بچو واريو جو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بچُو واريو جو قبرستان

بچُو واريو جو قبرستان انگريزي (Bachu Wariyo Jo Qabrustan) سنڌ جي ٺٽو ضلعو جي ميرپور ساڪرو تعلقو جي ڳوٺ بچو واريو جي پرسان واقع آهي. واريو اصل ۾ قبيلي جو نالو آهي. هن قبرستان کي مقامي طور قدمن وارو قبرستان پڻ سڏيو وڃي ٿو جيڪو ميرپور ساڪرو جي شهر ليٽ کان 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه ۾ آهي ۽ ڳوٺ اسماعيل ڪتيار کان هڪ ڪلوميٽر اتر-اوڀر ۾ آهي. قبرستان ڪلمتي قبيلي وارن جون آهن.هن قبرستان ۾ قبرون ٿلهي (Platform) تي چٽسالي ٿيل پٿرن سان جڙيل آهن. قبرن جي پٿرن تي ڪئليگرافي پڻ ٿيل آهي. قبرن تي لکيل سال مان لڳي ٿو ته هيءُ قبرستان سنڌ تي مغل، ارغون ۽ ترخان حڪمراني جي دور جو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]