بڙي غلام علي خان
| بڙي غلام علي خان | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| ڀاءُ ڀيڻ | |
| ڪم جي ٻولي | |
| اعزازات | |
| ويب سائٽ | |
| ترميم | |
سنگيت جي برک ۽ ممتاز گويي استاد علي بخش خان جو لائق پٽ استاد بڙي غلام علي خان 2 اپريل - 1902ع تي پيدا ٿيو. هو پنهنجي دور جو هڪ مڃيل ۽ عظيم موسيقار هو. هو موسيقار هجڻ کان سواءِ سٺو شاعر به هو ۽ تخلص ’سب رنگ‘ اختيار ڪندو هو. ’پيا موري بات اب نا ماني‘، ’سب رنگ، سب جڳ -جاني-‘ سندس مشهور ڪلام آهي. موسيقار جيڪو پاڻ ڪلام به جوڙيندو هجي، -ان- کي سنگيت جي دنيا ۾ ’نائڪ‘ ڪوٺبو آهي. راڳداريءَ ۾ کيس ”پدم ڀوشن“ ۽ ”سُر جو -پتلو-‘ خطاب پڻ مليا. هڪ سنگيت ڪار لاءِ هي سڀ خطاب وڏي اعزاز ۽ عزت جو نشان سمجهيا وڃن ٿا. پر فنڪار خود اعزازن کان وڏو هوندو آهي. اڳي سڀ موسيقار تانپوري تي ڳائيندا هئا، مگر -استاد بڙي غلام علي خان- سڀ کان پهريائين سرمنڊل ڪتب آندو. ’دم دم ياد پون ٿيون، مارن مٺيون ڳالهڙيون‘ ۽ ”دلڙي لُٽي تنهن يار سڄڻ‘، سندس ڳايل مشهور ڪافيون آهن. -استاد بڙي غلام علي خان- ٺمريءَ جو -بادشاهه- گائڪ مڃيو ويندو هو، مگر پوءِ سندس توجهه خيال جي گائڪيءَ طرف گهڻو رهيو، سندس پٽ منور علي خان هندوستان ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي. -استاد بڙي غلام علي خان- جو پسنديده ساز سارنگي هو. ملڪه ترنم نورجهان ۽ لتا منگيشڪر سندس شاگردن مان آهن. -بادشاهه- موسيقار هجڻ جي باوجود ڏاڍو نهٺو ۽ بردبار شخص هو ۽ هميشه فن جي سکڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ اهڙي طرح هن -استاد عاشق علي خان- کي پنهنجو -استاد- ڪري مڃيو. حالانڪه کيس فن موسيقي جي مڪمل سکيا پنهنجي پيءُ -استاد- علي بخش خان کان مليل هئي. -ان- کان سواءِ -استاد- مبارڪ علي خان گوالياريءَ کان به راڳ جي سکيا ورتائين. -استاد بڙي غلام علي خان- جي وفات 23 -اپريل- 1966ع ۾ ٿي.[1]
حوالا
[سنواريو]- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- اعزاز وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from March 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- ڀارتي مسلمان
- پنجابي ماڻهو
- 20 هين صدي جا هندستاني ڳائڻا
- 1902ع جون پيدائشون
- 1968ع جون فوتگيون