بڙي غلام علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بڙي غلام علي خان
 

معلومات شخصيت
ڄم 2 اپريل 1902[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
قصور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 23 اپريل 1968 (66 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
حيدرآباد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ڀارت (26 جنوري 1950–)
برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
ڪم جي ٻولي هندي[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

سنگيت جي برک ۽ ممتاز گويي استاد علي بخش خان جو لائق پٽ استاد بڙي غلام علي خان 2 اپريل - 1902ع تي پيدا ٿيو. هو پنهنجي دور جو هڪ مڃيل ۽ عظيم موسيقار هو. هو موسيقار هجڻ کان سواءِ سٺو شاعر به هو ۽ تخلص ’سب رنگ‘ اختيار ڪندو هو. ’پيا موري بات اب نا ماني‘، ’سب رنگ، سب جڳ -جاني-‘ سندس مشهور ڪلام آهي. موسيقار جيڪو پاڻ ڪلام به جوڙيندو هجي، -ان- کي سنگيت جي دنيا ۾ ’نائڪ‘ ڪوٺبو آهي. راڳداريءَ ۾ کيس ”پدم ڀوشن“ ۽ ”سُر جو -پتلو-‘ خطاب پڻ مليا. هڪ سنگيت ڪار لاءِ هي سڀ خطاب وڏي اعزاز ۽ عزت جو نشان سمجهيا وڃن ٿا. پر فنڪار خود اعزازن کان وڏو هوندو آهي. اڳي سڀ موسيقار تانپوري تي ڳائيندا هئا، مگر -استاد بڙي غلام علي خان- سڀ کان پهريائين سرمنڊل ڪتب آندو. ’دم دم ياد پون ٿيون، مارن مٺيون ڳالهڙيون‘ ۽ ”دلڙي لُٽي تنهن يار سڄڻ‘، سندس ڳايل مشهور ڪافيون آهن. -استاد بڙي غلام علي خان- ٺمريءَ جو -بادشاهه- گائڪ مڃيو ويندو هو، مگر پوءِ سندس توجهه خيال جي گائڪيءَ طرف گهڻو رهيو، سندس پٽ منور علي خان هندوستان ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي. -استاد بڙي غلام علي خان- جو پسنديده ساز سارنگي هو. ملڪه ترنم نورجهان ۽ لتا منگيشڪر سندس شاگردن مان آهن. -بادشاهه- موسيقار هجڻ جي باوجود ڏاڍو نهٺو ۽ بردبار شخص هو ۽ هميشه فن جي سکڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ اهڙي طرح هن -استاد عاشق علي خان- کي پنهنجو -استاد- ڪري مڃيو. حالانڪه کيس فن موسيقي جي مڪمل سکيا پنهنجي پيءُ -استاد- علي بخش خان کان مليل هئي. -ان- کان سواءِ -استاد- مبارڪ علي خان گوالياريءَ کان به راڳ جي سکيا ورتائين. -استاد بڙي غلام علي خان- جي وفات 23 -اپريل- 1966ع ۾ ٿي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14603861w — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  2. 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6qs4wcg — subject named as: Bade Ghulam Ali Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb14603861w — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  4. استاد بڙي غلام علي خان : (Sindhianaسنڌيانا)