بيربل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بيربل
Birbal.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1528[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 1586 (57–58 سال)[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
سوات ضلعو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان،شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

هندستان جو بادشاهه اڪبر اعظم سنڌ ۾ ڄائو، سندس ماء حميده بانو بيگم پاٽ جي سنڌياڻي هئي، هن جا ٻه خاص وزير( رتن) ابوالفضل ۽ فيضي شيخ مبارڪ جا فرزند هئا، جيڪي سيوهڻ مان لڏي دهلي ۾ آباد ٿيا هئا، نه رڳو اهو پر ڪجهه تواريخي حوالن مان ظار ٿي ٿو ته اڪبر جو هڪ ٻيو رتن ۽ مزاح جو استاد بيربل به سنڌي هو.

بيربل (Beerbil) جو اصل نالو مھيش داس (Mahaish Daas) ھو. ذات جو برھمڻ ھو. برھيه سندس تخلص ھو. ھو ڳائيندو به ھو، ان ڪري کيس ڪب راءِ يعني ڪبت چوڻ وارو سڏيندا ھئا. ھو اصل سنڌ جو ھو ۽ ضلعي بدين جي شھر فتح باغ جو رھندڙ ھو. سندس پيءُ غريب ھو، پر سندس گھراڻو صاحب علم ھو پر غربت جي زندگي گذاريندو ھو. بيربل جڏھن ڪجھ وڏو ٿيو، تڏھن شھر جي ھڪ امير جون ٻڪريون چارڻ لڳو. جڏھن ھمايون فتح باغ ۾ آيو، تڏھن سندس ماڻهن جي ملاقات بيربل سان ٿي. اھي سندس ڳالهائڻ جي انداز کان متاثر ٿيا ۽ ھمايون وٽ کيس وٺي آيا. جنھن سندس عقلمندي ۽ دانشمندي جون ڳالھيون ٻڌي، کيس پاڻ وٽ رھايو. بادشاھ جڏھن ايران ويو تڏھن به ھو ساڻس گڏ ھئو ۽ جڏھن بادشاھ دھليءَ موٽي آيو ۽ کيس ٻيھر تخت مليو، تڏھن به ھي سنڌي گھراڻو ساڻس گڏ ھو. اڪبر اعظم، جڏھن تخت تي ويٺو، تڏھن بيربل کي ھن پاڻ وٽ رھايو ۽ سندس عقلمنديءَ کي ڏسي، پنھنجي نون رتنن ۾ شامل ڪيو. اڪبر کان 14 سال وڏو ھو.[3]

بيربل جو گھر فتح پور سيڪري ۾ اڪبر جي محل ڀرسان واقع ھيو

بيربل جي توڪلاڻي طبعيت، ساڃاهه واري گفتگو ڏسي، گھڻو ڪري اڪبر بادشاھ کيس راجائن ڏانھن سفير ڪري موڪليندو ھو. “درٻار اڪبري” جو مصنف لکي ٿو ته “بيربل نھايت زيرڪ ۽ داناءُ ھو. ڪجھ قومي قرابت ڪري، ڪجھ منصب سفارت ڪري، ڪجھ پنھنجن لٽڪن چٽڪن ۽ لطيفن ڪري، ھو درٻارين سان رلي ملي ويندو ھو ۽ اھو ڪم سرانجام ڏيئي ايندو ھو، جيڪو سوين لشڪرن کان به نه ٿي سگھندو ھو. 984ھ ۾ راءِ لون ڪرن سان گڏ راجا ڏونگر پور ڏانھن موڪليو ويو ته، جيئن سندس نياڻي بادشاھ لاءِ وٺي. ھن وڃڻ سان اھڙو منتر پڙھيو جو ھو پَل ۾ راضي ٿي ويو ۽ کلندي ڪڏندي ڄڃ وٺي آيو. کيس ٻه ھزاريءَ جو منصب مليل ھو ۽ کيس صاحب السيف القلعه جو خطاب مليل ھو.

بيربل نه رڳو، اڪبر بادشاھ، امير امراءُ، سفيرن ۽ وزيرن جو نُورِنظر ھو، پر عوام ۾ به ڏاڍو مقبول ھو. ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته “ھو پنھنجي لطيفا گوئي ۽ سخن سنجيءَ جي ڪري، نه رڳو اڪبر بادشاھ وٽ، پر عوام ۾ به پسند ڪيو ويندو ھو. ھن جو گهڻو ڪري ملا دوپيازي سان مذاق ٿيندو رھندو ھو ۽ اھي ڳالھيون عوام ۾ مقبول ھيون.[4]

شمس العلماءُ مولانا محمد حسين آزاد لکي ٿو ته “بيربل، بادشاھ ۽ جنتا لاءِ ھڪ عجوبو ھو. ڏُک ۽ سُک ۾ بادِ صبا ھو. سندس ڪم ئي ھو عوام جو دليون جيتڻ، کين شاداب، آباد ۽ خوش خورم رکڻ. جڏھن به بادشاھ جو مزاج بگڙندي ڏسندو ھو ته اھڙي ڪارگذاري ڪندو ھو جو بادشاھ جي ڪاوڙ لهي ويندي ھئي.”[5] بيربل پنھنجي عوام ۾ به ان ڪري ئي مقبول ھو جو، ڪيترن ئي موقعن تي مسڪين، بي پھچ، نادار ۽ غريب ماڻھن کي بادشاھ ۽ ان جي اميرن جي ظلم ۽ بي انصافيءَ کان آجپو ڏياريندو هئو.

چون ٿا ته ھڪ لڱا بادشاھ کي ڪنھن ٻڌايو ته ھن شھر ۾ ھڪ اھڙو بدبخت ماڻھو رھي ٿو، جنھن جو منھن جيڪڏھن نيراني ڪو ڏسي ته ان کي سڄو ڏينھن ماني نصيب نه ٿي ٿئي. بادشاھ چيو ته “ائين ڇا ھوندو” جواب ڏنائونس ته چڱو آزمودو ڪري ڏسو. ھمراھ کي، صبح جو سوير بادشاھ جي آڏو آندو ويو ۽ خدا جي قدرت انھيءَ ڏينھن ايڏا ته فيصلا ٿيا ۽ ٻاھريان وفد آيا جو، بادشاھ کي واندڪائي ئي ڪونه ٿي ته ماني کائي. جڏھن رات جو کيس ماني پيش ڪئي ويئي ته ھن چيو ته “صبح وارو ھمراھ ته برابر منحوس آھي. اھڙي ماڻھوءَ کي منھنجي بادشاھيءَ ۾ رھڻ نه ڏجي ۽ حڪم ڪيائين ته، ھن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو وڃي.” ھو اچي پريشان ٿيو ته ڪيئن مفت ۾ مران ٿو؟ جڏھن اھا خبر بيربل کي پيئي تڏھن ھن سوچيو ته ھن غريب جي جان ته کِل ڀوڳ ۾ وڃي ٿي. سو اچي بادشاھ کي پاسو ڏنائين. چوڻ لڳس ته “سائين ھو ته برابر بدبخت آھي جو اوھان سندس منھن ڏٺو ته اوھان کي رڳو ڏينھن جي ماني نصيب نه ٿي. پر ھن پھرين صبح جو اوھان صاحبن جي زيارت ڪئي ته ھن جو مورڳو سِر ٿو وڃي ۽ ڦاھيءَ ٿو چڙھي. ٿورو سوچيو ته تاريخ ڇا چوندي ۽ ايندڙ مؤرخ ڇا لکندو ته وڌيڪ بدبخت، منحوس ۽ بدنصيب ڪير آھي!” بادشاھ کي ھيءَ ڳالھ اھڙي نموني ۽ انداز ۾ بيان ڪئي، جو بادشاھ کِلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته ھن غريب کان وڌيڪ منحوس مان آھيان جو ھن مونکي ڏٺو ته ڦاھيءَ چڙھيو. بادشاھ کيس جيئدان ڏنو ۽ ھن کي وڏو انعام اڪرام ڏيئي گھر روانو ڪيو. اھڙي طرح بيربل ڪيترن ئي مسڪينن کي بادشاھ سلامت کان سوکڙيون وٺي ڏنيون. عوام ۾ ھن جا لطيفا ۽ ڳجهارتون به مشھور آھن. ھڪ پرولي ھنديءَ ۾، بيربل ڏانھن ھن نموني سان سلهاڙيل آھي:

گھی مین غرق، سواد مین میٹھا
بن بیلن وہ بیلا ھے
کھین بیربل، سنین اکبر
یہ بھی ایک پھیلی ھے

ھن پرولي جي ڀڃڻي - مال پڙو آھي.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Birbal — named as: Birbal — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. https://pantheon.world/profile/person/Birbal — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. مھر ڪاچيلوي – جنگ مڊويڪ ڪراچي
  4. سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب – وتايو فقير ص نمبر 48
  5. درٻار اڪبري- مصنف مولانا محمد حسين آزاد ص نمبر 310
  6. [سنڌ ويزن، مرتب؛ علي مرادان راهوجو