توري
توري | |
---|---|
![]() | |
مصري توري | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | لوفا |
Species | |
| |
هم معنيٰ | |
توري(انگريزي: Luffa ) جنھن جو نباتاتي نالو لوفا اڪيوٽئنگيولا (انگريزي: Luffa acutangula) ۽ لوفا ايجپشياڪا (انگريزي: Luffa aegyptiaca) آھي. هڪ ٻوٽي جو ميوو آهي جنهن کي سبزي جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي۔ هنجو رنگ عام طور تي سائو هوندو آهي۔ ايشيا ۽ آفريڪا جي گھڻن ئي ملڪن ۾ توري کي پوکيو ويندو آهي۔ اگر هي ٻوٽي تي ئي رهجي وڃي ته سڪي اسپنج وانگر ٿي ويندي آهي جنهن کا ماڻهو وهنجڻ مهل مهٽڻي جي تور استعمال ڪندا آهن مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ۔ هن کي هندستانيءَ ۾ تُرئي يا جهينگا ترئي چوندا آهن. هن جي هڪڙي قسم کي گِهَه توري سڏيندا آهن، جنهن جي کل لسي ٿيندي آهي. ٻين جي کلن تي تکن ڪنڊن واريون لڪيرون نڪتل آهن. هيءَ ڀاڄي عام آهي ۽ سانوڻ ۾ پوکبي آهي. هن جو وڻ ول وانگي آهي، جو وڏن وڻن تي ۽ مَنهَن جي مٿان چڙهي ويندو آهي ۽ ڇانوَ ڪري بيهندو آهي. هن کي گهڻن ئي طرحن سان ماڻهو کائيندا آهن.[2]
ٿر ۾ هي وليون ڪي ماڻهو ٻنين ۾، ڪي وڻن جي اوٽ تي ۽ ڪي پنهنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن، جن کي هٿرادو پاڻي ڏيندا آهن. مڙيئي ڪڏهين ڪڏهين ڀاڄي پيا کائيندا آهن[3].