بڪرمي ڪئلينڊر
بڪرمي تقويم ھڪ شمسي تقويم آھي جيڪا ننڍي کنڍ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ صدين کان رائج آھي۔
بڪرمي ڪلينڊر جيڪو راجہ بڪرم اجيت جي دور کان شروع ٿئي ٿو، ھن کي ديسیي سال يا جنتري به چوندا آھن۔ ھن شمسي تقويم ۾ سال ويساک جي مھيني کان شروع ٿئي ٿو۔
ٽي سو پنجھٺ (365) ڏينھن جي ھن ڪلينڊر جا نو مھينا ٽيھ (30) ڏينھن جا ٿين ٿا، ۽ ھڪ مھينو ويساک ايڪٽيھ (31) ڏينھن جو ٿئي ٿو، ۽ ٻه مھينا جيٺ ۽ ھاڙھ ٻٽيھ(32) ڏينھن جا ٿين ٿا۔
هندن جو تاريخي ڪيلينڊر، هڪ ڏينهن کي پهرن کانسواءِ گهڙين ۾ به ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏينهن ۾ چوهٺ گهڙيون ٿينديون آهن. هڪ گهڙي ساڍي ٻاويهه منٽ تي مشتمل آهي
بڪرمي مھينا (شمسي)
[سنواريو]| شمار | نالو | پنجابي گرمکي | پنجابي شاھ مکي | گريگورين مھينا |
|---|---|---|---|---|
| 1 | ويساک | ਵੈਸਾਖ | ويساکھی | وچ اپريل – وچ مئي |
| 2 | جيٺ | ਜੇਠ | جیٹھ | وچ مئي – وچ جون |
| 3 | ھاڙھ | ਹਾੜ | ھاڑھ | وچ جون – وچ جولاءِ |
| 4 | ساوڻ | ਸਾਵਣ | ساون | وچ جولاءِ – وچ آگسٽ |
| 5 | بڊو | ਭਾਦੋਂ | بادوں | وچ آگسٽ – وچ سيپٽمبر |
| 6 | اسو | ਅੱਸੂ | اسوج | وچ سيپٽمبر – وچ آڪٽوبر |
| 7 | ڪاتڪ | ਕੱਤਕ | کاتک | وچ آڪٽوبر – وچ نومبر |
| 8 | مگھر | ਮੱਘਰ | مگھڑ | وچ نومبر – وچ ڊسمبر |
| 9 | پوھ | ਪੋਹ | پوه | وچ ڊسمبر – وچ جنورر |
| 10 | ماگھ | ਮਾਘ | ماگھ | وچ جنوري – وچ فيبروري |
| 11 | ڦڳڻ | ਫੱਗਣ | پھگن | وچ فيبروري – وچ مارچ |
| 12 | چيٽ | ਚੇਤ | چیت | وچ مارچ – وچ اپريل |
بڪرمي مھينا (قمري)
[سنواريو]| مھينو | ||
|---|---|---|
| 1 | چيٽ | مارچ ۽ اپريل جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 2 | ويساک | اپريل ۽ مئي جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 3 | جيٺ | مئي ۽ جون جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 4 | ھاڙھ | جون ۽ جولاءِ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 5 | ساوڻ | جولاءِ ۽ آگسٽ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 6 | بڊو | آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 7 | اسو | سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 8 | ڪتي يا ڪتڪ | آڪٽوبر ۽ نومبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 9 | مگھر | نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 10 | پوھ | ڊسمبر ۽ جنوري جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 11 | مانگھ | جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
| 12 | ڦڳڻ |
فيبروري ۽ مارچ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو |
بڪرمي ڪلينڊر(جنتري) ۾ ھڪ ڏينھن جا اٺ پھر ٿيندا آھن، ھڪ پھر جديد گھڙي جي مطابق ٽن ڪلاڪن جو ھوندو آھي.
انھن پھرن جا نالا ھي آھن:
ڌمي ويل: صبح 6 بجي کان 9 بجي تائين جو وقت
ٻيپھري ويل : صبح جي 9 بجي کان ٻيپھري 12 بجي تائين جو وقت
پيشي ويل : ٻيپھري جي 12 بجي ڏينھن 3 بجي تائين جو وقت
ٻي/ديگر ويل: ٽيپھري 3 بجي کان شام 6 بجي تائين جو وقت
نماشا ںويل: رات جا پھريَان لمحا، شام 6 بجي کان وٺي ڪري رات 9 بجي تائين جو وقت
ڪفتان ويل: رات 9 بجي کان رات 12 بجي تائين جو وقت
اڌ رات ويل: رات 12 بجي کان سحر جي 3 بجي تائين جو وقت
اسر ويل: صبح جي 3 بجي کان صبح 6 بجي تائين جو وقت
لفظ " ويل/ويلا " وقت جي معنن ۾ ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳالھايو وڃي ٿو
پڻ ڏسو
[سنواريو]- نانڪ شاھي ڪلينڊر
- پنجابي ڪلينڊر
- راجہ بڪرم اجيت