مواد ڏانھن هلو

بيگم شمشاد بچاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


بيگم شمشاد بچاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائي. هوءَ لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ضلعي ناظم ۽ پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل سياستدان خورشيد جوڻيجي جي ڀيڻ آهي. هن 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪئي. هن جي شادي ٽنڊي الهيار جي سياستدان عبدالستار بچاڻيءَ سان ٿي، جيڪو پڻ پيپلز پارٽيءَ جو ليڊر آهي ۽ صوبائي وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. -اسيمبلي- جي ميمبر ٿيڻ لاءِ گريجوئيشن جي شرط سبب هن پنهنجي سيٽ تي بيگم شمشاد کي بيهاريو ۽ 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي هوءَ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي. سندس مشغولي ڪتاب پڙهڻ ۽ سياست آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]

سانچو:Uncategorized