ڪمپيوٽر

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
(ڪمپيوٽر تعارف کان چوريل)
ڏانھن ٽپ ڏيو: رهنمائي, ڳولا
Computer.svg

ڪمپيوٽر بجليءَ تي هلندڙ هڪ اهڙي مشين جو نالو آهي جيڪا مختلف ذريعن کان معلومات/ڊيٽا حاصل ڪري، ان کي پروسيس ڪري (ولوڙي) ۽ ان جو نتيجو ظاهر ڪري. ڪمپيوٽر (چاهي اهو ڪهڙي به قسم ۽ سائيز جو هجي) جي ڪم کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: ڊيٽا حاصل ڪرڻ، ان ڊيٽا کي پري ڊفائينڊ رولس (ڪمپيوٽر کي اڳواٽ سمجھايل اصولن) وسيلي پروسيس ڪرڻ (ڪنهن مرحلي مان گذارڻ) ،بعد ۾ پروسيس ٿيل ڊيٽا يعني انفارميشن يا رزلٽ کي ظاهر ڪرڻ يا ياداشت ۾ محفوظ ڪرڻ.

فهرست

نالي جو سبب[سنواريو]

لفظ ڪمپيوٽر لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ڪمپيوٽ Compute مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي حساب ڪتاب ڪرڻ ( to calculate).


ايجاد جو سبب[سنواريو]

ڪمپيوٽر جي ايجاد جو بنيادي مقصد حساب ڪتاب ڪرڻ هو، بعد ۾ انسان ان کي پنهنجي ڪم ۾ تيزي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم آندو. ڪمپيوٽر وسيلي انسان ڪنهن ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پوري دنيا جو سير ڪري سگھي ٿو، خبر چار لهي سگھي ٿو. ڪروڙين ميل پري ويٺل ٻئي انسان تائين پنهنجو نياپو يا پيغام سيڪنڊن ۾ پهچائي سگھي ٿو. نه صرف ايترو پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي ڪمپيوٽر تي لائيو Live يعني براه راست ڏسي ۽ ڳالهائي ٻولهائي سگھي ٿو.

بنياد[سنواريو]

ڪمپيوٽر جو بنياد رياضيءَ جي اصولن تي رکيل آهي. آءِ – سي I.C = Integrated circuit سان ملي ٺهيو آهي ۽ مائڪروپروسيسر جي ذريعي ڪم ڪندو آهي. اڄ ڪمپيوٽر جيڪو ڪجھه به آهي اهو هارڊ ڊسڪ (ياداشت) جي بدولت آهي. ڪمپيوٽر ۾ موجود سمورا پروگرام ۽ فائيل هارڊ ڊسڪ ۾ ئي محفوظ هوندا آهن. هاڻي ڪمپيوٽر تاريخ جي مختلف دورن مان گذري پينٽيم (Pentium) 1،2،3،4 ۽ 5 (ڊيوئل پروسيسر) وغيره جي شڪل ۾ اسان جي آڏو آهر. لفظ پينٽيم مان مراد جديد دور جا ڪمپيوٽر آهن، جيڪي موجوده دور جون سموريون ضرورتون پوريون ڪرڻ جون صلاحيتون رکن ٿا. هي 1937 ۾ وجود ۾ آيو. هاڻي شايد ئي ڪو شعبو آهي جتي ڪمپيوٽر جو استعمال نه ٿيندو هجي.

ڪمپيوٽرن جي درجه بندي[سنواريو]

ڪمپيوٽرن جي درجه بندي ڪيترن ئي حوالن سان ڪري سگھجي ٿي. جھڙوڪ تاريخ يعني جنريشن/دور جي حوالي سان درجه بندي (جنهن ۾ ڪمپيوٽر جي پهرين دور کان وٺي پنجين جنريشن تائين ۽ جديد يعني هلندڙ دور جي ڪمپيوٽرن ۽ انهن ۾ آيل تبديلين جو ذڪر اچي وڃي ٿو). ان سان گڏوگڏ پروسيسنگ (ڪم ۽ صلاحيت) جي حوالي سان درجه بندي جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ اينالاگ ڪمپيوٽر اچي وڃن ٿا ۽ ڪمپيوٽر جي ڪلاس/قسم جي حوالي سان درجا بندي (جنهن ۾ مائڪرو ڪمپيوٽر کان سپرڪمپيوٽر تائين اچي وڃن ٿا).

ڪمپيوٽر جي تاريخ[سنواريو]

پسمنظر[سنواريو]

جڏهن انسان ۾ عددن ۽ ڳڻپ جو شعور پيدا ٿيو، يعني پنهنجي ارد گرد موجود شين کي جوڙ ۽ ڪٽ ڪرڻ جو خيال هن جي دماغ ۾ پيدا ٿيو، ته ان سوچيو ته ٻه ۽ ٻه چار ٿيندا ۽ چئن مان ٻه ڪٽ ڪبا ته باقي ٻه بچندا، جڏهن انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهي اعداد و شمار باقاعده استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته اها ڳڻپ وڌندي وئي، ۽ وڌندي وڌندي سو، پنج سو، ۽ هزارن جي حساب ڪتاب ۾ اچي وئي. پوءِ انسان جي تخليقي ذهن هڪ اهڙي مشين جي ضرورت محسوس ڪئي جيڪا ان کي هن مشڪل مان ڪڍي سگھي. ان ئي سوچ ويچار ۾ هڪ چيني سائنسدان هن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيندي هڪ اهڙي مشين ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪا جوڙ، ڪٽ، ضرب ۽ ونڊ جا بنيادي عمل حل ڪرڻ جي اهليت رکندي هئي. هيءُ آلو (پرزو) چين ۾ ٺهيو، جنهن کي ايباڪس Abacus جو نالو ڏنو ويو. ان کان پوءِ انسان کي پنهنجي ڪم ۾ تيزيءَ جي ضرورت پئي، چائنا جو هي آلو ايباڪس حساب ڪتاب جي معاملن ۾ ڪافي عرصو مددگار ثابت ٿيو.

جديد تاريخ[سنواريو]

فرانسيسي سائنسدان بليس پاسڪل (Blaise pascal) 1642 عيسوي ۾ هڪ ٻي تخليق دنيا جي سامهون آندي جنهن جو نالو پاسڪل ڪلڪيوليٽر هو. هيءَ مشين ڏهن مختلف حصن ۾ ورهائجي ڪم ڪندي هئي، هتان کان ئي اسان کي ڪمپيوٽر جي تاريخ جو پتو پوي ٿو. ان بعد پاسڪل جي تخليق کي اڳتي وڌائيندي هڪ رياضي دان 1673 ۾ پاسڪل جي ڪلڪيوليٽر کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهو صحيح طرح جوڙ، ڪٽ، ضرب ۽ ونڊ ڪري سگھي. پوءِ 1801 ۾ هڪ فرانسيسي سائنسدان جنهن جو نالو جولهس ميري جيڪورڊ هو، ان هڪ پنچ ڪارڊ ايجاد ڪيو، جيڪو مشين ۾ حساب ڪتاب کي سنڀاليندو هو، پر هي ڪارڊ صرف 1880 (هڪ هزار اٺ سو اسي) انگن تائين حساب ڪتاب ڪري سگھندو هو، معنى ته هن ڪارڊ ۾ 1880 عددن جي حساب ڪتاب جي صلاحيت هئي، جيڪي رياضيءَ جي ڪم ڪارين ۾ تمام گھٽ هيا.

ان بعد هڪ برطانوي رياضي دان چارلس بيبيج (Charles Babbage) هڪ اهڙي مشين ايجاد ڪئي جيڪا ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ (Input & Output) جو ڪم سرانجام ڏيندي هئي. هن مشين جي تخليق انسان جي ڪم ۾ ڪافي مدد ڪئي.

ان بعد هاورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون اليڪٽرو مڪينيڪل (Electro-mechanical) ڪمپيوٽر هاورڊ ايڪسن نالي سائنسدان بڻايو. ان ڪمپيوٽر تي ڪم جي شروعات 1837 ٿي ۽ 1944 تائين ٺهي مڪمل ٿيو. هي ڪمپيوٽر اليڪٽرو مڪينيڪل ڪمپيوٽر هيو، هن جو بنياد ويڪيوم ٽيوب(Vacuum tube) (ويڪيوم ٽيوب ڇاهي؟ هي ڌاتوءَ جي ڪنڊيڪٽرس جو سيٽ آهي جيڪو ڪنهن شيشي يا ڌاتوءَ جي ٽيوب تي مشتمل هوندو آهي، ان ٽيوب مان سموري هوا/گيس ڪڍي ويندي آهي، ۽ ان اندر لڳل گرڊ، وولٽيج ڪنڊڪٽرس جي وچ ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ تي ضابطو رکندي آهي. ويڪيوم ٽيوبز، اليڪٽرڪ سرڪٽس جي سؤچنگ ۽ واڌاري (بجليءَ جي وهڪري جي) لاءِ استعمال ٿيندا هيا. اڄ ڪلهه ويڪيوم ٽيوبز، ڪيٿوڊ ري ٽيوب cathode ray tube يعني CRT ۾ استعمال ٿيندا آهن، سي آر ٽي ڪنهن ٽي وي سيٽ يا ڪمپيوٽر مانيٽر اندر گرافڪس ۽ تصويرون وغيره ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيل هوندي آهي). بهرحال هي اليڪٽرو مڪينيڪل ڪمپيوٽر مارڪ ون جي نالي سان مشهور ٿيو، هي ڪمپيوٽر سائيز ۾ تمام وڏا هيا.

ان مان اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ڪمپيوٽر جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي، پر ان کي ويهين صدي عيسويءَ کان اڳ ڪمپيوٽر جو نالو نه ڏنو ويو هو. ان دوران ئي سائنسدان هڪ نئين مشين ٺاهڻ ۾ مصروف هيا، جهڙي طرح پاسڪل ايباڪس نالي پرزو ٺاهيو هو، جنهن جو ڪم حساب ڪتاب ڪرڻ هو، ڪمپيوٽر جو بنياد به پاسڪل جي بنايل پرزي ايباڪس جي اصولن سان لاڳاپيل هيو.

ڪمپيوٽر جا نسل/دور[سنواريو]

ڪمپيوٽر سائنس ۾ جيڪي باقاعدي تبديليون ۽ ترقيون ٿينديون رهيون آهن، انهن کي تاريخ جي حساب سان پنجن نسلن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.

ڪمپيوٽر جو پهريون دور[سنواريو]

1924ع کا 1954ع تائين جيڪي ڪمپيوٽر ٺهيا انهن کي ”پهرئين دور جا ڪمپيوٽر“ جو نالو ڏنو ويو آهي، هي اليڪٽرو مڪينيڪل ڪمپيوٽر هيا. هنن جو بنياد ويڪيوم ٽيوبز تي هو، هي ڪمپيوٽر سائيز ۾ تمام وڏا ها، ۽ تمام جلدي حرارت (گرمي) خارج ڪندا ها، انهن ۾ معلومات محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت تمام گھٽ هئي، ۽ هي مڪينڪ ڊروماورڊ بلي لائينز ذريعي پنهنجي معلومات محفوظ ڪندا ها. هنن جي ڪم جي صلاحيت ملي سيڪنڊن milliseconds (هڪ سيڪنڊ جو هزارئين حصي) جي رينج ۾ هوندي هئي، هن دور جا ڪمپيوٽر تقريباََ 20 کان 25 سالن تائين استعمال هيٺ رهيا.

ڪمپيوٽر جو ٻيون دور[سنواريو]

1952ع کان 1956ع جي عرصي ۾ ٺهيل ڪمپيوٽر ٻئين نسل جا ڪمپيوٽر چورائيندا آهن. هي پهرين نسل جي ڪمپيوٽرن جي نسبت ڪجھه بهتر ثابت ٿيا، هنن جو بنياد ڪنڊڪٽرز ۽ ٽرانسسٽرز تي رکيو ويو، ۽ ان کان علاوه هي پهرين نسل جي ڪمپيوٽرن جي مقابلي ۾ سائيز ۾ ڪجھه ننڍا به هيا. ۽ هنن ۾ ويڪيوم ٽيوب جو استعمال نه ڪيو ويو هيو، جنهن سبب هي حرارت به گھٽ خارج ڪندا هيا، ۽ انهن جي ميموريءَ ۾ ڪور (ڪور جا هم معنى لفظ: non-volatile يا permanent يعني مستقل. ڪور معنى ڊيٽا کي مقناطيسي magnetic طريقي سان مستقل طور تي محفوظ ڪرڻ جو طريقو يا انگريزيءَ ۾ ان کي هيئن چئبو Core: non-volatile magnetic storage method used in old computers ) مطلب ته انهن جي ميمريءَ ۾ ڪور استعمال ڪرڻ جي ڪري انهن جي ڪم جي صلاحيت ڪافي وڌي وئي هئي. هنن ڪمپيوٽرن جي ڪم ڪرڻ جي رفتار مائڪرو سيڪنڊن (micro seconds) يعني سيڪنڊ جو ڏهه لکون حصو (one millionth of second) جي رينج ۾ هئي. ياد رهي ته هي ٻئين نسل جا ڪمپيوٽر اليڪٽرانڪ ڪمپيوٽر هيا.

اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ۾ فرق[سنواريو]

هي ٻئي اصطلاح بجليءَ تي هلندڙ شين لاءِ ئي استعمال ٿيندا آهن. فرق صرف ايترو هوندو آهي ته ”اليڪٽرانڪس“ جي شين ۾ اهڙا پرزا لڳل هوندا آهن جيڪي بجليءَ کي ضرورت مطابق گھٽ وڌ ڪندا رهندا آهن. جهڙوڪ: پکو، استري، آئرن، موٽر، بلب وغيره اهي سڀ شيون ”اليڪٽرڪ“ آهن، ڇو ته عام طور انهن ۾ بجليءَ کي گھٽائڻ وڌائڻ لاءِ ڪي به پرزا استعمال ٿيل نه هوندا آهن. بجلي صرف انهن ۾ موجود تارن وغيره مان گذرندي آهي ته اها شي پنهنجو ڪم ڪندي آهي. پر ”اليڪٽرانڪ“ شين جو بهترين مثال هڪ ٽيسٽر آهي جيڪو اسان بجليءَ جي ڪرنٽ ڏسڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. جيڪڏهن ڪا سنهي کان سنهي ڌاتوءَ جي تار کڻي بجليءِ جي تار کي ڇهجي ته زوردار ڪرنٽ لڳي سگھي ٿو. پر ٽيسٽر کي بي خوف ٿي بجليءَ جي تارن سان لڳائي سگھبو آھي. ان جو ڪارڻ دراصل هي آهي ته ان اندر اليڪٽرانڪ جو ننڍڙو آلو ڊائيوڊ وغيره لڳل هوندو آهي، جيڪو بجليءَ جي زور کي ضرورت مطابق ايترو گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي جو اها انساني جسم تي ڪو خاص اثر نه ڪندي آهي پر ان ۾ ايتري طاقت ضرور هوندي آهي جو نتيجي ۾ ٽيسٽر ۾ لڳل بلب کي ٻاري سگھي، اهڙي ريت ٽي وي، ريڊيو، ڪمپيوٽر وغيره اليڪٽرانڪ ڊوائيسز آهن ڇو ته انهن ۾ اليڪٽرانڪ پرزا جهڙوڪ ڊائيوڊس، ٽرانزسٽرس، چپس ۽ سرڪٽس وغيره لڳل هوندا آهن، جيڪي بجليءَ کي ضرورت مطابق ٻين پرزن تائين گھٽائي وڌائي پيش ڪندا آهن. پھتين فور جا ڪمپيوٽر اليڪٽرو مڪينيڪل ڪمپيوٽر هيا، جڏهن ته ٻئين دور کان وٺي هن وقت تائين هلندڙ ڪمپيوٽر اليڪٽرانڪ ڪمپيوٽر آهن.

ڪمپيوٽر جو ٽيون دور[سنواريو]

1964ع کان 1974ع جي عرصي ۾ ٺهيل ڪمپيوٽرن کي ”ٽئين نسل جا ڪمپيوٽرن“ جو نالو ڏنو ويو آهي، هي ڪمپيوٽر پنهنجي بهترين صلاحيتن جي ڪري ڪجھه جڳهن تي اڄ به استعمال ٿي رهيا آهن. انهن جو بنياد انٽيگريٽيڊ سرڪٽس (IC=Integrated circuits) تي رکيل هو. پهرين ٻنهي نسلن جي ڪمپيوٽرن جي نسبت هنن جي سائيز ڪافي ننڍي ڪئي وئي هئي ۽ هنن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت نينو سيڪنڊن (Nano-seconds) يعني one billionth of second (سيڪنڊ جو هڪ اربون حصو. يا 1000000000/ حصو) هو.

ڪمپيوٽر جو چوٿون دور[سنواريو]

1975ع کان 1983ع جي عرصي دوران ٺهيل ڪمپيوٽرن کي چوٿين نسل جا ڪمپيوٽر چيو وڃي ٿو. هنن ڪمپيوٽرن جو بنياد مائڪرو پروسيسرز تي رکيل آهي. مائڪرو پروسيسر تمام ننڍڙو پرزو (ڊوائيز) آهي، ۽ مائڪروپروسيسر جي استعمال سان هن نسل جا ڪمپيوٽر بي حد مختصر ٿي ويا، ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ٽئين نسل جي ڪمپيوٽرن جي مقابلي ۾ پنج کان ڏهه ڀيرا وڌي وئي. چوٿين نسل جي ڪمپيوٽرن ۾ پهريون ڀيرو accept system متعارف ڪيو ويو. هنن ۾ مائڪرو پروسيسر استعمال ٿيڻ جي ڪري هنن کي مائڪرو ڪمپيوٽر به چيو وڃي ٿو.

ڪمپيوٽر جو پنجون ۽ ڇهون دور[سنواريو]

پنجين نسل جي ڪمپيوٽرن تي ڪم 1983ع ۾ شروع ٿيو، ڪمپيوٽرن جو هي نسل اڄ به عام آهي، ياد رهي ته پنجين نسل جا ڪمپيوٽر چوٿين نسل جي تيز ترين ڪمپيوٽرن کان به 30 کان 40 ڀيرا وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان ڪم ڪن ٿا. هنن ڪمپيوٽرن ۾ ايڪسپرٽ سسٽم لڳل آهن جن ۾ هيءَ سهولت به موجود آهي ته هنن تي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ٻولين/زبانن ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو. هنن ۾ ميموريءَ يعني ياداشت جي گنجائش به شروعاتي چئن نسلن جي مقابلي ۾ ڪافي حد تائين، بلڪه تمام گھڻي آهي. چوٿين نسل کان پوءِ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايترو ته تيزيءَ سان تبديليون اينديون ويون ۽ هڪ ٻئي پويان بي انتها رفتار وارا ڪمپيوٽر مارڪيٽ ۾ ايندا ويا آهن. جن ۾ پينٽيم (Pentium) 1،2،3،4۽ 5 ڪمپيوٽرن جي اسپيڊ 300 ميگا هرٽز کان وٺي گيگا هرٽز تائين آهي.

  1. mega hertz) (MHz ميگا هرٽز جي وصف هيءَ آهي (MHz= measure of frequency equal to one million cycles per second)
  1. Giga hertz) (GHz گيگا هرٽز جي وصف هيءَ آهي (GHz= measure of frequency equal to one billion (or 1000 million) cycles per second)

هي ڪمپيوٽر وڏي کان وڏي شيڊ يا گرافڪ نينو سيڪنڊز ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين منتقل ڪري سگھن ٿا.

ڪمپيوٽرن جا قسم[سنواريو]

ڪمپيوٽر جا عام طور تي ھيٺيان ٽي قسم آھن:

  1. ڊجيٽل ڪمپيوٽر Digital computers
  2. اينالاگ ڪمپيوٽر Analog Computers
  3. هاءِ برائيڊ ڪمپيوٽر Hybrid Computers

ڊجيٽل ڪمپيوٽر[سنواريو]

اڄ ڪلهه عام استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽر ڊجيٽل ڪمپيوٽر آهن، هي ڪمپيوٽر ايترا عام آهن جو اڄ ڪلهه لفظ ڪمپيوٽر مان هنن قسم جي ڪمپيوٽرن جي ئي معنى ورتي وڃي ٿي. هن قسم جي ڪمپيوٽرن کي ان ڪري ڊجيٽل ڪمپيوٽر چيو وڃي ٿو جو اهي ٻڙيءَ ۽ هڪ 0 ۽ 1 يعني ڊجيٽل سسٽم تي مشتمل ڊيٽا تي عمل ڪندا آهن.

اينالاگ ڪمپيوٽر[سنواريو]

هي ڪمپيوٽر اهڙن طبعي مقدارن (Physical Values) لاءِ استعمال ٿيندا آهن، جيڪي هڪ مسلسل پيماني سان گڏ هوندا آهن، جهڙوڪ گرمي پد، پريشر يا دٻاءُ هي عام طور تي ڊائل يا گراف تي مشتمل آئوٽ پٽ ڏيندا آهن، وولٽيج، دٻاءُ، رفتار ۽ گرمي پد وغيره ڪجھه اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي هن قسم جي ڪمپيوٽرن سان ماپيون وينديون آهن. هنن ڪمپيوٽرن جي مثال ۾ آٽوموبائيل، اسپيڊو ميٽر، ٿرماميٽر، ۽ بٺي ٿرماميٽر وغيره شامل آهن.

هاءِ برائيڊ ڪمپيوٽر[سنواريو]

هي ڪمپيوٽر ڊجيٽل ۽ اينالاگ جي گڏيل خصوصيتن تي مشتمل هوندا آهن، يعني هنن ۾ ڊجيٽل ۽ اينالاگ ٻنهي ڪمپيوٽرن جو صلاحيتون موجود هونديون آهن. مثال طور تي ڪنهن اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري شعبي ICU (Intensive care Unit) ۾ مريض جون اهم علامتن جهڙوڪ: نبض، دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار، ۽ رت جو وهڪرو/دٻاءُ (بلڊ پريشر) ماپڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هنن ۾ اهي شروعاتي ڪم ڪرڻ لاءِ اينالاگ ڊوائيسز استعمال ٿيندا آهن، پوءِ انهن تحت حاصل نتيجن کي ڊجيٽل فارم ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، ۽ ڊجيٽل فارم ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ حاصل معلومات (يعني مريض جي مجموعي صورتحال) ڊجيٽل ڊوائيسز ڏانهن منتقل ٿيندي آهي، جيڪي (ڊجيٽل پرزا، داخل پروگرامن تحت) انهن جو جائزو وٺندا آهن، ۽ ضرورت وقت آٽوميٽڪ سسٽم تحت ڊاڪٽر تائين اطلاع پهچائيندا آهن.

ڊجيٽل ڪمپيوٽرن جا قسم[سنواريو]

ڊجيٽل ڪمپيوٽرن کي مختلف حوالن جي بنياد تي مختلف درجن ۾ ورهايو ويو آهي، انهن ۾ پروسيسنگ پاور يعني عمل ڪرڻ جي سگھه، اسٽوريج يعني ذخيري جي گنجائش، ياداشت، جسامت وغيره شامل آهن. ھيٺ ڊجيٽل ڪميوٽر جا قسم ڏنل آھن:

  1. سپر ڪمپيوٽر Super Computer
  2. مين فريم ڪمپيوٽر Mainframe Computer
  3. مني ڪمپيوٽر Mini Computer
  4. مائڪرو يا پرسنل ڪمپيوٽر Micro or personal computer

سپر ڪمپيوٽر: هي ڪمپيوٽر موجوده ڪمپيوٽرن ۾ سڀني کان مٿاهان آهن، پوري دنيا ۾ سپر ڪمپيوٽرن جو تعداد تمام گھٽ آهي، هي ڪمپيوٽر اهڙن سائنسي عملن لاءِ استعمال ٿيندا آهن جن ۾ وڌ کان وڌ رفتار واري پروسيسنگ جي ضرورت هوندي آهي. هنن جي رفتار ۽ طاقت عام ڪمپيوٽر کان 50000 ڀيرا وڌيڪ هوندي آهي. ۽ هڪ سيڪنڊ ۾ 18000000 (ارڙهن ڪروڙ) کان وڌيڪ حسابي ۽ سائنسي عمل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. (اڄ: جا سپر ڪمپيوٽر ان کان به تمام مٿاهان آهن) جهڙوڪ هي ڪمپيوٽر ملٽري آپريشنس، دفاع ۽ نيوڪليئر ريسرچ ۽ ٻين اهڙن اعلى سائنسي ڪارين لاءِ استعمال ٿيندا آهن

مين فريم ڪمپيوٽر: هي ڪمپيوٽر به ڪافي وڏا هوندا آهن پر سپر ڪمپيوٽرن کان ننڍا هوندا آهن. هي ڪمپيوٽر بينڪن، انشورنس ڪمپنين، ايئر لائينز، ۽ وڏن وڏن سرڪاري ادارن ۾ استعمال ٿيندا آهن، جتي تمام گھڻي حسابي طاقت جي ضرورت هوندي آهي. هي ڪافي قيمتي هوندا آهن ۽ هنن کي آپريٽ ڪرڻ ۽ صحيح صورت ۾ رکڻ لاءِ ڪافي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. هن قسم جي ڪمپيوٽرن لاءِ هڪ مخصوص ماحول ۽ ايئرڪنڊيشن ڪمرن جي ضرورت هوندي آهي.

مني ڪمپيوٽر:'هي ڪمپيوٽرننڍي پيماني جي ڪاروبار وغيره ۾ استعمال ٿيندا آهن، هنن جي قيمت به نسبتاً گھٽ هوندي آهي، هي ننڍن ادارن جهڙوڪ بينڪن جي شاخن، يونيورسٽين ۽ اسپتالن وغيره ۾ استعمال ٿيندا آهن.

مائڪرو ڪمپيوٽر: هنن ڪمپيوٽرن کي مائڪرو يا پرسنل ڪمپيوٽر به چيو ويندو آهي، هي ڪمپيوٽر 1970 ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ٺاهيو ويو. هنن ۾ مقبوليت خودڪار برقيات ۾ ترقيءَ ۽ خود ڪار مائڪرو چپ جي ايجاد ٿيڻ سان آئي. جيئن ته هن چپ جي قيمت گھٽ هجڻ جي ڪري پرسنل ڪمپيوٽرن جي قيمت به تمام گھٽجي وئي، ماڻهن جو وڏو تعداد ان لائق بڻيو جو هو هي ڪمپيوٽر خريد ۽ استعمال ڪري سگھن. هنن ڪمپيوٽرن جي ترقيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو رهي ٿو، جنهن جو هڪ مثال ليپ ٽاپ (Laptop) ڪمپيوٽر ۽ پرسنل ڊجيٽل اسسٽنٽز (PDAs) آهن، هي به پرسنل ڪمپيوٽر ئي آهن، پر انهن جي جسامت/سائيز ۽ گھٽ وزن جي ڪري انسان ان کي باآساني هر جاءِ کڻي ۽ ڪاٿي به رکي سگھي ٿو، ليپ ٽاپ جي سائيز هڪ ننڍڙي بريف ڪيس جيتري هوندي آهي، مطلب اسان ان کي ضرورت پوڻ وقت بغل ۾ به جھلي سگھون ٿا، جڏهن ته پرسنل ڊجيٽل اسسٽنٽ هڪ موبائيل جي سائيز ۾ اچن ٿا، جن کي هڪ هٿ ۾ کڻي ڪمپيوٽري عمل سرانجام ڏياري سگهجن ٿا.

پرسنل ڪمپيوٽر[سنواريو]

موجوده ڪمپيوٽر جي ڍانچي کي تڏهن سمجھي سگھجي ٿو جڏهن انسان ۽ ٻين ساهوارن جي وجود ۽ ڍانچي کي سمجھڻ تي ٿورو زور ڏنو ويندو، ڇو ته انسان ڪمپيوٽر کي پنهنجي مشابهه يعني پنهنجو پاڻ کي سامهون رکي ٺاهيو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ سائنسدان ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي رهيا آهن ته ڪمپيوٽر کان هر اهو ڪم ڪرائين جيڪو انسان ڪري سگھي ٿو، يا وري ڪي اهڙا عمل به آهن جن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ماڻهن ۽ لاڳاپيل شين جي وڏي تعداد جي ضرورت پوي ٿي پر ڪمپيوٽر اهي سڀ ڪم جهڙوڪ 50 ماڻهن جو ڪم هو اڪيلي سر تمام مختصر وقت ۾ ڪري سگھي ٿو.

ڏٺو وڃي ته بنيادي طور انساني ڍانچو/وجود چئن شين تي مشتمل آهي، ۽ جيڪڏهن انهن چئن شين مان ڪا به هڪ شي کٽل آهي ته انسان نامڪمل آهي، جهڙوڪ

  1. انساني جسم (فزيڪل باڊي).
  2. دماغ ۽ ان جا حصا جهڙوڪ ياداشت وغيره (پروسيسنگ، ميموري ۽ اسٽوريج).
  3. عقل يعني شعور جنهن ذريعي مليل مواد تي دماغ وسيلي سوچ ويچار ڪجي، نتيجو اخذ ڪرڻ جي سگھه، فيصلي يا ڊسيشن ميڪنگ جي سگھه (پروگرامنگ)
  4. زنده رهڻ لاءِ هوا/آڪسيجن، پاڻي ۽ ٻي کاڌ کوراڪ (توانائي، ان پٽ)
  5. انساني عمل، ڪم يا رد عمل (نتيجو/ آئوٽ پٽ)

هڪ مڪمل ڪمپيوٽر به اهڙي ريت بنيادي ٽن شين تي مشتمل آهي.

  1. فزيڪل باڊي ۽ ان جا حصا. جن کي هارڊويئر چيو وڃي ٿو(
    • پراسيسر: ڪمپيوٽر جو دماغ، هارڊ ڊسڪ
    • اسٽوريج: ياداشت، جنهن ۾ معلومات ۽ پروگرامنگ (هدايتون) محفوظ هوندي، آهي،
    • ان پٽ ڊوائيسز: مواد داخل ڪرڻ جا اوزار،
    • آئوٽ پٽ ڊوائيز: معلومات/نتيجا/رد عمل ظاهر ڪندڙ اوزار) وغيره
  1. ڪمپيوٽر پروگرام جن ۾ بيسڪ آپريٽنگ سسٽم، آپريٽنگ سسٽم ۽ ايپليڪيشن سافٽويئر (جن کي گڏيل نالو سافٽويئر/پروگرام/ هدايتون/ داخل پروگرامنگ تحت فيصلا ڪندڙ عملن جو نالو ڏنو ويو آهي)
  2. توانائي يعني بجلي يا اليڪٽرڪسٽي جنهن ذريعي ڪمپيوٽر کي هلائي سگھجي، ۽ ان ڪري ئي ڪمپيوٽر جي وصف ۾ لفظ اليڪٽرانڪ ڊوائيز استعمال ٿيندو آهي.

هارڊويئر[سنواريو]

جهڙي ريت انساني جسم جي عضون تي غور ڪرڻ کان پوءِ اسان انهن کي ٽن بنيادي حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا اهڙي ريت ڪمپيوٽر هارڊويئر به بنيادي ٽن حصن تي مشتمل آهي.

  • ان پٽ ڊوائيسز(In Put Devices)
  • پروسيسنگ ۽ ميموري اسٽوريج ڊوائيسز(Processing and memory storage Devices)
  • آئوٽ پٽ ڊوائيسز(Out Put Devices)
    • ان پٽ ڊوائيسز

مواد کي دماغ/پروسيسر تائين پهچائڻ جا عضوا/ڊوائيسز کي ان پٽ ڊوائيسز چيو ويندو آھي. انساني جسم ۾ اهي بنيادي پنج آهن، پر هڪ معياري ڪمپيوٽر ۾ (P.C جيڪو اڄ ڪلهه اسان وٽ عام استعمال ۾ آهي) انهن جو بنيادي تعداد به عام طور تي پنج آهي. ڪمپيوٽر ۾ ضرورت مطابق انهن جو تعداد گھٽائي توڙي وڌائي سگھجي ٿو. ھيٺ مختلف ان پٽ ڊوائسز ڏجن ٿيون:

ڪي بورڊ: هي ٽائيپ رائيٽر جي ڪي بورڊ سان مشابهه آهي، البته هن ۾ ضرورت مطابق ڪافي بٽڻ/ ڪيز وڌيڪ (مخصوص ترتيب سان) شامل ڪيون ويون آهن جن جو گڏيل تعداد گھٽ ۾ گھٽ 110 تائين آهي، پر هاڻي اهڙا ڪي بورڊ به مارڪيٽ ۾ آيل آهن جن جي چاٻين/ڪيز جو تعداد ان کان وڌيڪ توڙي گهٽ به آهي، هن تي انگريزي الفابيٽ جا سمورا اکر، رياضيءَ جون مختلف نشانيون ۽ 0 کان 9 تائين انگ، ۽ ٻين مختلف ڪمن لاءِ ڪتب ايندڙ فنڪشن ڪيز شامل آهن). ڪي بورڊ هڪ بنيادي ان پٽ ڊوائيس آهي، جنهن جو ڪم ڊيٽا/مواد (انسان کان مليل پيغامن) کي سِي- پِي- يُو (سينٽرل پروسيسنگ يونٽ) يعني ڪمپيوٽر جي دماغ تائين پهچائڻ آهي. هن کان سواءِ عام ڪمپيوٽر سان ڪوبه رابطو قائم نٿو ڪري سگھجي.

مائوس: هيءَ هڪ پوائنٽنگ ڊوائيز آهي، هن جو ڪم ڪمپيوٽر اسڪرين (مانيٽر) تي موجود پوائنٽر/ڪرسر/ايرو (تير جو نشان يا اشارو) ذريعي مختلف آپشنز تي ڪم ڪرڻ آهي، يعني مائوس کي ڪنهن سڌي (پلين) جڳهه تي رکي ان کي هڪ هٿ جي مدد سان جنهن طرف ڦيرائبو ته اهو اشارو يا پوائنٽر اسڪرين تي ان طرف ڦرندو رهندو. هن اوزار/ڊوائيز گرافڪس وغيره جي ڪم کي نهايت آسان ڪري ڇڏيو آهي، هن ڊوائيز کان سواءِ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿيو پوي، هڪ عام مائوس جي بناوٽ ۾ هڪ بال (جنهن ذريعي پوائنٽر کي گھڻ رخي Multidirectional پاسن ڏانهن موڙي سگھجي ٿو، مائوس کي گهمائڻ سان اهو بال به گهمندو، نتيجي ۾ اسڪرين تي پوائنٽر پڻ ساڳئي رخ ۾ چرپر ڪندو)، هن جي مٿاڇري تي ٻه بٽڻ (هڪ ساڄي ۽ هڪ کاٻي) به آهن جن کي رائيٽ بٽن ۽ ليفٽ بٽن جا نالا ڏنل آهن، هنن بٽڻن جو ڪم مختلف مرحلن ۾ مختلف هوندو آهي. اڄ ڪلهه مارڪيٽ ۾ ڪجھه ٻين قسمن جا جديد مائوس پڻ اچي چڪا آهن.

اسڪينر: هي هڪ اهڙي ان پٽ ڊوائيز آهي، جنهن ذريعي ڪي به تصويرون، گرافَ، لکيل/ڇپيل مواد ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪري سگھجي ٿو. هڪ عام اسڪينر جي بناوٽ هڪ فوٽو اسٽيٽ مشين جهڙي هوندي آهي، البته فوٽو اسٽيٽ مشين جي سائيز ڪافي وڏي هوندي آَهي پر ان جي نسبت اسڪينر جي بناوٽ ننڍي هوندي آهي، جهڙي ريت فوٽو اسٽيٽ مشين جي مٿاڇري شيشي تي ڪو به ڪاغذ يا فوٽو وغيره رکي ان جي فوٽو ڪاپي ڪبي آھي اهڙي طرح ئي ڪو به ڪاغذي مواد اسڪينر جي شيشي جي مٿان رکي ان کي ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪبو آھي. مائوس ۽ ڪيبورڊ وانگر هن جا به مختلف قسم مارڪيٽ ۾ موجود آهن.

مائڪروفون/ مائيڪ: هن ان پٽ ڊوائيز جو ڪم آوازن کي ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪرڻ آهي. يعني هن وسيلي اسان پنهنجو آواز ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪري محفوظ ڪري سگھون ٿا. جديد ڪمپيوٽرن ۾ اسان آواز ذريعي ڪمپيوٽر کي هدايتون پڻ ڏئي سگهون ٿا.

ڊجيٽل ڪيميرا:هيءَ هڪ اهڙي قسم جي ڪيمرا آهي جنهن وسيلي مختلف شين، منظرن وغيره جون تصويرون ڪڍي بعد ۾(يا ساڳئي وقت) انهن کي ڪئبل/تار (يا بغير تار يا وئرليس سسٽم) وسيلي ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪري سگھجي ٿو، اڄ ڪلهه ڪافي اعلى معيار جون ڊجيٽل ڪيميرائون مارڪيٽ ۾ آيل آهن جن وسيلي نه صرف تصويرون پر مختلف ٽائيم ڊيوريشن تي مشتمل وڊيو رڪارڊنگز (فلم/مووي ميڪنگ آواز ۽ تصوير سان گڏ) به ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪري سگھجن ٿيون، اهي سهولتون ڪجھه جديد قسم جي موبائيل سسٽمز ۾ پڻ موجود آهن.

ان کان علاوه به ڪافي ان پٽ ڊوائيسز موجود آهن جن جو ڪم به اهڙي ئي قسم جو آهي، جهڙوڪ بارڪوڊ ريڊر، ڪارڊ ريڊر، لائيٽ پين، ٽچ اسڪرين، ڊرائنگ پيڊ، جواءِ اسٽڪ وغيره اهم آهن.

    • پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ڊوائيسز

هن قسم جي ڊوائيسز جو ڪم (ان پٽ ڊوائيسز ذريعي) حاصل ڪيل ڊيٽا کي پروسيس ڪري انفارميشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ميموريءَ ۾ محفوظ ڪرڻ آهي. ياد رهي ته ڪمپيوٽر جي ايجاد جو بنيادي مقصد پروسيسنگ ئي آهي ٻين لفظن ۾ هيءُ ته ڪمپيوٽر پروسيسنگ جي ڪم لاءِ ئي ٺهيل آهي.


پروسيس (عمل): جڏهن چانھ ٺاهي ويند آهي ته سڀ کان پهريان کير، پاڻي، پتي ۽ کنڊ ڪنهن ٿانوَ ۾ وجھبي آھي ”ان پٽ“ ڏبي آھي. پوءِ ان کي گئسن جي ميلاپ سان جنم وٺندڙ باهه يعني گرميءَ (پري ڊفائينڊ رول/”پروگرام“) جي ”پراسيس“ (عمل) مان گذاريو ويندو آھي. يعني خالي کير کنڊ ۽ پتيءَ (ڊيٽا) کي تيستائين چانهن (انفارميشن/آئوٽ پٽ) جو نالو نٿو ڏئي سگھجي جسيتائين ان کي گرميءَ جي ”پراسيس“ مان نه گذارجي.

اهڙي ريت جيڪڏهن رياضيءَ جي بنيادي حسابي عمل يعني جوڙ ڪٽ جي پروسيس تي غور ڪبو ته اسان کي پروسيس جو مطلب آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ويندو. مثال طور پهريان ٻه مختلف عدد (ڊيٽا/ان پٽ) کڻجن، انهن کي پنهنجي ذهن وسيلي رياضيءَ جي پري ڊفائينڊ اصول جوڙ (پلس) جي عمل/پراسيس مان گذارجي ته نتيجو (انفارميشن/آئوٽ پٽ) ملندو. يعني گهربل انفارميشن/معلومات تيستائين نه ملندي جيستائين انهن عددن/مواد/ڊيٽا/ان پٽ کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ٿيل پري ڊفائينڊ اصول (پروگرام) مان پروسيس نٿو ڪجي.

ڪپيوٽر پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ڊوائيسز به مختلف حصن تي مشتمل آهن، ڪمپيوٽر ۾ هنن جي اهميت ايتري آهي جيتري انساني جسم ۾ دماغ جي. جيڪڏهن هڪ سالم انساني دماغ تي غور ڪبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو ڪم ۽ بناوٽ جي حساب سان ٽن شين تي مشتمل آهي.

  1. هڪ هن جو فزيڪل وجود
  2. ٻيو ان ۾ ڪائنات طرفان بنيادي/فطري سمجھه، سڄي انساني جسم تي ڪنٽرول ۽ ضابطي جي سگھه. يعني هڪ مڪمل آپريٽنگ سسٽم جيڪو پوري انساني جسم تي ڪنٽرول ڪري ٿو.
  3. ٽيون انساني دماغ ۾ دنيا/معاشري ۾ اچڻ کان پوءِ مختلف قاعده قانون، اصول جهڙوڪ ڳالهائڻ لکڻ پڙهڻ يعني جن وسيلي انساني دماغ ۾ (اِف – دين/ جيڪڏهن…. ته پوءِ) ۽ ڊسيشن ميڪنگ/ فيصلا سازيءَ جي پيدا ٿيندڙ سگھه.

اهڙي نموني انساني دماغ به ڪمپيوٽر جي دماغ کي انهن ٽنهي شين تي مشتمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يعني پروسيسنگ ۽ اسٽوريج ڊوائيسز جن ۾ سي پي يو يعني سينٽرل پروسيسنگ يونٽ اهم آهي، اهڙي قسم جي ساڳين ٽن خوبين تي مشتمل آهن.

  1. هڪ ته هن جو هڪ مخصوص فزيڪل لي آئوٽ آهي.
  2. ٻيو ٺاهيندڙن (سائنسدانن) طرفان ان ۾ بنيادي اصول ۽ قاعده داخل/فيڊ ٿيل آهن جن کي بيسڪ آپريٽنگ سسٽم يا بايوز چئجي ٿو.
  3. ٽيون پنهنجي ضرورت مطابق ان ۾ داخل ڪيل مختلف ڪمن جا پروگرام (جنهن ۾ ڪمپيوٽر جي مڪمل هارڊويئر ۽ سافٽويئر تي ڪنٽرول ڪندڙ آپريٽنگ سسٽم ۽ ايپليڪيشن سسٽم سافٽويئر پروگرام اچي وڃن ٿا.)

پروسيسنگ ۽ ميمري ڊوائيسز جي فزيڪل بناوٽ ۽ انهن جا مختلف قسم/حصا

پراسيسنگ ڊوائيسز:هن کي ڪمپيوٽر جو ڪنٽرول يونٽ به چئبو آهي. هن جي ڪم ۾ انپٽ ٿيل شي جو مقصد واضع ڪرڻ، ڊيٽا کي ٽرانسليٽ ڪرڻ مطلب انٽرپريئيٽ ڪرڻ، ايگزيڪيوٽيشن مطلب ان پٽ ٿيل ڊيٽا کي پروسيس ڪري نتيجي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. وصف جي لحاظ کان سي پي يو هڪ قسم جي چپ chip آهي، جيڪا ڪمپيوٽر جي دماغ جو ڪم ڏيندي آهي، هيءَ چپ ٽن حصن تي مشتمل هوندي آهي 1. ڪنٽرول يونٽ 2. ارٿ ميٽڪ ۽ لاجڪ يونٽ (رياضيءَ جا/حسابي عمل) ۽ 3. ان پٽ آئوٽ/ پٽ يونٽ. سي پي يو چپ جي معيار جو دارومدار هن جي رفتار ۽ جسامت تي هوندو آهي، چپ جي رفتار ميگا هٽز (ڪمپيوٽر ميمري ماپڻ جو ايڪو) سان ماپي ويندي آهي.


نوٽ: ياد رهي ته پرسنل ڪمپيوٽر جي پرزن ۾ جيڪو باڪس نما پرزو اسان کي نظر ايندو آهي ان کي به سِي پِي يو ئي چوندا آهن ، ڇو ته پروسينگ ۽ اسٽوريج وغيره جو سمورو ڪم ان ۾ اندر موجود مختلف پرزا ئي سر انجام ڏيندا آهن. هن دٻي ۾ هيٺيان خاص پرزا موجود هوندا آهن.

ّپاور سپلاءِ: جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته هي ڪمپيوٽر جي مختلف/مڙني پرزن کي ضرورت مطابق بجلي فراهم ڪندو آهي.

مڌر بورڊ: سي پي يو جو مين بورڊ آهي جنهن سان/تي ڪمپيوٽر جا اندروني ۽ بيروني پرزا ڳنڍيل هوندا آهن. ان کان سواءِ هن دٻي ۾ ريم، سِي پِي يو چِپِ، هارڊ ڊسڪ ۽ تارون، وغيره وغيره موجود هونديون آهن.

اسٽوريج يا ميموري ڊوائيسز: اسٽوريج ڊوائيز مان مراد آهي ته ڪا به اهڙي ڊوائيز جنهن ۾ ڪا ڊيٽا/انفارميشن ٻيهر استعمال لاءِ محفوظ ڪري سگھجي. مائڪروڪمپيوٽرس (پرسنل ڪمپيوٽرس) ۾ ٻن قسم جون اسٽوريج ڊوائيسز هونديون آهن.

  1. پرائمري/شروعاتي (مين/مکيه) اسٽوريج ڊوائيسز/ياداشتي پرزا ۽
  2. سيڪنڊري (سپورٽنگ/مددگار) اسٽوريج ڊوائيسز.

پهرين قسم جي ميمريءَ ۾ ريم: شامل آهي، هيءَ ڪمپيوٽر اندر ننڍي ۽ ترت پهچ واري ميمري آهي، عام طور تي هيءَ هلندڙ پروگرامن (ٿيندڙ ڪمن) جي هڪ ڀاڱي ٽي حصي کي تيستائين پاڻ وٽ محفوظ رکندي آهي جيستائين انهن کي باقاعده هارڊ ڊسڪ وغيره تي محفوظ نٿو ڪجي، ان ڪري هن کي ٽيمپرري ميمري (عارضي ياداشت) به چيو ويندو آهي. ڇو ته هن ۾ مواد تيستائين محفوظ هوندو جيستائين ڪمپيوٽر هلي رهيو آهي پر ڪمپيوٽر بند ٿيڻ کان پوءِ هن ۾ ڪابه ڊيٽا موجود نه هوندي آهي.

ٻئي قسم جي اسٽوريج ڊوائيسز: سيڪنڊري اسٽوريج ۾ ڊسڪ ڊرائيوز جهڙوڪ هارڊ ڊسڪ ، فلاپي ڊسڪ، سي ڊي وغيره اچي وڃن ٿيون، جن ۾ محفوظ ڪيل ڊيٽا ڪنهن به وقت استعمال ڪري سگهجي ٿي. هيءَ ياداشت مستقل ياداشت هوندي آهي)، آپريٽنگ سسٽمز توڙي ايپليڪيشن پروگرام پڻ سيڪنڊري اسٽوريج ڊوائيسز ۾ محفوظ هوندا آهن).

    • آئوٽ پٽ ڊوائيسز

ڪمپيوٽر جي هنن عضون/ڊوائيسز جو ڪم پراسيس ٿيل ڊيٽا کي استعماليندڙ (يوزر) تائين پهچائڻ آهي.

لفظ آئوٽ پٽ: اهڙي قسم جي انفارميشن يا ڊيٽا (معلومات يا مواد) جيڪا سي پي يو يا مين ميمريءَ مان پراسيس ٿي (عملجي/مرحلجي) ٻئي ڪنهن ڊوائيز/پرزي جهڙوڪ مانيٽر (ڪمپيوٽر اسڪرين) يا سيڪنڊري اسٽوريج ڊوائيس جهڙوڪ فلاپي وغيره ڏانهن منتقل ٿئي، تنهن کي آئوٽ پٽ چئبو آهي.

ڪجھه اهم آئوٽ پٽ ڊوائيسز جو مختصر تعارف ۽ اهميت نمبر وار هيٺ بيان ڪجي ٿي.

مانيٽر: ڪمپيوٽر هارڊويئر جي آئوٽ پٽ ڊوائيسز ۾ هيءَ ڊوائيس پنهنجي ڪم جي اهميت جي ڪري سر فهرست آهي. هن جي ظاهري بناوٽ عام ٽيليويزن جهڙي آهي ۽ هن کي ڪمپيوٽر اسڪرين يا ڊسپلي پڻ چئبو آهي. هن ڊوائيس جو ڪم پراسيس ٿيل انفارميشن جهڙوڪ ٽيڪسٽ (اکر/لکت)، گرافڪس (تصويرون وغيره) ۽ وڊيوز/اينيميشن (فلم ۽ چرندڙ پرندڙ تصويرون)، حسابي نتيجن ۽ اڪائونٽس جي ڪمن وغيره کي سِي آر ٽِي (ڪيٿوڊ ريز ٽيوب) ۽ ايل سِي ڊِي اسڪرين ذريعي استعماليندڙ تائين پهچائڻ آهي. مانيٽرس مختلف قسم ٿيندا آهن، هڪڙا ڊجيٽل مانيٽر جيڪي بهترين ڪوالٽيءِ جي رزلٽ ۽ رنگن جو تمام وڏو (پر محدود) ذخيرو ڊجيٽل فارم ۾ ڊسپلي ڪندا آهن. ۽ ٻيا اينالاگ مانيٽر جيڪي اڻ ڳڻيل (پر گهٽ معياري) رنگن ذريعي نتيجا ظاهر ڪندا/ڏيکاريندا آهن، وِي جِي اي (وزيوئل گرافڪ ايڊاپٽر) اينالاگ مانيٽر ۾ شمار ڪيا ويندا آهن.

پرنٽرس: هي آئوٽ پٽ ڊوائيسز ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا يا انفارميشن جهڙوڪ ٽيڪسٽ، اميجز، گرافڪس وغيره کي ڪنهن پيپر (ڪاغذ يا پني)، شيٽ، پلاسٽڪ شيٽ، ٽرانسپيرنٽ شيٽ وغيره تي پرنٽ/ڇاپڻ لاءِ ڪتب آڻبيون آهن. ياد رهي ته ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي سافٽ ڪاپي ۽ جڏهن ته پرنٽر ذريعي ڪاغذ وغيره تي پرنٽ/ڇپيل معلومات/مواد کي هارڊ ڪاپي چيو وڃي ٿو. هنن ۾ رنگين ۽ بليڪ ان وائيٽ پرنٽر مارڪيٽ ۾ موجود آهن. پرنٽرن جا ڪافي قسم ٿيندا آهن جن جي درجه بندي مختلف حوالن سان ڪري سگھجي ٿي، جهڙوڪ: قسم جي حوالي سان، امپيڪٽ ۽ نان امپيڪٽ پرنٽرس. معيار جي حوالي سان، پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال. رفتار جي حوالي سان، ڪمپيوٽر کان پرنٽر تائين ڊيٽا جي منتقليءَ جي رفتار ۽ ڇاپڻ جي رفتار، ۽ پرنٽ ڪرڻ جي طريقن، پرنٽ ڪوالٽيءَ، رنگن ۽قيمتن جي حوالن وغيره سان پرنٽرن جي درجا بندي ڪري سگهجي ٿي.

امپيڪٽ پرنٽر: هي پرنٽر ٽيڪسٽ (اکرن/لکڻين) ۽ سيمبلس (نشانين ۽ علامتن) وغيره کي سئيءَ نما چهنبدار شي سان، مس پٽيءَ (انڪ ربن) کي پني مٿان دٻائيندي ڇپيندا آهن، بلڪل ائين جيئن ٽائيپ رائيٽر ربن ذريعي پيپر تي پرنٽ ڇڏيندو آهي. هن قسم جي پرنٽرس ۾ ڊيزي ويل پرنٽر ۽ ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽر عام آهن. ڊيزي ويل پرنٽرس ڊاٽ ميٽرڪس جي نسبت ڪافي بهتر ڪوالٽيءَ جي پرنٽ ڏيندا آهن. پر هنن جي رفتار ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽرس جي نسبت گھٽ آهي.

نان امپيڪٽ پرنٽرس: هنن قسم جي پرنٽرن ۾ ٻيا سڀئي پرنٽر اچي وڃن ٿا جهڙوڪ: ليزر پرنٽر، انڪ جيٽ پرنٽر ۽ ٿرمل پرنٽر.

ليزر پرنٽرس:هي پرنٽر هاءِ ريزوليوشن (تمام گھڻن پگزلس جو تعداد، جن کي DPI يعني ڊاٽس پر انچ جي ايڪي سان ماپبو آهي) پرنٽرس آهن، هنن ۾ ليزر ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڊاٽ ميٽرڪس واري سسٽم تحت اعلى ڪوالٽيءَ جي پرنٽ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. هنن جي ريزوليوشن عام پرنٽرن جي نسبت تمام گھڻي هوندي آهي، جيڪا عام طور 300 dpi هوندي آهي۔

انڪ جيٽ پرنٽرز:هي پرنٽرز ڪريڪٽرن يا نشانين/گرافڪس وغيره کي اليڪٽريڪلي چارج ٿيل مس جي تمام ننڍڙن ڦڙن جي وهڪري وسيلي ڪاغذ وغيره تي پرنٽ ڪندا آهن. مس جي انهن ننڍڙن ڦڙن جي چرپر بجليءَ جي اوزار وسيلي ڪنٽرول ٿيندي رهندي آهي. ياد رهي ته هي به نان امپيڪٽ پرنٽر آهي.

ٿرمل پرنٽرس: هن پرنٽر جي ڪم ڪرڻ جو طريقو به بلڪل انڪ جيٽ پرنٽر جهڙو آهي، يعني مس جي سنهڙن ڦڙن ذريعي پرنٽ ڪرڻ، فرق صرف ايترو آهي ته هن پرنٽر ۾ استعمال ٿيندڙ مس جا سنهڙا ڦڙا مس کي گرم ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن.

    • اسپيڪرس

هيءَ اهڙي آئوٽ پٽ ڊوائيد آهي جنهن وسيلي اسان ڪمپيوٽر ذريعي آواز ٻڌي سگھون ٿا، فلم ۽ گانا وغيره/ڏسي ٻڌي سگهون ٿا، مختلف گيمز مان لطف اندوز ٿي سگھون ٿا. هاڻي اهو پڻ ممڪن آهي ته اسان ڪمپيوٽر ذريعي مائيڪ تي ڪجھه ڳالهايون ۽ اهو ان وقت ئي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌي سگھجي، يعني اسان ڪمپيوٽر جي سائونڊ سسٽم ذريعي تقرير، پريزنٽيشن وغيره به ڏئي سگھون ٿا.

نوٽ: هن مرحلي تي ڪمپيوٽر جي ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ ڊوائيسز بابت سکيو ويو، ان کان علاوه به هڪ قسم جون ڊوائيسز آهن جيڪي ٻئي ڪم يعني ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ جو ڪم ڏينديون آهن، پر انهن جي لهه وچڙ سڌي سئين انسان سان نه هوندي آهي، پر اهي ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ جو ڪم ٻين لاڳاپيل پرزن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. اهڙي قسم جي ڊوائيسز کي سمجھڻ لاءِ انساني دماغ جو مثال وٺجي. انساني دماغ ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ جا ٻئي ڪم سرانجام ڏئي ٿو، پر اهو سڌيءَ طرح پاڻ نه ئي ان پٽ حاصل ڪري ٿو ۽ نه ئي آئوٽ پٽ ڏئي ٿو. جهڙوڪ دماغ بذات خود ڪونه ٿو ڏسي پر اهو ڪم اکين کان ٿو وٺي، ۽ نه ئي وري بذات خود پاڻ ڳالهائي يا لکي ٿو پر اهو ڪم زبان ۽ هٿن کان ٿو وٺي.

ڪمپيوٽر جي اهڙي قسم جي ڊوائيسز ۾ موڊيم، پروسيسر، ريم وغيره اچي وڃن ٿيون.

هڪ ڪمپيوٽر جو جسم جنهن ۾ عام استعمال ٿيندڙ اوزارن کي ان پٽ، پروسيسنگ/اسٽوريج ۽ آئوٽ پٽ ڊوائيسز جي ڪئٽگريءَ / خانن ۾ ورهائي بيان ڪيو پيو. پر اهو نه وسارجي ته اهو صرف ڪمپيوٽر جو جسم ئي هو ۽ بس. ان کي ڪڏهن به مڪمل ڪمپيوٽر نه ٿا چئي سگھون. توڙي جو هو فزيڪلي طور تي هر لحاظ کان مڪمل آهي. ڇو ته ياد رهي ته ڪمپيوٽر پنهنجو پاڻ ڪابه شي، ڪو به عمل نه ڪندو آهي، هر شي هر ڳالهه هر عقل انسان ئي ان ۾ فيڊ/داخل ڪيو آهي. جڏهن ان ۾ ٻين ضروري شين سان گڏ دماغ ته هجي ئي پر ان ۾ سوچ ۽ عقل به ضرور هجي، سوچ ۽ عقل (يعني آپريٽنگ سسٽم) کان سواءِ انسان جهڙوڪ ڊيڊ باڊي (مئل/لاش) ئي آهي. اهڙي طرح ئي ڪمپيوٽر جو مڪمل جسم (هارڊويئر) توڙي جو اهو ڪيتري ئي ڳري قيمت جو ڇونه هجي پر سافٽ ويئر يعني آپريٽنگ سسٽم کان سواءِ نا مڪمل آهي.

سافٽويئر/پروگرام[سنواريو]

سافٽ ويئر يا ڪمپيوٽر پروگرام جي وصف هيئن ڪري سگھجي ٿي ته ڪو به پروگرام يا پروگرامن جو گروپ (هدايت يا هدايتن جو سيٽ/جٿو/ميڙ) جيڪو هارڊ وئير (جسم ۽ ان جي حصن کي) موقعن جي مناسبت سان هدايتون جاري ڪندو رهي ته هاڻي ڪهڙي حصي کي ڪهڙو ڪم ڪرڻ گھرجي. سافٽ ويئر کي ٻن مکيه گروپن/قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا.

  1. آپريٽنگ سسٽم يا سسٽم سافٽويئر
  2. ايپليڪيشن سافٽويئر

سسٽم سافٽويئر: سسٽم سافٽ ويئر (ڪمپيوٽري نظام هلائيندڙ هدايتون) سافٽ ويئر جو هي قسم ڪمپيوٽر ۽ ايپليڪيشن سافٽ ويئر (خاص مقصد لاءِ ڪتب ايندڙ هدايتن) کي ڪنٽرول ڪندو آهي. ۽ انهن کان مختلف ڪم وٺندو آهي، انهن کي حڪم جاري ڪندو رهندو آهي. هن سافٽ ويئر وسيلي انسان ان لائق بڻجندو آهي ته هو ڪمپيوٽر سان رابطو قائم ڪري سگھي، هي سافٽ ويئر بنيادي ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ جا ڪم سرانجام ڏياريندو آهي، ۽ ايپليڪيشن سافٽ ويئر (جهڙوڪ: ورڊ پروسيسرس (خط و ڪتابت جا پروگرام)، اسپريڊ شيٽس (رياضيءَ/حساب ڪتاب/اڪائونٽس بابت پروگرام) ۽ ڊيٽا بيس پروگرام (ڪنهن به مواد کي ٽيبل شيپ (کاتي واري طريقي/ ڳوڙهن انگن اکرن کي آسان طريقي) ۾ محفوظ ڪرڻ جو پروگرام) کي مختلف ڪم ڪرڻ ۾ هر وقت مدد ڪندو رهندو آهي.

سسٽم سافٽ ويئر جا ڪجھه مثال هي آهن. ڊوس يا ڊاس: ڊسڪ آپريٽنگ سسٽم (DOS – Disk Operating System)، ونڊوز (Windows)، لينڪس ۽ يونڪس (Linux & Unix) ۽ ايپل وغيره

ايپليڪيشن سافٽويئر:سافٽويرس جو هي قسم مختلف (پر مخصوص) ڪمن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، هن کي ڪنٽرول ڪندڙ سسٽم سافٽ ويئر هوندو آهي. ايپليڪيشن سافٽ ويئر انسان پنهنجي ضرورت مطابق ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪندو آهي. جهڙوڪ جيڪڏهن ڪو اڪائونٽنٽ يا انجنيئر آهي يا ڪنهن کي رياضيءَ جا مختلف ڪم ڪرڻا آهن ته هو سپريڊ شيٽس ۽ ٻيا رياضيءَ بابت پروگرام ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪري انهن تي ڪم ڪندو. اهڙي نموني ورڊ پروسيسرس ۾ مختلف قسم جي خط و ڪتابت، لک پڙهه، ياداشتون، ڪتاب لکڻ، مضمون يا آرٽيڪل وغيره مختلف ٻولين لکي سگھجي ٿو. ساڳئي طرح ڊيٽا بيس لاءِ ڌار سافٽ ويئر آهن، اسان کي جيڪڏهن تصويرن وغيره يعني گرافڪس تي ڪم ڪرڻو آهي ته اسان گرافڪس سافٽ ويئر استعمال ڪندا آهيون. شاگردن جي سکيا لاءِ مختلف موضوعن تي بهترين سکيا سافٽ ويئر مارڪيٽ ۾ موجود آهن ته جيئن هو گھر ويٺي پنهنجي سبجيڪٽ جي بهترين نموني تياري ڪري سگھن، جهڙوڪ انجنيئرنگ، ميڊيڪل سائنس، ڪمپيوٽر سائنس وغيره لاءِ اعلى معيار جا سکيا سافٽ ويئر (لرننگ ٽيوٽرس) تيار ٿيل آهن. اهڙي نموني انٽرنيٽ ، چيٽنگ، ويب ڊزائيننگ، موسيقي، فلم ، مووي ميڪنگ، اينيميشنس لاءِ به ڌار ڌار سافٽ ويئر موجود آهن. مطلب جنهن کي جهڙي قسم جو ڪم ڪرڻو آهي اهو ان ڪم لاءِ تيار ڪيل ايپليڪيشن سافٽ ويئر ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪندو. اڄ ڪلهه مختلف ڪمن لاءِ مارڪيٽ ۾ بيشمار ايپليڪيشن سافٽ ويئر موجود آهن.

سافٽ ويئر جي ڪئٽگريءَ ۾ هڪڙا ٽئين قسم جا سافٽويئر به آهن جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي سافٽويئر جون خوبيون آهن، يعني اهڙا پروگرام، سسٽم سافٽويئر ۽ ايپليڪيشن سافٽويئر ٻنهي جو ڪم ڏيندا آهن ، انهن ۾ نيٽورڪ سافٽ ويئر ۽ ڪمپيوٽر لئنگويجز شامل آهن. ياد رهي ته انگريزي لفظ سافٽ ويئر (software) جو ڪوبه جمع نه آهي، ان ڪري جمع طور به لفظ سافٽ ويئر ئي ڪتب آڻڻ بهتر ٿيندو.

ڊيٽا پروسيسنگ[سنواريو]

ڊيٽا ان مواد کي چئبو آهي جنهن تي ڪم ڪيو ويندو آهي، ۽ پروسيسنگ ان ڊيٽا ٿي ٿيندڙ ڪم يا عمل کي چئبو آهي، ڊيٽا ۽ ڊيٽا پروسيسنگ جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيترو انسان پاڻ.

“As a general rule, the most successful man in life is the man who has the best information.” - Benjamin Disraeli

ڊيٽا جو پسمنظر[سنواريو]

جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي، علم ۽ عمل انسان ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه ٺاهي آهي، ۽ هڪ انسان دنياداريءَ جي رشتن کي نڀائڻ خاطر يا پيار محبت خاطر ٻئي انسان بابت ڄاڻڻ لاءِ جيڪو مختصر خاڪو پنهنجي ذهن ۾ جوڙيو ان کي ڊيٽا جو نالو ڏنو. ان لاءِ ڊيٽا ان کي چئبو آهي جنهن ۾ ڪنهن شخص يا شيءِ بابت معلومات هجي.

ڪمپيوٽري ڊيٽا جا ٽي قسم هوندا آهن:

  1. عددي مواد (Numeric Data) جهڙوڪ؛ 23،54،78 وغيره
  2. لفظي يا حرفي مواد (Alpha or alphabetic data) جهڙوڪ: ڪتاب، احمد، ڪراچي وغيره
  3. حرفي ۽ عددي مواد (alphanumeric data) جهڙوڪ: 2005-Q133, SLA35, 21-jan وغيره

ڊيٽا پروسيسنگ اصطلاح جي سادن لفظن ۾ وصف هيءَ آهي ته ڪنهن به ڊيٽا يا مواد کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ ڪنهن پروسيس يا عمل مان گذارجي. موجوده دور جي انسان وٽ ڊيٽا پروسيسنگ جا پنج قائده آهن.

  1. مينيوئل ڊيٽا پروسيسنگ
  2. مڪينيڪل ڊيٽا پروسيسنگ
  3. اليڪٽرو مڪينيڪل ڊيٽا پروسيسنگ
  4. پنچڊ ڪارڊ ڊيٽا پروسيسنگ
  5. اليڪٽرانڪس ڊيٽا پروسينگ

مينيوئل ڊيٽا پروسينگ[سنواريو]

ڊيٽا پروسيس ڪرڻ جو هي اهڙو قاعدو آهي، جنهن سان مواد ۽ انگ اکر بغير ڪنهن مشين جي صرف هٿن ۽ ذهن ذريعي جوڙ، ڪٽ، ضرب، ونڊ، ۽ ٻيا رياضيءَ ۽ سائنس جا فارمولا وغيره حل ڪبو آھي. يعني هن قسم جي ڊيٽا پروسيسنگ ۾ ڪنهن مشين جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي، انسان هي ڪم صرف پنهنجي هٿن سان ڪندو آهي.

مڪينيڪل ڊيٽا پروسيسنگ[سنواريو]

ڊيٽا پروسيسنگ جي هن طريقي ۾ انسان مشين (مڪينيڪل ڊوائيز) جو استعمال ڪندو آهي، اهڙي قسم جي مشين بغير ڪنهن اندروني طاقت (سافٽ ويئر/ فيڊ ٿيل پروگرام) جي صرف انسان جي دماغ ۽ هٿن (انساني توانائيءَ) ذريعي ڪم ڪندي آهي، هن مشين ذريعي جيڪو مواد پروسيس ٿي حاصل ٿيندو آهي ان جي پوري عمل کي مڪينيڪل ڊيٽا پروسيسنگ چئبو آهي. مثال طور ايباڪس Abacus ذريعي حساب ڪتاب ڪرڻ. ياد رهي ته ايباڪس هزارين سال اڳ يعني 2200 ق م کان استعمال ٿيندو پيو اچي، چين ۾ هن کي سوان پان ۽ جاپان ۾ هن کي سورويان چوندا آهن. هن جو استعمال آسان هجڻ ڪري نابين ماڻهو به هن کي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگھندا آهن.

اليڪٽرو مڪينيڪل ڊيٽا پروسيسنگ[سنواريو]

هن طريقي سان ڊيٽا کي بجليءَ ذريعي هلندڙ ڪنهن حسابي مشين ذريعي پروسيس ڪيو ويندو آهي. هن عمل کي اليڪٽرو مڪينيڪل ڊيٽا پروسيسنگ چئبو آهي. هن ڪم ۾ انسان جو عمل دخل 20 سيڪڙو ۽ مشين جو عمل دخل 80 سيڪڙو هوندو آهي. جهڙوڪ اليڪٽرڪ ٽائيپ رائيٽر.

پنچڊ ڪارڊ ڊيٽا پروسيسنگ[سنواريو]

هن طريقي سان پنچڊ ڪارڊ تي ڊيٽا کي پروسيس ڪيو ويندو آهي (هي هڪ قسم جو ڪارڊ آهي جيڪو ڊيٽا کي بٽس ذريعي ڪالمن ۾ محفوظ ڪندو آهي، جن تي پنچڊ هولز (سوراخ ٿيل) هوندا آهن).هن قسم جي پروسيسنگ سوراخن جي ذريعي جواب جي صورت ۾ اسان جي آڏو ايندي آهي، ۽ هڪ ڪارڊ ۾ عام طور تي 960 سوراخ پنچڊ ڪرڻ جي گنجائش هوندي آهي، ڪارڊ تي ڊيٽا مخصوص نشانن ۾ موجود هوندي آهي جنهن کي پنچنگ مشين ذريعي آپريٽر ڪارڊن کي ترتيب ڏيندو آهي، هن سڄي عمل کي پنچڊ ڪارڊ ڊيٽا پروسيسنگ چئبو آهي.

اليڪٽرانڪ ڊيٽا پروسيسنگ[سنواريو]

اليڪٽرانڪ ڊيٽا پروسيسنگ يعني (EDP) هي طريقو ڊيٽا کي پروسيس ڪرڻ جو سڀ کان آسان، ڪامياب ۽ جديد طريقو آهي، هي ٻين ڊيٽا پروسيسنگ نظامن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهترين ۽ منفرد خصوصيتن تي مشتمل آهي، هن نظام تحت ڊيٽا کي اليڪٽرانڪ نظام تحت پروسيس ڪيو ويندو آهي، هن جو ڪافي خصوصيتون.

رفتار ۽ درستگي:ڪمپيوٽر هڪ اليڪٽرانڪ مشين آهي، جنهن جي رفتار جو مقابلو بجليءَ/روشنيءَ جي وهڪري جي رفتار سان ڪري سگھجي ٿو. ڪمپيوٽر ذريعي پروسيس ٿيل ڊيٽا جا نتيجا سو سيڪڙو صحيح هوندا آهن، ڇو ته انسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي پر ڪمپيوٽر غلطي نه ڪندو آهي جيستائين ان کي غلط هدايت يا حڪم نه ڏنو وڃي. خود ڪار عمل: ڪمپيوٽر ۾ يعني اليڪٽرانڪس ڊيٽا پروسيسنگ ۾ مختلف قسم جا عمل ڪمپيوٽر انسان جي مداخلت کان بغير يعني خود ڪار طريقي سان سرانجام ڏيندو آهي، اهي عمل ڪمپيوٽر ۾ فيڊ (اسٽور) ٿيل پروگرامن جي مدد سان ڪيا ويندا آهن.

فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت: هڪ ڪمپيوٽر مختلف قسم جا فيصلا خود ڪرڻ جي صلاحيت به رکندو آهي، مطلب ڪافي سارا عمل انسان جي سوچ جي بغير ئي طئي ڪندو آهي، اهو سڀ ڪجھه اليڪٽرانڪ ڊيٽا پروسيسنگ جي ذريعي عمل ۾ ايندو آهي. ۽ اليڪٽرانڪ ڊيٽا پروسيسنگ جو هي سڄو ڪرشمو سينٽرل پروسيسنگ يونٽ يعني سي پي يو چپ جو ئي آهي.

مائڪروپروسيسر[سنواريو]

ڪافي عرصو اڳ ڪمپيوٽر ديون جهڙين وڏين الماڙين جي صورت ۾ هوندا هئا ۽ ڪمپيوٽر جو هر هڪ جزو مختلف ڪمرن ۾ رکڻ جو رواج پڻ هوندو هو، مثال طور: ان پٽ ڊوائيسز هڪ ڪمري ۾ ته پروسيسر وري ٻئي ڪمري ۾ ۽ اسٽوريج ڊوائيسز وري ٽئين ڪمري ۾. اهڙي نموني ڪنهن وقت ۾ وڏن ڪمپيوٽرن لاءِ ٽن کان پنجن ڪمرن تي مشتمل جڳهه يعني هڪ مڪمل گھر جي ضرورت پوندي هئي، پر مائيڪرو چپ جي حيرت انگيز ايجاد سان اهو سڀ ڪجهه ايتري قدر ته مختصر ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي ليپ ٽاپ ۽ نوٽ بڪ جهڙن ڪمپيوٽرن کي هر جاءِ تي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي سگھجي ٿو. ايتري قدر جو پنهنجي هنج ۾ رکي به استعمال ڪري سگهو ٿا. هنن جو وزن هڪ کان چئن ڪلن تائين ٿي سگھي ٿو، ۽ هڪ صحت مند انسان سولائيءَ سان کڻي سگھي ٿو. سو مائڪرو چپ هڪ پيچيده اوزار آهي، ۽ حيرت انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته هن کي هڪ ننڍڙو ٻار به پنهنجي ننهن تي کڻي سگھي ٿو. هڪ مائڪرو چپ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ انٽيگريٽيڊ سرڪٽ موجود هوندا آهن، انهيءَ ڪري کيس انٽيگريٽيڊ سرڪٽ به چيو ويندو آهي.

سليڪان چپ جو انقلاب[سنواريو]

سليڪان هڪ نيم پسرائيندڙ (سيمي ڪنڊڪٽر) ڌاتو آهي، هن جي بنياد تي ايجاد ٿيندڙ سليڪان چپ (مائڪروپورسيسر) اليڪٽرانڪس کي هڪ نئين تازگي ڏني، ۽ نتيجي ۾ ٽئين نسل جا پورو حال ولاريندڙ ڊجيٽل ڪمپيوٽر جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ ٽرانزسٽرس لڳل هوندا ها، انهن جي جڳهه هنن چپس ولاري. هن چپ جي تياريءَ ۾ گھٽ خرچ سبب ڪمپيوٽر وڌ کان وڌ مقبول ٿيڻ لڳا، ۽ جڏهن چوٿين نسل جي ڪمپيوٽرن ۾ هن چپ جي ٽيڪنالاجيءَ وڌيڪ ترقي ڪئي ته ڪمپيوٽر آهستي آهستي سستا ٿيندا ويا. هن چپ جا هيٺيان خاص فاعدا هيا/آهن:

  1. جسامت بلڪل ننڍڙي
  2. تيز رفتار ڪارڪردگي
  3. توانائيءِ/بجليءَ جو گھٽ استعمال
  4. تياريءَ تي گھٽ خرچ

مائڪروڪمپيوٽر ۾ پروسيسر صرف هڪ چپ تي مشتمل هوندو آهي، ۽ هن چپ جي ايجاد ئي مائڪروڪمپيوٽر کي ممڪن بڻايو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انقلابي تبديليون آنديون. چپ جي ايجاد کان پهريان ڪمپيوٽر جي ياداشت لاءِ معمولي تارون ۽ برقياتي نليون استعمال ٿينديون هيون، هي نليون بجليءَ جي وهڪري کي سوئچ سسٽم (کُلڻ-بندٿيڻ يا On-Off) ذريعي معلومات جو ذخيرو ڪنديون هيون. انهن ڪمپيوٽرن جو وزن سوين ٽنن تي مشتمل هوندو هيو. ٻئين نسل جي ڪمپيوٽرن ۾ برقياتي نلين جي جاءِ ٽرانزسٽرن ولاري، ٽرانزسٽرن جي جسامت هڪ ميٽر جي برابر هوندي هئي، ۽ بجلي به نسبتاً گھٽ استعمال ڪندا هيا. چپ ان وقت ٽرانزسٽرن جي جاءِ ولاري جڏهن سائنسدانن کي معلوم ٿي ويو ته ڪهڙي طرح هزارن جي تعداد ۾ ٽرانزسٽر هڪ ننڍڙي چپ ۾ سمائجي سگھجن ٿا. هنن چپين جي ننڍڙي سائيز جي ڪري اهي پروسيسر جيڪي ڪنهن زماني ۾ سڄي ڪمري کي گھيري ويندا ها، هاڻي انهن کي آڱر جي چوٽيءَ تي به رکي سگھجي ٿو. هن چپ جي استعمال سان ئي ڪمپيوٽر کي ذاتي ڪمپيوٽر (پرسنل ڪمپيوٽر) جو نالو ڏيڻ شروع ڪيو ويو. هاڻي ڪمپيوٽر صرف ڪيبورڊ ذريعي داخل يا انپٽ ٿيل مواد کي آواز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ئي استعمال نه ٿا ٿين پر، هاڻي اهڙا پروگرام به آهن جيڪي پين يا قلم سان لکيل اکرن کي، يا انسان طرفان ڳالهايل جملن کي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري سگھن ٿا، ايتري قدر جو اها ٻولي نابين ۽ گونگا ٻوڙا به سمجھي سگھن. جهڙوڪ : بريلي Braille ٻوليءَ ۾ آئوٽ پٽ/پرنٽ وغيره يا وري اهڙا پروگرام جيڪي هڪ ئي وقت انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي انسان سان رابطو ڪري سگهن ۽ انهن جون ضرورتون ٻين انسانن تائين انساني ٻوليءَ ۾ بيان ڪري سگهن يا پاڻ ئي پوريون ڪري سگهن. اهو سڀ ڪجھه زمان حال ۾ ۽ هتي ئي ٿي رهيو آهي، توهان سوچيو ته مستقبل ۾ ڪمپيوٽر انسان کي ڪهڙي مدد نه ٿو ڪري سگھي.

هاڻي مائڪروپروسيسر چپ صرف ڪمپيوٽر ۾ ئي نه ٿا استعمال ٿين پر ٻانهن تي ٻڌڻ وارين گھڙين، ٽيلي فون، ڪارين، رانديڪن وغيره ۾ به انهن جو استعمال روز به روز عام ٿيندو پيو وڃي ڇو ته انهن جي ننڍڙي جسامت جي ڪري هو ڪنهن به اليڪٽرانڪ اوزار ۾ فٽ ٿي سگھي ٿي. ۽ گھٽ قيمت جي ڪري ماڻهو ان کي خريد ڪري سگھن ٿا.

ميموري ميئرمينٽ يونٽس[سنواريو]

ميموريءَ کي ماپڻ جا ايڪا، ڪمپيوٽر جي ميموريءَ جي صلاحيت کي ماپڻ لاءِ جيڪي ايڪا يا يونٽ استعمال ٿيندا آهن. انهن مان بٽ (Bit) ننڍو ۽ بنيادي ايڪو آهي، بٽ بائينري ڊجٽ (Binary Digit) جو مخفف آهي (ياد رهي ته بائنري لفظ ٻن لفظن باءِ معنى ٻه ۽ نري معنى نمبر مان ورتل آهي اهڙي نموني بائنري جو مطلب ٿيو ته اهڙو نمبر سسٽم جيڪو صرف ٻن ايڪن يعني 0 ۽ 1 تي مشتمل هجي). اٺن بٽز تي مشتمل هڪ گروپ کي بائيٽ چيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ هڪ بائيٽ اٺن بٽس تي مشتمل هوندو آهي، اهڙي نموني هنن بنيادي ايڪن مان ڪلو، ميگا، گيگا ۽ ٽيرا بائيٽس ٺاهيا ويندا آهن جن جي تفصيل هيٺ ڏجي ٿي.

بٽ: هي ڪمپيوٽر ڊيٽا جو ننڍڙي ۾ ننڍڙو ايڪو آهي، هڪ بٽ ٻڙي 0 يا هڪ 1 (نمبرن جو طريقو) يا آن ۽ آف (لاجيڪل طريقو) تي مشتمل هوندو آهي.

بائيٽ: اهڙي نموني 8 بٽس گڏجي هڪ بائيٽ ٺاهيندا آهن. هڪ بائيٽ مختلف قسم جي ڊيٽا تي مشتمل ٿي سگھي ٿو جهڙوڪ: الفابيٽ جو هڪ اکر، قدرتي عددن مان هڪ عدد، يا رياضيءَ جي نشانين وغيره مان ڪا نشاني. (ياد رهي ته اڌ بائيٽ half byte کي نبل nibble or nybble چئبو آهي، نبل 4 بٽس تي مشتمل هوندو آهي)

ڪلوبائيٽ: عام طور ڪلو مان مراد هڪ هزار هوندي آهي، جهڙوڪ هڪ ڪلو گرام ۾ 1000گرام هوندا آهن اهڙي نموني هڪ ڪلو بائيٽ Kilo byte or KB هڪ هزار چوويهه 1024 بائيٽس تي مشتمل هوندو آهي.

ميگا بائيٽ: ميگا مان مراد ڏه لک يا هڪ ملين آهي، اهڙي ريت هڪ ميگا بائيٽ Mega byte or MB وري هڪ هزار چوويهه 1024ڪلو بائيٽ تي مشتمل هوندو آهي، يعني ان ۾ 1048576 پائيٽس هوندا آهن.

گيگا بائيٽ:گيگا مان مراد هڪ بلين يا 1000 ملين (هڪ ارب) آهي، اهڙي ريت گيگا بائيٽ Giga Byte or GB وري 1024 ميگا بائيٽ تي مشتمل هوندو آهي، يعني 1073741824 بائيٽس تي مشتمل هوندو آهي.

ٽيرا بائيٽ: ٽيرا مان مراد هڪ ٽرلين يا one trillion (يعني هڪ کرب) جي هوندي آهي. ٽيرا بائيٽ Terabyte or TB وري 1024 گيگا بائيٽ تي مشتمل هوندو آهي اهڙي ريت هڪ گ ب ۾ 1,099,511,627,776 بائيٽس هوندا آهن. ياد رهي ته ٽيرا بائيٽ تمام وڏن ڊجيٽل ذخيرن کي ماپڻ لاءِ ڪتب ايندا آهن.

ميموري يا ياداشت[سنواريو]

ميمري مان مراد ڪمپيوٽر جي ياداشت آهي، اڄ ڪلهه جديد قسم جي ڪمپيوٽرن ۾ ڪافي طرز جون ميموريز (ياداشتون) استعمال ڪيون وينديون آهن، انهن مان ڪجھه خاص جا نالا ۽ وضاحتون هن ريت آهن:

  1. روم (ROM) يعني Read only memory
  2. ريم (RAM) يعني Random access memory

روم[سنواريو]

هن قسم جي ميمريءَ مان مراد آهي ته اهڙي قسم جي ميموري جيڪا صرف پڙهي وڃي پر ان ۾ تبديلي يا موڊيفڪيشن/ڦير ڦار نه ڪئي وڃي. روم کي ڪمپيوٽر ٺاهڻ وقت ان اندر نصب ڪيو ويندو آهي، هيءَ ميموري مستقل هوندي آهي تنهن ڪري هن کي استعمال ڪندڙ مٽائي/ڊليٽ نه ٿو سگھي. چاهي ڪمپيوٽر بند ڪيو يا کوليو هن ميموريءَ تي ڪوبه اثر نه ٿيندو آهي.

بايوز(BIOS)[سنواريو]

لفظ BIOS، Basic Input Output System جو مخفف آهي. ڪنهن به پرسنل ڪمپيوٽر تي شروعاتي پروگرامن جي روٽين جو سيٽ a set of essential software routine آهي، جيڪو ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيڻ /هلائڻ وقت ڪمپيوٽر هارڊويئر کي ٽيسٽ يا چيڪ ڪندو آهي، بايوز آپريٽنگ سسٽم (سسٽم سافٽ ويئر) کي بنيادي هدايتون مهيا ڪري اسٽارٽ/چالو ڪندو آهي، ۽ مختلف ڊوائيسز جي وچ ۾ ڊيٽا/مواد کي منتقل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪندو آهي. ان کان علاوه پروگرامن جي هن سيٽ ۾ تاريخ ۽ وقت جو نظام ڪنٽرول ڪرڻ جو پروگرام به هوندو آهي، مطلب ته آپريٽنگ سسٽم تاريخ ۽ ٽائيم بايوز مان ئي کڻندو آهي. ياد رهي ته بايوز ريڊ اونلي ميمري يا (ROM) آهي، پروگرامن جو هي سيٽ مين بورڊ تي لڳل هڪ ننڍڙي چپ ۾ مستقل محفوظ هوندو آهي. ياد رهي ته ڪمپيوٽر جي اصطلاحن ۾ عام استعمال ٿيندڙ لفظ سي ڊي روم مان مراد Compact Disk Read Only Memory جي هوندي آهي مطلب اهڙي ڊسڪ جنهن تان صرف مواد پڙهي سگھجي.

ريم (RAM)[سنواريو]

ريم مان مراد عارضي ميموريءَ جي هوندي آهي، يعني بجلي بند ٿي وڃڻ تي هن ۾ موجود سموري ڊيٽا ضايع ٿي ويندي آهي، هن جو ڪم هي آهي ته جڏھن ڪمپيوٽر چالو ڪبو آھي ته ريم اسان کي عارضي ميموريءَ جي جڳهه مهيا ڪندي آهي، جنهن جي گنجائش 4 ميگا بائيٽ کان 1 گيگا بائيٽ تائين يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگھي ٿي. هن ميموريءَ ۾ اها خصوصيت پڻ آهي ته هيءَ ميموري ڪوبه هلندڙ پروگرام يا ان ۾ ٿيندڙ تبديليون پاڻ وٽ تيستائين محفوظ رکندي آهي جيستائين ان پروگرام يا فائيل کي باقاعده هارڊ ڊسڪ وغيره تي محفوظ نه ڪجي. اڄ ڪلهه انٽرنيٽ جو زمانو آهي ان ڪري انٽرنيٽ تي ڪافي اهڙا ڳرا پيڪيج /معلوماتي پيڪيٽ ايندا آهن جن کي لوڊ ڪرڻ لاءَ وڌيڪ ريم جي ضرورت پوندي آهي. ريم جي وڌيڪ وضاحت ڪجھه هن ريت ڪري سگھجي ٿي ته رستو جيترو ويڪرو هوندو ان مان هڪ ئي وقت اوتري وڌيڪ ٽريفڪ گذري سگهندي، اهڙي نموني ريم جي گنجائش جيتري وڌيڪ هوندي ڊيٽا اوترو ئي وڌيڪ ۽ تيزيءَ سان ڪمپيوٽر جي مختلف ڊوائيسز ڏانهن منتقل ٿي سگھندي.

اسٽوريج ميڊيا[سنواريو]

ڪمپيوٽر نظام ۾ مواد يا انفارميشن کي ذخيرو/محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا شي (ميڊيا) استعمال ڪئي وڃي تنهن کي اسٽوريج ميڊيا چئبو آهي. (ميڊيا مان مراد ڪو به فزيڪل مٽيريل جهڙوڪ پيپر، ڊسڪ ۽ ٽيپ وغيره جيڪي ڪمپيوٽر ڊيٽا جي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻجن. ياد رهي ته لفظ media جمع آهي ۽ ان جو واحد طور لفظ medium استعمال ڪبو آهي. جڏهن ته لفظ ميڊيم جو مفهوم هن ريت آهي ته اهڙو ذريعو جنهن مان مختلف قسم جا سگنلز يا لهرون هڪ شي کان ٻي شي ڏانهن منتقل ٿين. مثلاً هوا هڪ اهڙو ميڊيم آهي جنهن ذريعي آواز جون لهرون هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن منتقل ٿين ٿيون.)

اسٽوريج ميڊيا جا قسم[سنواريو]

پرائمري يا مين اسٽوريج[سنواريو]

پرائمري يا مين اسٽوريج مان مراد بنيادي اسٽوريج آهي. مين اسٽوريج، دراصل جنهن وقت ڪمپيوٽر ٺاهيا ويندا آهن، انهن ۾ هڪ اهڙو نظام مين بورڊ (مڌر بورڊ) يا سي پي يو باڪس ۾ ميگنيٽڪ ڪور ۾ نسب ڪيو ويندو آهي، جيڪو جيڪو ڪمپيوٽر کي هلائي، ان ۾ اهڙي صلاحيت پيدا ڪري جيڪا سافٽويئر (پروگرامن) ۽ اطلاعن يا پيغامن کي پروسيس ڪري سگھي. مين اسٽوريج سان رجسٽر به استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي عارضي طور تي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ جي ڪم ايندا آهن، مين اسٽوريج، ڊيٽا کي ان پٽ ڊوائيز کان وٺندي آهي، ان کي ميموريءَ ۾ نظر ثاني ڪري پروسيسر ڏانهن منتقل ڪندي آهي، جتي اها ڊيٽا پروسيس ٿي آئوٽ پٽ ڊوائيسز ذريعي نتيجا مهيا ڪندي آهي، جن کي آئوٽ پٽ چيو ويندو آھي، بعد ۾ ان پروسيس ڪيل ڊيٽا يعني آئوٽ پٽ کي اسان سيڪنڊري اسٽوريج ڊوائيز ۾ محفوظ ڪندا آهيون.

نوٽ: ريم به پرائمري اسٽوريج جو قسم آهي.

سيڪنڊري اسٽوريج[سنواريو]

هن قسم جي اسٽوريج مان مراد ريم کان علاوه هر قسم جون اسٽوريج ڊوائيسز آهن. هن قسم جون اسٽوريج ڊوائيسز ڪمپيوٽر سيٽ يا مڌر بورڊ کان عليحده هونديون آهن سواءِ هارڊ ڊسڪ جي (هارڊ ڊسڪ سي پي يو اندر نسب ٿيل هوندي آهي)، جن کي ڊيٽا، فائيل، پروگرام يا سافٽويئر وغيره رکڻ/محفوظ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو آھي.

سيڪنڊري اسٽوريج لاءِ ڊوائيسز استعمال ٿينديون آهن انهن مان ڪجهه اهم هيٺ ڏجن ٿيون.

  1. ميگنيٽڪ ڊسڪ
  2. ڊسڪيٽس (فلاپي ڊسڪز)
  3. هارڊ ڊسڪ
  4. آپٽيڪل ڊسڪ
  5. ميگنيٽڪ ٽيپ يونٽ، وغيره
ميگنيٽڪ ڊسڪ اسٽوريج[سنواريو]

ڊسڪيٽ ۽ هارڊ ڊسڪ هڪ قسم جون مقناطيسي ميڊيا آهن. ميگنيٽڪ ڊسڪ جي بناوٽ گولائيءَ ۾ حرڪت ڪندڙ/ڦرندڙ ڌاتوءَ جي پليٽ/ٿالهيءَ جهڙي هوندي آهي، هن ڊوائيس تي ڊيٽا لکڻ ۽ پڙهڻ يعني ريڊ ائنڊ رائيٽ جا ٻئي ڪم ڪري سگھجن ٿا. هن ڊوائيز تان جنهن وقت ڊيٽا پڙهي ويندي آهي ان وقت مقناطيسي ڊيٽا/مواد برقي لهرن ۾ تبديل ٿيندو آهي، جيڪو بعد ۾ پروسيسر ڏانهن منتقل ٿيندو آهي. پر هن ڊوائيز تي ڊيٽا جي لکجڻ جو عمل پڙهجڻ واري عمل جي بلڪل برعڪس هوندو آهي، مطلب ته هن تي پروسيس ٿيل برقي لهرن تي مشتمل ڊيٽا محفوظ ٿيڻ مهل مقناطيسي خالن (بلينڪس) ۾ تبديل ٿي هن ڊسڪ تي محفوظ ٿيندي آهي.

ياد رهي ته هنن قسمن جي اسٽوريج ڊوائيسز ۾ ڊيٽا جهڙوڪ: فائيلن، پروگرامن ۽ سافٽويئرن وغيره کي ڊسڪ تي جدا جدا بنايل ٽريڪس (دائرن ۾ بنايل رستن) ۾ محفوظيو (ڀريو) ويندو آهي. ڊسڪن جي ڪجھه تعداد کي عمودي شافٽ (Vertical Shaft) تي هڪ ٻئي جي مٿان مخصوص وٿيءَ تي رکيو/فٽ/نسب ڪيو ويندو آهي، هنن جي وچ ۾ ايتري وٿي هوندي آهي جو انهن جي وچ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ وارا هيڊز (Reading Writing heads) حرڪت ڪري سگهن (مطلب ڊيٽا کي ٽريڪس تان پڙهي لکي سگھن). جڏهن عمودي يا اڀي شافٽ حرڪت ڪندي آهي ته ڊسڪ به هڪ مقرر رفتار تي ڦرندي آهي. ۽ اهڙي نموني ڊيٽا جي ريڊنگ ۽ رائيٽنگ جو عمل ٿيندو رهندو آهي.

هيٺ ڏنل تصويرن ۾ هڪ طرف مڪمل ڊسڪ جو ڍانچو ڏيکاريل آهي جنهن ۾ مختلف ڊسڪز هڪ شافٽ تي/۾ رکيل/نسب ٿيل ڏيکاريل آهن، ۽ ٻئي طرف هڪ ڊسڪ جي مٿاڇري صطح ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ٽريڪز (بند گول دائرا) ڏيکاريل آهن، هي ٽريڪز ايترا ته سنهڙا هوندا آهن جو اسان کي ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن.

ڊسڪيٽ[سنواريو]

ڊسڪيٽ هڪ پلاسٽڪ جيڪيٽ (ڪوَرَ) اندر بند هوندي آهي، هيءَ ننڍي ۽ لچڪدار پلاسٽڪ جي ڊسڪ هوندي آهي، جنهن جي مٿان ميگنيٽڪ آڪسائيڊ جو تهه چاڙهيو ويندو آهي، جنهن تي ڊيٽا محفوظ ٿيندي آهي. ڊسڪيٽس کي فلاپي ڊسڪ به چئبو آهي. هنن جو بنياد بلڪل وڊيو ڪيسيٽ جي اصولن تي رکيو ويو آهي. فلاپي ڊسڪس ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪ جو قطر ساڍا ٽي انچ ½ 3 هوندو آهي، (هيءَ اڄ ڪلهه عام استعمال ۾ هوندي آهي) ۽ ٻيءَ جو قطر ¼ 5 هوندو آهي. (هنن جو استعمال اڄ ڪلهه گھٽ ٿيندو پيو وڃي). هنن قسم جون ڊسڪون 1970 ۾ پهريون ڀيرو منظر عام تي آيون ۽ آءِ بي ايم يعني (International business machines) جي ڪمپيوٽرن ۾ استعمال ڪيون ويون. هنن کان پهريان هنن کان پنجوڻ (پنج دفعا) وڏي سائيز جون ڊسڪون هونديون هيون. هنن جو موجد ”ايل شورٽ“ آهي. هن کا علاوه هڪ قسم جي ٻي ڊسڪ به هوندي آهي جنهن کي ڪمپيڪٽ ڊسڪ (Compact Disk) يا سي ڊي چوندا آهن. ڊسڪيٽ ذريعي ڊيٽا کي هڪ ڪمپيوٽر کان ٻئي ڪمپيوٽر تائين آسانيءَ سان منتقل ڪري سگھجي ٿو.

هارڊ ڊسڪ[سنواريو]

هارڊ ڊسڪ جنهن کي فڪسڊ ڊسڪ به چيو ويندو آهي. هن کي سي پي يو باڪس ۾ اندر مين بورڊ سان ڳنڍيو ويندو آهي، هڪ پيڪ (جنهن ۾ ڊسڪز يا پليٽرس/پليٽس جو مختلف تعداد (عموما ٻه کان اٺ هوندو آهي) ان سڄي پيڪ کي هارڊ ڊسڪ جو نالو ڏنو ويو آهي، هڪ هارڊ ڊسڪ ميگنيٽڪ آڪسائيڊ سان گڏ ڌاتوءَ جي پليئر ڪوٽ جي هوندي آهي، هارڊ ڊسڪون ڪيترن ئي مختلف سائيزن ۾ دستياب هونديو آهن، هر هڪ هارڊ ڊسڪ تي ايڪسيس آرم (Access Arms) تي ٻه پڙهڻ ۽ لکڻ جا هيڊز هوندا آهن. هنن کي ڌاتوئي ڪوَرَن ۾ اهڙي طرح محفوظ ڪيو ويندو آهي ته جيئن مٽي يا ڌوهين وغيره جو ننڍي کان ننڍو ذرڙو به هنن ۾ اندر داخل ٿي نه سگھي ۽ ڊسڪ تي مشتمل ٽريڪس وغيره کي نقصان نه پهچائي. هارڊ ڊسڪ جي اڄ ڪلهه پرسنل ڪمپيوٽرن ۾ گنجائش تمام وڌندي پئي وڃي، شروع شروع ۾ هارڊ ڊسڪ جي گنجائش 100 ميگا بائيٽس يا ايم بي هوندي هئي، پر هاڻي ته هارڊ ڊسڪ جي گنجائش گيگا بائيٽس ۽ ٽيرا بائيٽس تائين پهچي چڪي آهي.

آپٽيڪل ڊسڪ اسٽوريج[سنواريو]

اڄ ڪلهه زمانو ايترو ته تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي جو هر سال يا هر ڇهن مهينن بعد هڪ نئين ٽيڪنالاجي اچي وڃي ٿي، خاص ڪري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ سافٽويئر ۽ هارڊ ويئر جي جوانيءَ واري عمر وڌ ۾ وڌ ڇهه مهينا يا هڪ سال هوندي آهي، يعني ان عرصي بعد/دوران انهن کان وڌيڪ صلاحيتن ۽ طاقت تي مشتمل ٻي پروڊڪٽ انهن جي جاءِ والاريندي آهي. اهڙي نموني ئي سيڪنڊري اسٽوريج جي لاءِ هڪ نئي ڊسڪ جنهن کي ڪمپيڪٽ ڊسڪ (compact Disk) چئجي، متعارف ٿي هئي. جنھن کي سي ڊي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن ڊسڪ کي آپٽيڪل ڊسڪ (Optical Disk) چوندا آهن، ڇو ته هن ڊسڪ کي بنائڻ لاءِ ليزر بيم (laser Beam) ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي، يعني ليزر هٽ جو ڌاتوئي ڪوٽ/ڪوَرُ/صطح ڊسڪ جي مٿان وڇايو ويندو آهي، جنهن جي صورت آئيني/شيشي جهڙي هوندي آهي. هن تان ڊيٽا کي ليزر جي ذريعي پڙهيو ۽ لکيو ويندو آهي، اهڙو ليزر ڊسڪ کي اسڪين ڪندو آهي، ۽ لينسز ذريعي مختلف روشنيءَ جا عڪس کڻندو/پڙهندو آهي، جهڙوڪ ڪنهن فلم يا ڊرامي وغيره جا عڪس، انهن جي گرافڪس به ايتري ئي صاف ۽ خوبصورت هوندي آهي.

سي ڊي روم ڊرائيو[سنواريو]

سي ڊي روم ڊرائيو ڪمپيڪٽ ڊسڪ (سي ڊيءَ) کي آپريٽ (هلائيندڙ) ڊوائيز جو نالو آهي. سي ڊي روم پراڻي زماني ۾ استعمال ٿيندڙ رڪارڊ (فونو) جي طرز جي ٺهيل هڪ ڊجيٽل ڪمپيوٽر ڊوائيز آهي. عام طور تي اسان ڪمپيوٽر جا مڙئي پروگرام جهڙوڪ آپريٽنگ سسٽم، ايپليڪيشن سافٽ ويئر، موسيقي، فلمون، ملٽيميڊيا، گيمز وغيره سي ڊي روم ڊرائيو ذريعي ئي ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪندا آهيون.

ميگنيٽڪ ٽيپ اسٽوريج[سنواريو]

ميگنيٽڪ ٽيپ پلاسٽڪ تي مشتمل هوندي آهي، جنهن کي آئرن آڪسائيڊ سان ڪوَر ڪيو (تهيو) ويندو آهي، ڪمپيوٽرن ۾ ميگنيٽڪ ٽيپ اسٽوريج، ڊيٽا کي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٽيپ تي پڙهڻ يا لکڻ جو عمل هن طريقي سان ٿيندو آهي ته ٽيپ هيڊز (پڙهندڙ يا لکندڙ برقي اوزار) جي هيٺان گذرندي آهي، ۽ ڊيٽا ان جي ڊيگهه طرف متوازن ٽريڪس يا چينلن ۾ لکيو ويندو آهي. هن قسم جا ٽيپ عام طور تي مين فريم يا مني ڪمپيوٽرن ۾ استعمال ٿيندا آهن.

ملٽي ميڊيا[سنواريو]

ملٽي ميڊيا ڇا آهي؟، ڪمپيوٽر جو ڪردار هر فيلڊ ۾ مختلف ۽ اهم آهي، پر هيءَ اهڙي مشين آهي جنهن کي جديد تعليم (علم) سان گڏ تفريح لاءِ به وڏي اهميت حاصل آهي. ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان به خوبي لڳائي سگھجي ٿو ته ڪمپيوٽر جي چاهڻ وارن لاءِ اهي سڀئي تفريحون هن ۾ شامل ڪيون ويون آهن جيڪي روز مره جي زندگيءَ ۾ فارغ وقت ۾ پاڻ کي انٽرٽين ڪرڻ استعمال ڪيون وينديون آھن. مثلاً: صرف هڪ ڪمپيوٽر ٽيپ رڪارڊر، ٽيلي ويزن، وي سي آر، ايمپلي فائر، سي ڊي ۽ ڪئبل جون مڙئي سهولتون بهتر انداز ۾ مهيا ڪري ڏئي سگھي ٿو. ملٽي ميڊيا تي اهو نالو ان ڪري رکيو ويو آهي ته ڪمپيوٽر ۾ ملٽي ميڊيا جا مختلف ڪم آهن، جهڙوڪ: سائونڊ سسٽم، سي ڊي روم، ايم پي اي ۽ وي جي اي ڪارڊ (وڊيو ڊسپلي ڪارڊز)، اسپيڪر وغيره هن جا مکيه حصه آهن، ۽ انهن ملٽيميڊيا اوزارن تحت، مختلف ۽ دلچسپ گيمز، فلمون، اينيميشنز، پريزنٽيشنز، موسيقي، لک پڙهه وغيره ڪري سگھجي ٿي.

“I don’t see information technology as a stand-alone system. I see it as a great facilitator.” - Paul O’Neill, Chairman & CEO of Alcoa

استعمال ٿيل لفظن جي لغت[سنواريو]

  1. ڊيٽا(Data): هي لاطيني لفظ(Datum) جو جمع آهي. هي اسم جي واحد توڙي جمع جنس لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هن جو مطلب اڻ پروسيس ٿيل(Raw) مواد آهي.
  2. پروسيس: ڪنهن به عمل کي اسان پروسيس چئي سگھون ٿا، خاص ڪري ڪنهن شي مٿان ٿيندڙ عمل يا ڪو مرحلو.
  3. انفارميشن: اهڙو مواد يا ڊيٽا جيڪا ڪنهن عمل (پروسيس/مرحلي) مان گذري ملي، يعني پروسيس ٿيل ڊيٽا، يا نتيجو.
  4. پروگرام: اڳ ۾ ئي داخل/فيڊ ٿيل هدايتن/حڪمن جو سيٽ، جنهن تي عمل ڪندي ڪمپيوٽر مختلف ڪم ڪري.
  5. اينالاگ: فزڪس جي اصولن تي مسلسل وهڪرو ڪندڙ مشينري عمل جهڙوڪ ڪانٽي/سئيءَ واري گھڙي، ريڊيوز، ٽيليويزنس (اينالاگ سگنلز جي بنياد تي هلندڙ)، بجليءَ جي وولٽيج جو وهڪرو، وغيره.
  6. ڊجيٽل: بائينري نمبر سسٽم(0 & 1) يعني مشين لئنگويج تي ڪم ڪندڙ مشينري جهڙوڪ انگن واري گھڙي، ڪلڪيوليٽر، جديد پيٽرول پمپ، وغيره (بائنري مطلب ٻن نمبرن تي مشتمل، باءِ معنى ٻه، نري مطلب نمبر سسٽم)
  7. هارڊ ويئر: ڪمپيوٽر جي فزيڪل باڊي ۽ ان جا حصا.
  8. سافٽ ويئر: ڪمپيوٽر کي هلائيندڙ پروگرام
  9. پرسنل ڪمپيوٽر: اسان وٽ عام استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽر هن کي مائڪرو ڪمپيوٽر به چئبو آهي.
  10. مشين لئنگويج: يا بائينري لئنگويج، اسان جيڪا به ڊيٽا /حڪم ڪمپيوٽر کي پنهنجي ٻوليءَ يا انگريزيءَ (مطلب عام انساني سمجهه جوڳي طريقي ) ۾ ڏيندا آهيون، ته انٽرپريئيٽر (ترجميندڙ/منتقل ڪندڙ) ان کي مشين لئنگويج يعني صرف 0 ۽ 1 جي الف-بي تي مشتمل ٻوليءَ (ڪمپيوٽر هيءَ ٻولي سمجھندو آهي) ۾ تبديل ڪري پروسيس لاءِ موڪليندو آهي.
  11. ان پٽ ڊوائيز: هر اهو پرزو جنهن ذريعي اسان ڪا به ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪيون.
  12. آئوٽ پٽ ڊوائيز: ڪو به اهڙو پرزو جنهن ذريعي اسان ڪمپيوٽر کان معلومات حاصل ڪيون.
  13. پروسيس ڊوائيز: هن ذريعي ڪمپيوٽر مختلف ڊيٽا کي پروسيس ڪندو آهي.
  14. اسٽوريج ڊوائيز: هنن ڊوائيسز ۾ اسان ڪا به معلومات مستقبل ۾ ٻيهر استعمال ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪندا آهيون.
  15. BIOS بايوز: معنيٰ Basic Input Output System.
  16. بٽ ۽ بائيٽ: ڪمپيوٽر ميمري ماپڻ جا بنيادي ايڪا.