مواد ڏانھن هلو

تيان شان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تیان شان

Tian Shan


天山
The Tian Shan range on the border between China, Kazakhstan and Kyrgyzstan with Khan Tengri (7,010 m) visible at center
اوچي سطح
چوٽيجینگش چوکوسو
بلندي7,439 m (24,406 ft)
مقانيت
جاگرافي
CountriesChina, Kazakhstan, Kyrgyzstan, Uzbekistan and Tajikistan
ارضيات
سرڪاري نالوXinjiang Tianshan
قسمNatural
معيارvii, ix
عهدو2013 (37th session)
حوالا نمبر.1414
RegionAsia
سرڪاري نالوWestern Tien-Shan
قسمNatural
معيارx
عهدو2016 (40th session)
حوالا نمبر.1490
RegionAsia

تيان شان (چیني:天山؛ روسی:Тянсан؛ منگول:𐰴𐰣 𐱅𐰭𐰼𐰃؛ تووا:Тэнгэр уул؛ ایغور: تەڭرىتاغ؛ قازق:Тәңіртауы/Алатау؛ کرغز: Теңир-Тоо/Ала-Тоо؛ ازبک:Тян-Шан) جنهن کي "ٽينگري تاگ"[1] يا "ٽينگر-تو"،[2] جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا جا جبل/جنت“، وچ ايشيا ۾ جبلن جي سلسلو جو هڪ وڏو نظام آهي. سڀ کان وڏي چوٽي جینگش چوکوسو آهي، جيڪا 7,439 metres (24,406 ft) بلند آھي. ان جو هيٺيون نقطو طورپان ڊپريشن آهي، جيڪو 154 میٹر (505 فوت) سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي.[3]

انهن جبلن جي قديم ترين تاريخي حوالن مان هڪ شايد زیونگنو لفظ قلیان (چینی:祁连:Qílián) سان لاڳاپيل هجي، جيڪو، تانگ مبصر يان شيگو جي مطابق، "آسمان" لاء زیونگنو لفظ آهي.[4] سيما ڪيان، گرانڊ مورخ، جي رڪارڊ ۾، يوزي (Yuezhi) جي وطن جي حوالي سان "قليان" جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ اهو اصطلاح جبلن جي سلسلي جی بدران، 1500 کلومیٹر (930 میل) اڳتي اوڀر تيان شان ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جيڪو هاڻي "قليان جبل" طور سڃاتو وڃي ٿو.[5] [6] روس جی ریاست تووا (Tuva) ۾ "تنن۔اولا" جبل جي نالي جي ساڳي معني آهي. چيني نالو تيان شان گهڻو ڪري جبلن جي روايتي ڪرغز نالي، "تينرٽو" جو سڌو ترجمو آهي.[1]

تيان شان جبل ٽينگری مذھب ۾ مقدس جبل آهي. ان جي ٻي بلند ترين چوٽي "خان ٽينگري" جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جو ترجمو ٿي سگهي ٿو "روحن جو خدا".[7] سال 2013ع جي عالمي ورثي واري ڪانفرنس ۾، چين جي اولهه واري علائقي شنجيانگ ۾ تيان شان جي اڀرندي حصي کي عالمي ورثي واري ماڳ طور درج ڪيو ويو.[8] قزاقستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان ۾ اولهه وارو حصو وري سال 2016ع ۾ درج ڪيو ويو.[9]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Prichard, James (1844). History of the Asiatic Nations. جلد IV (3rd ڇاپو). ص. 281.
  2. "Ensemble Tengir-Too". Aga Khan Trust for Culture. اصل نسخو مان 5 July 2019 تي محفوظ ڪيل. 5 July 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. Scheffel, Richard L.; Wernet, Susan J., مرتب (1980). Natural Wonders of the World. USA: Reader's Digest Association, Inc. ص. 378. ISBN 978-0-89577-087-5.
  4. 班固 (2015-08-20). 漢書: 顏師古註 Hanshu: Yan Shigu Commentary. اصل نسخو مان 2023-01-14 تي محفوظ ڪيل. 2016-09-10 تي حاصل ڪيل. 祁連山即天山也,匈奴呼天為祁連 (translation: Qilian Mountain is the Tian Shan, the Xiongnu called the sky qilian)
  5. Liu, Xinru (Fall 2001), "Migration and Settlement of the Yuezhi-Kushan: Interaction and Interdependence of Nomadic and Sedentary Societies", Journal of World History, 12 (2): 261–291, doi:10.1353/jwh.2001.0034
  6. Mallory, J. P.; Mair, Victor H. (2000). The Tarim Mummies: Ancient China and the Mystery of the Earliest Peoples from the West. London: Thames & Hudson. ص. 58. ISBN 978-0-500-05101-6.
  7. Wilkinson, Philip (2 October 2003). Myths and Legends. Stacey International. ص. 163. ISBN 978-1900988612. اصل نسخو مان 14 January 2023 تي محفوظ ڪيل. 11 September 2016 تي حاصل ڪيل.
  8. "新疆天山成功申遗". اصل نسخو مان 2013-06-27 تي محفوظ ڪيل. 2013-06-22 تي حاصل ڪيل.
  9. "Western Tien-Shan". UNESCO World Heritage Centre (انگريزي ۾). United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization. اصل نسخو مان 7 July 2018 تي محفوظ ڪيل. 17 July 2016 تي حاصل ڪيل.