بحث:ڪمپيوٽر تعارف

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جڏهن ته ڪمپيوٽر لفظ سنڌي ٻولي ۾ ايترو عام ثي چڪو آهي جيئن گلاس ۽ پليٽ وغيره، تنهنڪري ان کي سنڌي ۾ ڳڻپيوڪر چوڻ جو ڪهڙو مطلب؟ ائين ته اهڙن تمام لفظن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو، جيئن ته گلاس، پليٽ، ٽيپ، مشين، ڪار، ريل، اسٽيشن، وغيره وغيره. مهرباني ڪري اهڙن لفظن کي ترجمو نه ڪريو جيڪي اڳ ۾ ئي سنڌي ٻولي جو حصو بڻجي چڪا آهن.

اصطلاح ڳڻپيوڪر[سنواريو]

گلاس، پين ۽ بس وانگر ڪمپيوٽر رڳو عام ٻوليءَ جو لفظ ناهي، بلڪه سائنس ۽ انجنيئرڱ جو اصطلاح آهي. ڪمپيوٽر سان سلهاڙيل ڪيترا ئي ٻيا به اصطلاح آهن، جن جو بنياد لفظ ڪمپيوٽر ئي آهي. مثال طور ڪمپيوٽڱ، ڪمپيوٽرائيزڊ، ڪمپيوٽرائيزيشن، ڪمپيوٽر هارڊويئر، وغيره وغيره. جيڪڏهن ڪمپيوٽر جو سنڌي بدل نه جوڙيو ويو ته ان سان سلهاڙيل سمورا لفظ به جيئن جو تيئن انگريزي ئي استعمال ڪرڻا پوندا، جيڪو اڳتي هلي مڪمل طور سنڌيءَ ۾ سائنس لکڻ پڙهڻ ۾ رنڊڪ ثابت ٿيندو. سنڌي زبان کي سائنس جي علم جي تاليف و تعليم ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ حاضر وقت جا نوان سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي اصطلاح گھربل آهن، جيڪي جوڙڻ لازمي آهي.


Aursani 20:53, 13 جُونِ 2010 (UTC)


صفحو ختم ڪيو وڃي[سنواريو]

منتظمين کي گذارش آهي ته هن صفحي کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته ڪمپيوٽر نالي هڪ جامع مضمون موجود آهي.مھتاب احمد (ڳالهہ) 11:13, 7 نومبر 2015 (UTC)