ھن جي وڏي ڀاء الفريڊ وڪٽر پنھنجي ماسات شھزادي وڪٽوريا ميري آف ٽيڪ سان مڱڻي ڪئي جيڪا 'شھزادي مئي, جي نالي سان مشھور ھئي. پر مڱڻي کان ڏيڍ مھينو گذرڻ بعد الفريڊ وڪٽر نمونيا جي ڪري گذاري ويو. ھڪ سال گذرڻ بعد جارج شھزادي مئي کي شادي جي آڇ ڪئي جيڪا ان قبول ڪئي اھڙي طرح 6 جولاء 1893 م لنڊن جي سينٽ جيمز پئليس ۾ سندن شادي ٿي. ۽ پوري زندگي انھن ھنن ھڪٻئي کي ارپيندي گذاري.

جارج پنجون 1899 ۾ پنھنجي اولاد: ايڊورڊ, البرٽ۽ ميري سان گڏ

شھزادي مئي مان ھن کي پنج پٽ: ايڊورڊ اٺون، جان، جارج ڇھون، جارج ڊيوڪ آف ڪينٽ ۽ ھينري ۽ ھڪ نياڻي ميري اولاد ھئي. رڊولف چرچل لکيو آهي تہ ھن جو پنھنجي اولاد تي ڪافي رعوب ھوندو ھو ۽ پاڻ وري زال جي رعب ۾ ھوندو ھو[6][7].1901 م شھزادو جارج ۽ شھزادي مئي برٽش ايمپائر جو دؤرو ڪيو.

پرنس آف ويلز[سنواريو]

22 جنوري 1901 م راڻي وڪٽوريا وفات ڪري وئي ۽ جارج جو پيءُ ايڊورڊ ستون بادشاھ ٿيو. ھن کي ڊيوڪ آف ڪارنوال جو رتبو پڻ مليو ۽ ھي پوء ڊيوڪ آف يارڪ ۽ ڪارنوال سڏجڻ لڳو[8]. اھي جبرالٽر، پورٽ سعيد، عدن، سيلون، سنگاپور، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ماريشس، ڏکڻ آمريڪا، ڪئناڊا، نيو فائونڊ لينڊ ڪالوني گھميا.

آسٽريليا ۾ گڏيل دولت (دولت مشترڪہ) جي قيام بعد پارليامينٽ جي پھرين اجلاس جي شروعات ھن کان ڪرائي وئي[9].

ھڪ پينٽنگ ۾ ڊيوڪ جارج 9 مئي 1901 م آسٽريليا جي پارليامينٽ جي پھرين اجلاس جي شروعات وقت ڏيکاريل

9 ڊسمبر 1901 ۾ کيس پرنس آف ويلز ۽ ارل آف چيسٽر جو رتبو مليو[10]. راڻي وڪٽوريا پنھنجي پٽ ايڊورڊ ستون کي سرڪاري معاملن کان پري رکيو ھو ان جي ابتڙ ھن ايڊورڊ ھن کي سرڪاري معاملن ۾ شامل ڪري مستقبل جي ذميواري لاء تيار ڪيو ۽ کيس ھر سرڪاري رڪارڊ ڏسڻ جي اجازت ڏني [11]. نومبر 1905 کان مارچ 1906 تائين شھزادي جارج ۽ شھزادي مئي برٽش انڊيا جو دؤرو ڪيو جتي ماڻھن انگريزن جي نسلي برتري ۽ مقامي ماڻھن جي حڪومت ۾ شراڪت جي تحريڪ جي ڪري ساڻس نفرت جو اظھار ڪيو[12]. انڊيا کان واپسي م اسپين آيا جتي جارج پنھنجي ماسات وڪٽوريا ايوجيني آف بيٽنبرگ جي اسپين جي بادشاهه الفونسو تيرھون سان شادي م شرڪت ڪئي. شادي دؤران شاھي بگي تي ماتو مورال نالي ھڪ انارڪسٽ بم اڇلايو جنھن ۾ بگي جو ڊرائيور ۽ ڪجهه روڊ تي بيٺل ماڻھو مارجي ويا پر گھوٽ ۽ ڪنوار بچي ويا.برطانيا واپسي کان ھڪ ھفتو پوء ناروي جي بادشاھ ھاڪون ستون جي تاجپوشي م شرڪت لاءِ اوڏانهن ويا.

بادشاھ ۽ شھنشاھ[سنواريو]

سونو سڪو جنھن تي جارج پنجون جي مورت ٺھيل

6 مئي 1910 ۾ ايڊورڊ ستون وفات ڪري ويو ۽ جارج پنجون يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ ان جي غلبي وارن علائقن جو بادشاھ ۽ برٽش انڊيا جو شھنشاھ ٿيو ۽ سندس زال راڻي ميري سڏجڻ لڳي[13]. 1911 م بادشاھ ۽ راڻي انڊيا گھمڻ ويا جتي دھلي جي درٻار ۾ ھڪ تقريب م شرڪت ڪئي جنھن م برٽش انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتي مان دھلي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ھي واحد بادشاھ ھيو جنھن برٽش انڊيا جو دؤرو ڪيو. ھن نيپال م ڏھ ڏينھن شڪار دوران 21 چيتا ۽ 8 گينڊا ۽ رڇ ماريا ھيا[14]. ھي وڏو نشانچي ھيو[15]. 18 ڊسمبر 1913 تي ھن ڇھڻن ڪلاڪن ۾ ھڪ ھزار چڪور ماريا ھيا.ھن ھر ويھن سيڪنڊن ۾ ھڪ چڪور ماريو.

1911 م جارج پنجون ء راڻي ميري دھلي جي درٻار ۾

ھي سياسي بيچينيءَ واري دور ۾ بادشاھي ۾ آيو[16]. مئي 1922 م ھي بيلجيم ۽ اتر فرانس جو دورو ڪيو[17].1923 ۾ اٽلي جي دوري تي ويو. پھرين جنگ عظيم کان اڳ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ بادشاھن جو راڄ ھيو جن م اڪثر جارج جا عزيز ھيا. پر پھرين جنگ عظيم ۽ ان کان پوءِ جي يورپ ۾ روس، جرمني، يونان، آسٽريا ۽ اسپين ۾ بادشاھتن جو خاتمو ٿي چڪو ھو. آئرلينڊ م جنگ آزادي ڇڙي چڪي ھئي جتي وزيراعظم ڊيوڊ لائڊ جارج جي خونخرابي واري پاليسي تي ھن پنھنجي ڳڻتي جو اظھار پڻ ڪيو[18].

1934 ۾ ڪرسمس جي موقعي تي ريڊيو تي تقرير ڪندي

ھن جا پنھنجي وڏي پٽ ۽ تخت جي وارث ايڊورڊ اٺون سان پوئين دور ۾ تعلقات بگڙيل رھيا. ايڊورڊ جا شادي شده عورتن سان معاشقا ان بگاڙ جو وڏو سبب ھيا. ھن کي پنھنجو ٻيون نمبر پٽ جارج ڇھون ۽ وڏي پوٽي ايلزبيٿ ٻين موزون لڳندا ھيا. ايلزبيٿ کي ھي پيار مان لليبيٽ سڏيندو هو ۽ ھوءَ بہ شفقت جي ڪري کيس ڏاڏو انگلينڊ سڏيندي هئي[19].

آخري ڏينھن ۽ وفات[سنواريو]

ھي 28 آڪٽوبر 1915 فرانس م فوجين جو جائزو وٺڻ وقت گھوڙي جي گھ ڪرڻ تي گھوڙي تان ڪري زخمي ٿيو هو، ان کان علاوہ ھن ڏاڍي تماڪ نوشي ڪئي ھئي جنھن ڪري ھن کي دم جي تڪليف رھندي ھئي. ان تڪليف جي ڪري آخري ڏينھن م کيس آڪسيجن پڻ ڏني ويندي ھئي.[20][21][22] [23] 1935 ۾ سندس ڀيڻ وڪٽوريا جي موت کيس اداس ڪري ڇڏيو.15 جنوري 1936 ۾ کيس ٿڌ لڳڻ جي ڪري سينڊرنگھم محل جي ڪمري ۾ سمھاريو ويو ۽ فوت ٿيڻ تائين ان ڪمري ۾ ئي رھيو.[24] 21 جنوري 1936 ۾ وفات ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Clay, p. 39; Sinclair, pp. 46–47
  2. Keene, Donald Emperor of Japan: Meiji and His World, 1852–1912 (Columbia University Press, 2002) pp. 350–351
  3. Matthew, H. C. G. (September 2004; online edition May 2009) "George V (1865–1936)", Oxford Dictionary of National Biography, Oxford University Press, سانچو:Doi, retrieved 1 May 2010 (Subscription required)
  4. Clay, p. 149
  5. Clay, p. 150; Rose, p. 35
  6. Rose, pp. 53–57; Sinclair, p. 93 ff
  7. Vickers, ch. 18
  8. Rose, pp. 44–45
  9. Rose, pp. 43–44
  10. سانچو:London Gazette
  11. Clay, p. 244; Rose, p. 52
  12. Rose, pp. 61–66
  13. Pope-Hennessy, p. 421; Rose, pp. 75–76
  14. Rose, p. 136
  15. Rose, pp. 39–40
  16. Rose, p. 115
  17. Pinney, Thomas (ed.) (1990) The Letters of Rudyard Kipling 1920–30, Vol. 5, University of Iowa Press, note 1, p. 120, ISBN 978-0-87745-898-2
  18. Nicolson, p. 347; Rose, pp. 238–241; Sinclair, p. 114
  19. Pimlott, Ben, The Queen, John Wiley and Sons, Inc, ISBN 978-0-471-19431-6 
  20. Roberts, Andrew, Antonia Fraser, وڪي نويس., The House of Windsor, London: Cassell and Co, صفحو. 36, ISBN 978-0-304-35406-1 
  21. Ashley, Mike, The Mammoth Book of British Kings and Queens, London: Robinson Publishing, صفحو. 699 
  22. Rose, pp. 360–361
  23. Bradford, Sarah, King George VI, London: Weidenfeld and Nicolson, صفحو. 149, ISBN 978-0-297-79667-1 
  24. Pope-Hennessy, p. 558

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]