مواد ڏانھن هلو

بارود

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بارُود (Gunpowder) يا باروت پوٽاشيئم نائٽريٽ (75 سيڪڙو)، تيزاب (10 سيڪڙو) ۽ ڪاربان (15 سيڪڙو) ملائڻ سان ٺڪاءُ ڪندڙ مصالحو ٺهندو آهي. اوائل ۾ بارود جي دونهين ۽ رڪ جي چني ڪري هٿيارن کي هر ڀيري صاف ڪرڻو پوندو هو، پر پوءِ جيئن جيئن ترقي ٿيندي وئي، تيئن تيئن بارود سان رک ۽ دونهين جا اثر ختم ٿيندا ويا.

بارود جي ايجاد کي راجر بيڪن يا برٿولڊ شوارٽز (Berthold Schwarz) ڏانهن منسوب ڪيو ويندو هو، پر نئين تحقيق مطابق بارود جي ايجاد 9ھین صديءَ ڌاري چين ۾ ٿي. يورپ ۾ هن جو رواج 14ھین صديءَ ۾ پيو، جنهن کان پوءِ جنگ جي طريقن ۾ انقلاب اچي ويو. 19ھین صديءَ ۾ اهڙا بارود ايجاد ٿيا، جيڪي دونهين کان پاڪ هئا.

1864ع ۾ پروشيا (جرمنيءَ) جي توپ خاني واري ڪپتان ايڊورڊ شلٽرز هڪ اهڙو بارود ٺاهيو، جيڪو 1870ع کان پوءِ شلٽز پائوڊر جي نالي سان مشهور ٿيو. گهڻو ڪري شوري ۽ نباتي ريشن جي جزن مان ٺهيل دونهين کان پاڪ بارود جو غالباً پهريون ڪامياب مثال هو. هي بارود بندوقن، شيلڪي ڪارتوسن ۾، دستي بمن ۽ توپ جي گولن ڇڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. پال ويئيل (Paul Vieille) 1885ع ۾ رائيفلن لاءِ شوري ۾ تَر ٿيل ڪپهه، ايٿر ۽ الڪوهل جي ميلاپ سان بارود تيار ڪيو، جيڪو بارود ”ب“ (Powder-B) جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ائلفرڊ نوبل (Alfred Noble) بعد ۾ ان ۾ بيلٽسائٽ جو اضافو ڪيو ۽ شوري ۾ تر ڪپهه کي شوري ۽ گليسرين جي ڪريم ۾ ماري نئون بارود ٺاهيو. ڪارڊائٽ (Cordite) دونهين کان پاڪ هڪ ٻيو بارود آهي، جيڪو سر ايف. اي ايبل ۽ سر جيمز ڊيوار 1889ع ۾ ايجاد ڪيو. ان ۾ شوري جي وڏي مقدار ۾ تر ٿيل گن ڪاٽن ۽ نائٽرو گليسرين هوندي آهي، جن کي ائسيٽون (Acetone) جي مدد سان گڏايو ويندو آهي. ان کان سواءِ انڊيورائٽ (Indurate) بارود، سي. اي منرو (Monroe) 1891ع ۾ ايجاد ڪيو. ان کان پوءِ اڄ تائين بارود وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ خوف جي علامت بنيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]