جارج اسٽيفنسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جارج اسٽيفنسن
(انگريزي ۾: George Stephenson خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 9 جُونِ 1781[1][2][3][4][5][6][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 12 آگسٽ 1848 (67 سال)[8][1][2][3][4][5][7][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
جارج اسٽيفنسن، انجنيئر ۽ سائنسدان

جارج اسٽيفنسن ريلوي انجڻ ٺاهيندڙ، مشهور انجنيئر، جو جنم 9 جون 1781ع تي انگلينڊ جي نارٿ امبرلئنڊ رياست جي وائلم (Wylam) شهر ۾ ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي نيو ڪيسل (New castle) ۾ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ تي ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪا کاڻين مان ڪوئلي ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي، 19 سالن جي عمر ۾ هن اُن انجڻ کي هلائڻ جي قابل بڻائي ورتو.

تعليم ۽ شادي[سنواريو]

تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن رات جو هلندڙ هڪ اسڪول ۾ داخلا ورتي. ان کان پوءِ جلد هن شادي ڪئي ۽ ضرورتون وڌي وڃڻ سبب کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون جُتيون ٺاهڻ، واچون ٺاهڻ ۽ انهن جا ڪپڙا سبڻ شروع ڪيائين.

شهرت[سنواريو]

ٿوري ئي عرصي ۾ سندس غير معمولي ذهانت کي ڏسندي کيس ڪلنگ ورٿ (Killingworth) ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ چيف مڪينڪ مقرر ڪيو ويو. 1803ع ڌاري اسٽيفنسن کي رابرٽ نالي هڪ پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سندس ڪم ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيو. 1813ع ڌاري اسٽيفنسن ڀر واري ڪوئلن جي کاڻين ۾ ڦيٿن تي هلندڙ ٻاڦ جي بائلرن (بٺين) جي جائزي وٺڻ لاءِ دورو ڪيو، جيڪي جان بلينڪن ساپ (John Blenkinsopp) ٺاهيا هئا. جائزي دوران کيس معلوم ٿيو ته کانچي وارن ڦيٿن هئڻ جي ڪري ريل حادثن جا امڪان وڌيڪ آهن. اسٽيفنسن جي ذهن ۾ آيو ته اُن مسئلي جي حل لاءِ ڪو قدم کڻجي.

مهارتي سفر[سنواريو]

هن ’ڪلنگ ورٿ‘ جي مالڪ لارڊ راونس ورٿ (Lord Ravens worth) سان صلاح مشوري ڪرڻ کانپوءِ بلوشر (Blucher) نالي هڪ انجڻ ٺاهي، جيڪا ڪوئلي جي 30 ٽن کڻندڙ اٺن ويگنن کي 4 ميل (6 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڇڪي ٿي سگهي. اسٽيفنسن اُن انجڻ مان به مطمئن نه ٿيو. هن انجڻ جي رفتار کي اڃا به وڌائڻ جي ڪوشش جاري رکي ۽ اسٽيم بلاسٽ نالي هڪ انجڻ ٺاهي، گهربل رفتار جو پورائو ڪيو. 1821ع ڌاري هن کي اسٽاڪٽن (Stockton) کان ڊارلنگٽن (Darlington) تائين هڪ ريل روڊ واري پراجيڪٽ جي تعمير جي خبر پئي. هن ڊارلنگٽن وڃي پراجيڪٽ شروع ڪندڙ ائڊورڊ پيز (Edward Pease) کي انٽرويو ڏنو، جنهن کانئس متاثر ٿي کيس ٻاڦ تي هلندڙ ريلوي انجڻ ٺاهڻ جي اجازت ڏني. 27 سيپٽمبر 1825ع تي جڏهن ريل جي پٽڙي تيار ٿي. تڏهن اسٽيفنسن جي تيار ڪيل انجڻ ڊارلنگٽن کان 450 ماڻهو کڻي 15 ميل (24 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان پٽڙيءَ تي رواني ٿي اسٽاڪٽن پهتي. 1829ع ڌاري لور پول (Liverpool) ۽ مانچيسٽر (Manchester) شهرن جي وچ ۾ 40 ميلن (64 ڪلوميٽرن) جي ريلوي لائين وڇائي وئي ته ان رستي تي هلڻ لاءِ ريل جي ڪيترين ئي انجڻن جو مقابلو ٿيو. ان مقابلي ۾ اسٽيفنسن جي تيار ڪيل نئين انجڻ ’راڪيٽ‘، جيڪا هن پنهنجي پٽ رابرٽ سان گڏجي تيار ڪئي هئي، 36 ميل (58 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان مقابلو کٽي ورتو. ان کانپوءِ برطانيا، يورپ ۽ اُتر آمريڪا ۾ تيزيءَ سان ريلوي لائينون وڇايون ويون. رستن جي تعميراتي مسئلن، پُلين جي نمونن ۽ انجڻين جي ٺهڻ لاءِ اسٽيفنسن ۽ سندس پُٽ ’رابرٽ‘ جون خدمتون حاصل ڪيون.

انگلينڊ ۾ ڪارخانو[سنواريو]

هن انگلنڊ ۾ انجڻن ٺاهڻ جو هڪ ڪارخانو به قائم ڪيو، جيڪو هر سال بهترين 10 انجڻيون جوڙيندو رهيو. اهڙيءَ طرح انگلينڊ سان گڏ ٻين ملڪن ۾ به ريل گاڏين جو رواج پيو. انهن سمورن ملڪن ڏانهن اسٽيفنسن جي ڪارخاني ۾ ٺهندڙ انجڻيون موڪليون ويون. 1901ع تائين تقريباً 145 ريلوي انجڻيون انهيءَ ڪارخاني مان دنيا جي مختلف ملڪن جهڙوڪ: سريلنڪا، هندستان، آسٽريليا، ارجنٽائن ۽ ڏکڻ آفريڪا ڏانهن موڪليون ويون.

وفات[سنواريو]

جارج اسٽيفنسن، 12 آگسٽ 1848ع تي وفات ڪئي. [10]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w622366f — subject named as: George Stephenson — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  2. 2.0 2.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/13737711 — subject named as: George Stephenson — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. 3.0 3.1 Structurae person ID: https://structurae.net/persons/1002265 — subject named as: George Stephenson — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/stephenson-george — subject named as: George Stephenson — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  5. 5.0 5.1 Store norske leksikon ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4342&url_prefix=https://snl.no/&id=George_Stephenson — subject named as: George Stephenson — عنوان : Store norske leksikon
  6. 6.0 6.1 Oxford Dictionary of National Biography ID: https://www.oxforddnb.com/view/article/26397 — مدیر: Colin Matthew — عنوان : Oxford Dictionary of National Biography — ناشر: آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس
  7. 7.0 7.1 Hrvatska enciklopedija ID: https://www.enciklopedija.hr/Natuknica.aspx?ID=58020 — subject named as: George Stephenson — مصنف: Dalibor Brozović۽ Tomislav Ladan — عنوان : Hrvatska enciklopedija — ناشر: Miroslav Krleža Lexicographical Institute — ISBN 978-953-6036-31-8
  8. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14446486b — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  9. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14446486b — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  10. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011