برڪت علي خان
| برڪت علي خان | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| ڀاءُ ڀيڻ | |
| ترميم | |
استاد برڪت علي خان ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو باني فنڪار هو. متحده هندستان ۾ ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو سلسلو استاد برڪت علي خان کان شروع ٿيو. پاڻ قصور ۾ سال 1908ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق پٽياله گهراڻي سان هو. پاڻ علي بخش خان جو پٽ ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو ننڍو ڀاءُ هو. استاد برڪت علي خان شادي ڪانه ڪئي. سندس شاگردن ۾ علي بخش، ظهور ۽ غلام علي ڪافي مشهور آهن.[1]
راڳداري
[سنواريو]استاد برڪت علي خان راڳداريءَ ۾ ابتدا پڪي راڳ ڳائڻ سان ڪئي. سندس پرسوز آواز هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ لاءِ وڌيڪ موزون هجڻ ڪري استاد پاڻ کي ٺمري، دادرا، ڪافي، غزل ۽ گيت ڳائڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. پاڻ پنهنجي پيءُ علي بخش خان جو شاگرد هو. 40 واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ سندس غزل ۽ هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ جي شهرت ديسان ديس پهچي چڪي هئي. چراغ حسرت جي شاعريءَ ۾ سندس ڳايل هڪ اردو ماهيي ۾ عجيب قسم جي تڙپ ۽ پڪار آهي.[1]
وفات
[سنواريو]سندس انتقال لاهور ۾ سال 1963ع ۾ ٿيو.کيس لاهور ۾ دفن ڪيو ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 برڪت علي خان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- 1908ع جو پيدائشون
- 1908ع جون پيدائشون
- 1963ع جون فوتگيون
- 1963ع جون وفاتون
- اردو ٻوليءَ جا گلوڪار
- پاڪستاني غزل گلوڪار
- پاڪستاني مرد گلوڪار
- پاڪستاني مسلمان شخصيتون
- پاڪستاني ڪلاسڪي گلوڪار
- لاھور جا گلوڪار
- ويھين صديءَ جا گلوڪار
- پنجابي ماڻهو