تيان شان جبلن جو سلسلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تیان شان

Tian Shan


天山

The Tian Shan range on the border between China, Kazakhstan and Kyrgyzstan with Khan Tengri (7,010 m) visible at center
اوچي سطح
چوٽي جینگش چوکوسو
بلندي 7٬439 m (24٬406 ft)
امتياز [اوزا تبديل: needs a number]
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
مقانيت
جاگرافي
Countries China, Kazakhstan, Kyrgyzstan, Uzbekistan and Tajikistan
ارضيات
سرڪاري نالو Xinjiang Tianshan
قسم Natural
معيار vii, ix
عهدو 2013 (37th session)
حوالا نمبر. 1414
Region Asia
سرڪاري نالو Western Tien-Shan
قسم Natural
معيار x
عهدو 2016 (40th session)
حوالا نمبر. 1490
Region Asia

تيان شان (چیني:天山؛ روسی:Тянсан؛ منگول:𐰴𐰣 𐱅𐰭𐰼𐰃؛ تووا:Тэнгэр уул؛ ایغور: تەڭرىتاغ؛ قازق:Тәңіртауы/Алатау؛ کرغز: Теңир-Тоо/Ала-Тоо؛ ازبک:Тян-Шан) جنهن کي "ٽينگري تاگ"[1] يا "ٽينگر-تو"،[2] جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا جا جبل/جنت“، وچ ايشيا ۾ جبلن جي سلسلو جو هڪ وڏو نظام آهي. سڀ کان وڏي چوٽي جینگش چوکوسو آهي، جيڪا 7٬439 ميٽر (24٬406 ft) بلند آھي. ان جو هيٺيون نقطو طورپان ڊپريشن آهي، جيڪو 154 میٹر (505 فوت) سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي.[3]

انهن جبلن جي قديم ترين تاريخي حوالن مان هڪ شايد زیونگنو لفظ قلیان (چینی:祁连:Qílián) سان لاڳاپيل هجي، جيڪو، تانگ مبصر يان شيگو جي مطابق، "آسمان" لاء زیونگنو لفظ آهي.[4] سيما ڪيان، گرانڊ مورخ، جي رڪارڊ ۾، يوزي (Yuezhi) جي وطن جي حوالي سان "قليان" جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ اهو اصطلاح جبلن جي سلسلي جی بدران، 1500 کلومیٹر (930 میل) اڳتي اوڀر تيان شان ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جيڪو هاڻي "قليان جبل" طور سڃاتو وڃي ٿو.[5] [6] روس جی ریاست تووا (Tuva) ۾ "تنن۔اولا" جبل جي نالي جي ساڳي معني آهي. چيني نالو تيان شان گهڻو ڪري جبلن جي روايتي ڪرغز نالي، "تينرٽو" جو سڌو ترجمو آهي.[1]

تيان شان جبل ٽينگری مذھب ۾ مقدس جبل آهي. ان جي ٻي بلند ترين چوٽي "خان ٽينگري" جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جو ترجمو ٿي سگهي ٿو "روحن جو خدا".[7] سال 2013ع جي عالمي ورثي واري ڪانفرنس ۾، چين جي اولهه واري علائقي شنجيانگ ۾ تيان شان جي اڀرندي حصي کي عالمي ورثي واري ماڳ طور درج ڪيو ويو.[8] قزاقستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان ۾ اولهه وارو حصو وري سال 2016ع ۾ درج ڪيو ويو.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Prichard, James (1844). History of the Asiatic Nations. IV (3rd ed.). p. 281. 
  2. "Ensemble Tengir-Too". Aga Khan Trust for Culture. وقت 5 July 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 July 2019. 
  3. Scheffel, Richard L., ed (1980). Natural Wonders of the World. USA: Reader's Digest Association, Inc.. p. 378. ISBN 978-0-89577-087-5. 
  4. 班固 (2015-08-20). 漢書: 顏師古註 Hanshu: Yan Shigu Commentary. https://books.google.com/books?id=qo9kCgAAQBAJ&pg=PT985. Retrieved 2016-09-10. "祁連山即天山也,匈奴呼天為祁連 (translation: Qilian Mountain is the Tian Shan, the Xiongnu called the sky qilian)" 
  5. Liu, Xinru, "Migration and Settlement of the Yuezhi-Kushan: Interaction and Interdependence of Nomadic and Sedentary Societies", Journal of World History (2): 261–291, doi:10.1353/jwh.2001.0034 
  6. Mallory, J. P.; Mair, Victor H. (2000). The Tarim Mummies: Ancient China and the Mystery of the Earliest Peoples from the West. London: Thames & Hudson. p. 58. ISBN 978-0-500-05101-6. https://archive.org/details/tarimmummiesanci00mall/page/58. 
  7. Wilkinson, Philip (2 October 2003). Myths and Legends. Stacey International. p. 163. ISBN 978-1900988612. https://books.google.com/books?id=bJ7Lxae-bmIC&pg=PA163. Retrieved 11 September 2016. 
  8. "新疆天山成功申遗". وقت 2013-06-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-06-22. 
  9. "Western Tien-Shan". UNESCO World Heritage Centre. United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization. وقت 7 July 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 July 2016.