بلوچستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بلوچستان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.

بلوچي[سنواريو]

بلوچستان ۾ بلوچيءَ جا ٻه لهجا آهن. جن مان هڪ اولهه وارو يا مڪراني لهجو آهي. بلوچي جو هي لهجو سڌو سنئون پهلوي ۽ سيٺي ٻولين جي پاڻ ۾ گڏجڻ سان وجود ۾ آيو آهي. هن لهجي ۾ گهڻو ڪري خالص عربي اکر ڪونهن، جيڪا پهلوي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. هن لهجي ۾ خو جي جاءِ تي و ڪتب آندو ويندو آهي ۽ جن لفظن ۾ ح يا خ ايندو آهي انهن جي جاءِ تي ح کي سنهو ڪري يا آواز کي ڪيرائي پوءِ ڪڍيو ويندو آهي يا ح جي بدران ننڍي ه استعمال ڪئي ويندي آهي. مثال جي طور تي خواب کي واب ۽ خان کي وان چيو ويندو آهي.

بلوچيءَ جو ٻيو لهجو اوڀر وارو لهجو سڏجي ٿو. جنهن کي گهڻو ڪري خالص بلوچي سمجهيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به سنڌي، پنجابي ۽ پشتو جا گهڻا ئي ٻولَ شامل آهن. جنهن جي ڪري ان ۾ هڪ نموني جي سختي اچي وڃي ٿي. جنهن تحت ان ۾ شروعاتي بندشي اکر ک، پ، ت ۽ ٽ هڪ خاص سختيءَ يا زورائتي نموني سان ڳالهايا ويندا آهن. هي هندستاني بندشي اکرن کان گهڻا مختلف ۽ الڳ آهن، پر پوءِ به ٻنهي ۾ گهڻو فرق به ڪونه آهي ۽ بلوچ هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ويندا آهن.

ان کان سواءِ رخشاڻي، مڪراني بلوچن کان الڳ نموني جي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جيڪا رخشاڻي بلوچي سڏجندي آهي.

براهوي[سنواريو]

بلوچستان ۾ براهوي يا بروهي ٻولي پڻ ڳالهائي ويندي آهي. هي دراوڙي گروهه جي زبان آهي. هن جي باري ۾ سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر گريرسن ٻڌايو هئو ته براهوي اصل ۾ دراوڙي زبان آهي. براهوي ۾ گهڻا ٻولَ سنڌي، بلوچي ۽ فارسيءَ جا آهن. پر حالتن جي جبر ڪارڻ براهوي زبان جا گهڻا تڻا دراوڙي لفظَ نه واپرائجڻ ۽ واهپي ۾ نه هئڻ سبب ختم ٿي ويا آهن، پر پوءِ به براهوي جو بنيادي ڍانچو اڄ به دراوڙي ئي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. سراوڻي براهوي ٻيو جهالاڻي براهوي، جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اَثر خاص طور تي نظر اچي ٿو.

پشتو[سنواريو]

بلوچستان ۾ پشتو خاص ڪري اوڀر واري بلوچيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان جا به ڪيترا ئي لهجا آهن. انهن مان سبيءَ جي بلوچي سنڌي گاڏڙ ۽ مَري قبيلي جا پٺاڻ جيڪي بلوچ قبيلي ۾ شامل آهن بلوچي گاڏڙ پشو ڳالهائيندا آهن. غلزئين ۽ ڪاڪڙن جي پشتو ۾ پڻ فرق آهي. اهڙي نموني دڪي، بوري، ترنيائو ان جا مخلتف لهجا آهن ۽ سبيءَ جي علائقي ۾ سنڌي گاڏڙ پشتو پڻ ڳالهائي ويندي آهي.

سنڌي ۽ ٻيون ٻوليون[سنواريو]

بلوچستان ۾، جاٽڪي, ڪڇي لهجي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان کي ڄاٽ ۽ ڪجهه بلوچي قبيلا ڳالهائين ٿا. ڪٿراڻي ۽ جدگالي سڄي اولهه بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌي زبان جي هڪ شاخ آهي ۽ جڳدالي ۽ سنڌي زبان ۾ رڳو لهجي جو فرق آهي.

ساڳي نموني لاسي جيڪا لس ٻيلي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، اها به سنڌي زبان جي ئي هڪ شاخ آهي يا لهجو آهي ۽ ان کي براهوي يا بروهي جدگالي به چيو ويندو آهي.

دهواري، فارسيءَ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ هن جا مصدر براهوي مان ٺاهيل آهن ۽ اها به بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جو ئي لهجو آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو لوهري لهجو به آهي جنهن کي مڪا چيو وڃي ٿيو.

ان کانسواءِ بلوچستان ۾ اهڙي به ڪيتري ئي آبادي رهي ٿي جن جي زبان فارسي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. هڪ افغاني ۽ ٻيو ايراني، جيڪا گهڻو ڪري مڪران جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ دري، تاجڪ، سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻوليون به وڏي انگ ۾ ماڻهو ڳالهائين ٿا.[1]

سنڌي ٻوليءَ جو بلوچي ۽ پشتو تي اثر[سنواريو]

92- ويدن واري زماني کان وٺي سنڌ ۽ گنڌار (قنڌار) جي ماڻهن جي پاڻ ۾ گهڻي لڙهه وچڙ هئي. انهيءَ کان پوءِ به هندن جي صاحبيءَ ۾ افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪجهه ڀاڱا سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن ڪارڻن جي ڪري سنڌيءَ جو بلوچي ۽ پشتو تي گهڻو اثر ٿيو، جو ضميمي ٽئين ۽ چوٿين ۾ ڄاڻايو ويو آهي.سنڌي ٻولي اڄ تائين لسٻيلي (بلوچستان) ۾ ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي ۽ اها سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اپڀاشا يا ننڍو لهجو (Dialect) ليکجي ٿي. [2]

حوالا[سنواريو]