بيون فورزا رٿا
ڏيک
بيون فورزا رٿا (Bevin–Sforza Plan) ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ اتر آفريڪا ۾ اٽليءَ جي قبضي ڪيل ايراضين جو فيصلو ڪرڻ لاءِ برطانيا ۽ اٽليءَ يورپي اتحادين سان اٽليءَ طرفان اڳواٽ ٿيل ٺاھ (فيبروري 1947ع) هيٺ هڪ منصوبو جوڙيو ويو، جنھن کي ’بيون – فورزا‘ رٿا سڏيو وڃي ٿو. هن رٿا تحت لبيا تي برطانوي ۽ فرانسيسي قبضو برقرار رکندي بہ اصولي حوالي سان ان ملڪ کي گڏيل قومن جي حفاظت ۾ ڏنو ويو. جيئن تہ اهو بندوبست برطانوي پرڏيھي وزير ارنيسٽ بيون ۽ اٽليءَ جي هم منصب ڪائونٽ ڪارلو فورزا جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو، تنھنڪري رٿا کي سندن نالي پُٺيان سڏيو ويو.[1]