تذڪره الشعراء سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تذڪره الشعراء سکر هي مختصر مقالو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ ايم، اي، پروفيسر سکر گورنمينٽ ڪاليج جو لکيل آهي. سنڌي شاعري جي ابتدا قاضي قاذن کان ڏيکاري مقالو شروع ڪيل آهي.حالانڪ جديد تحقيق ۾، ان کان گهڻو اڳ، سنڌي شعر جو وجود ثابت ٿي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ قاضي قاذن کان وٺي ’ڪوجهيءَ‘ تائين اٽڪل 52 شاعر اچي وڃن ٿا، حالانڪ ڪوشش سان ٻيا به ڪيترا شاعر ملي سگهن ها. ۽ زندهه شاعرن ۾ سگهڙن سان گڏشيخ اياز، لطف الله بدوي،شاهه محمد شاهه ’شاد‘، بشير مورياڻي، ’ناطم‘، ’مجروح‘، آغاز گل، ’جامي‘، اظهر،مولائي شيدائي ’راز‘ جا نالا ڏنل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. غلام محمد گرامي ،تبصرا ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع