برڪت علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برڪت علي خان
معلومات شخصيت
ڄم سال 1905  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
قصور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 1962 (56–57 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لاهور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ڀارت (26 جنوري 1950–)
برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ

استاد برڪت علي خان ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو باني فنڪار هو. متحده هندستان ۾ ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو سلسلو استاد برڪت علي خان کان شروع ٿيو. پاڻ قصور ۾ سال 1908ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق پٽياله گهراڻي سان هو. پاڻ علي بخش خان جو پٽ ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو ننڍو ڀاءُ هو. استاد برڪت علي خان شادي ڪانه ڪئي. سندس شاگردن ۾ علي بخش، ظهور ۽ غلام علي ڪافي مشهور آهن.[1]

راڳداري[سنواريو]

استاد برڪت علي خان راڳداريءَ ۾ ابتدا پڪي راڳ ڳائڻ سان ڪئي. سندس پرسوز آواز هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ لاءِ وڌيڪ موزون هجڻ ڪري استاد پاڻ کي ٺمري، دادرا، ڪافي، غزل ۽ گيت ڳائڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. پاڻ پنهنجي پيءُ علي بخش خان جو شاگرد هو. 40 واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ سندس غزل ۽ هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ جي شهرت ديسان ديس پهچي چڪي هئي. چراغ حسرت جي شاعريءَ ۾ سندس ڳايل هڪ اردو ماهيي ۾ عجيب قسم جي تڙپ ۽ پڪار آهي.[1]

”باغون مين پڙي جهولي، هم تم ڪو نهين ڀولي“

وفات[سنواريو]

سندس انتقال لاهور ۾ سال 1963ع ۾ ٿيو.کيس لاهور ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 برڪت علي خان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع