دھلي درٻار 1911

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حيدرآباد جو نظام شھنشاھ ۽ ملڪہ کي دھلي درٻار 1911 ۾ خراج تحسين پيش ڪندي

22 مارچ 1911 تي شاھي اعلان ڪيو ويو تہ ڊسمبر جي مھيني ۾ ڪجهه مھينا اڳ ٿيڻ واري جارج پنجون ۽ ميري جي تاجپوشي جي ياد ۾ دھلي ۾ درٻار لڳندي جنھن ۾ بادشاھ ۽ ملڪہ انڊيا جي انڊيا جي معززين سان ملاقات ٿيندي. ان درٻار جون سرڪاري سرگرميون 7 ڊسمبر کان 16 ڊسمبر تائين ھليون ۽ درٻار 12 ڊسمبر تي منعقد ٿي.[1] شاھي جوڙو تاجپوشي واري باغ ۾ پھتو. بادشاھ انڊيا جي شھنشاھ واري لباس ۾ شھنشاھ وارو تاج پھريل ھو جنھن ۾ اٺ ونگ ھئا جن ۾ 6170 ھيرا ۽ قيمتي نيلم، زمرد ۽ ياقوت جڙيل ھيا. شاھي جوڙي کي مقامي رياستن جي شھزادن خراج تحسين پيش ڪيو جن ۾ بيگم ڀوپال ڪيخسرو جھان شامياني ۾ ويٺي.[2] ان بعد شاھي جوڙو گنبذ جھڙي شاھي چبوتري تي چڙھي گادي جو هنڌ ڪلڪتي کان دھلي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.شاھي جوڙي بنگال جي 1905 ۾ ٿيل تقسيم جي خاتمي جو اعلان پڻ ڪيو. [3]. 13 ڊسمبر تي شاھي جوڙي دھلي جي لال قلعي جي بالڪونيءَ مان تقريبن پنج لک ماڻھن کي پنھنجي زيارت ڪرائي جيڪا روايت شاھ جھان شروع ڪئي ھئي .[4] جنھن بعد شھنشاھ بادشاھ پنجاھ ھزار فوجين جي پريڊ جي صدارت ڪئي. دھلي درٻار ۾ 1911 ۾ 26800 تمغا فوجين، آفيسرن ۽ انڊيا جي ماڻھن ۾ ورھايا ويا.

حوالا[سنواريو]