بحث:ايڊنبرا

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بحث:ايڊنبرگ کان چوريل)

مھرباني ڪري ھن مضمون جو عنوان ايڊنبرا لکو. اسڪاٽلينڊ ۾ Burgh کي برا پڙھبو آھي. ايڊنبرگ لکڻ غلط آھي. منھنجي پنھنجي پيدائش ھن شھر ۾ ڀي. دنيا جو ڪوبہ ماڻھو لفظ ”ايڊنبرگ“ نڀو اچاري. مون ھي مضمون ڪافي محنت سان لکيو آھي. سٺو آھي تہ ھن ئي مضمون کي اوھان بحث لاءِ چونڊيو آھي. ضرور اوھان وٽ انھيءَ لاءِ ڪو سبب ھوندو. — اڳوڻو اڻ دستخط ٿيل تبصرو پاران Shahrozunar95 (يوزر بحثڀاڱيداريون) 22:08, 30 ڊسمبر 2019 (UTC)

سائين محترم @Shahrozunar95:، نشادهي لاءِ مهربانيون، لاڳاپيل مضمون جو اردو وڪيپيڊيا تي عنوان ايڊنبرگ آهي ۽ هتي سنڌي وڪيپيڊيا تي پڻ ساڳيو مضمون ايڊنبرگ عنوان سان اڳ موجود هيو، تنهنڪري ايڊنبرا واري عنوان کي ايڊنبرگ عنوان ڏانهن چوريو ويو هيو. توهان جي مشوري موجب هن مضمون جي عنوان کي جلد ايڊنبرا عنوان ڏانهن چوريو ويندو. سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون ڪرڻ لاءِ توهان جون مهربانيون، اُميد ته ساڳئي جاکوڙ سان ڪم ڪندا رهندا ۽ سنڌي وڪيپيڊيا کي ترقي وٺرائڻ ۾ هِتي ٻين رضاڪارن جا ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندا رهندا.

توهان بحث صفحن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يا لکڻ کانپوءِ چار ڀير هيءَ ~~ نشاني لڳائيندا ڪريو جنهن سان توهان جو دستخط سان نالو شامل ٿي ويندو. ٻيهر مهربانيون، سُکيا ۽ آباد هجو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 17:23, 30 ڊسمبر 2019 (UTC)

اوھان جيڪو انفو باڪس انگريزي وڪيپيڊيا تان ھن مضمون ۾ شامل ڪيو آھي ان ۾ ترميم جي ضرورت آھي. ھن انفو باڪس ۾ ڪافي غير ضروري شيون شامل آھن جيڪي سنڌي پڙھندڙ جي ڪم جون ناھن. مثال طور ISO Code, ONS code, OS grid Reference وغيرہ وغيرہ. ساڳيءَ طرح، عالمي ورثو ٺڪاڻو وارو انفو باڪس ھن مضمون سان نہ لڳائڻ کپي. اھڙا انفو باڪس لڳائڻ سان ايئن ٿو لڳي تہ سڄو مضمون ڪاپي پيسٽ آھي. اسان کي انفو باڪس ڪاپي ڪرڻ بجاءِ پنھنجا انفوباڪس ٺاھڻ کپن.— اڳوڻو اڻ دستخط ٿيل تبصرو پاران Shahrozunar95 (يوزر بحثڀاڱيداريون) 23:32, جنوري 4, 2020 (UTC)

مٺڙا سائين @Shahrozunar95:، اُميد ته خيريت سان هوندا، اواين ايس ، آءِ ايس او ڪوڊ جيڪي انگريزي ۾ نظر اچن ٿا

مثال طور ISO Code, ONS c تِن جي اندر آءِ ايس او، او اين ايس ڪوڊنگ سسٽم مضمونن جا عنوان آهن اهي اصل ۾ مضمون آهن، جيڪڏهن اُهي ڳاڙهن اکرن ۾ هجن ته اهي اڃا تخليق ناهين ڪيا ويا، انهن مضمونن جي انگريزي ۾ نظر ايندڙ انهن نالن جهڙوڪ ISO Code, ONS کي ٽرانسليٽريشن يعني لپي مَٽ لکت ۾ سنڌي ۾ ظاهر ٿيندڙ عنوانن ۾ سڀاڻي ڪوشش ڪري لکندس، جيڪي غيرضروري بلڪل ناهين اهي مضمون اڳتي هلي تخليق ڪيا ويندا. ۽ هن مضمون ۾ ڪاپي پيسٽ جو جيڪو سبب توهان ٻُڌايو ٿا ائين ناهي، توهان کي سمجهڻ ۾ غلط فهمي ٿي آهي ، اُميد ته هي بهتر رهنمائي ٿي سگهي هوندي. ۽ بحث صفحن تي ڳالهه ٻوله لاءِ دستخط ڪين ڪجي اهو هتي رهنمائي ملي ويندي ، توهان جي مٿئين ڳالهه ٻولهه ۾ به توهان دستخط ناهي ڪئي. بحث صفحن تي ڳالهه ٻولهه لکڻ کانپوءِ چار ڀيرا هي نشاني {~~~~} Curly braces ڪرلي بريسز جي اندر ڏيکاريل نشاني چار ڀيرا لڳائيندا ڪيو/ لڳائيندو ته توهان جي واپرائيندڙ نالو سان دستخط پاڻمُرادو داخل ٿي ويندو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 19:03, 4 جنوري 2020 (UTC)

وڌيڪ رهنمائي لاءِ هي وڊيو ڏسو https://commons.wikimedia.org/wiki/File:Wikipedia_basics_-_Talk_pages.ogv جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 19:11, 4 جنوري 2020 (UTC)

اوھان واٽس اپ تي ”ايڊنبرا“ بابت لکيو آھي ”جوڳي اسد جو سنواريل مضمون“. پر اھو نہ لکيو آھي تہ ھي مضمون اصل ۾ ڪنھن جو لکيل آھي. اوھان کي ايئن نہ ڪرڻ کپي. — اڳوڻو اڻ دستخط ٿيل تبصرو پاران Shahrozunar95 (يوزر بحثڀاڱيداريون) 00:22, جنوري 5, 2020 (UTC)

پهرئين ڳالهه ته مون کي پَڪ آهي ته مون واٽس اپ سميت فيس بڪ پيج سنڌي وڪيپيڊيا تي هن ريت اهو مضمون ونڊيو آهي، جنهن ۾ ڪٿي به مون پنهنجو نالو ناهي لکيو
" #وڪيپيڊيا چونڊ مضمون ايڊنبرا (Edinburgh) اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايراضين (Council Areas) مان ھڪ آھي. تاريخي طور ھي مڊلوٿيان (Midlothian) ڪائونٽي جو حصو ھو. ھيءُ شھر لوٿيان واري علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ (Firth of Forth) جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي. ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽش حڪومت، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊھائوس محل (Holyroodhouse Palace) برطانيہ جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي ميڊيڪل، سائنس، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 1750000 سياح ھر سال ھتي اچن ٿا."

مٿيون مواد ساڳئي ريت هوبهو واٽس اپ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا فيس بڪ پيج تي پڻ ونڊيل آهي اهو ونڊيل مضمون فيس بڪ پيج سنڌي وڪيپيڊيا تي پڻ ڏسي سگهجي ٿو، گُهمي ڏسو

  • ٻئي ڳالهه ته وڪيپيڊيا تي سمورا مضمون ڪريئيٽو ڪامنز لائسنس تحت عوامي آهن جيڪي ڪنهن جا به ذاتي نجي مضمون ناهين هوندا ڀلي اهو مضمون لکندڙ ئي ڇونه هجي.
  • ٽيون ته وڪيپيڊيا تي گڏيل ڀاڱيداريون هونديون آهن، جيڪڏهن ڪوبه واپرائيندڙ مضمون لکي ٿو ته ان جي لکيل يا ترجمو ڪيل مضمون ۾ ٻيو وڪيپيڊيا واپرائيندڙ رضاڪار گُهربل ترميمون ، سنوار، ۽ سُڌارا آڻي سگهي ٿو.
  • ڇوٿون ته جيڪڏهن ڪوئي واپرائيندڙ اهو لکي به ته هن مضمون کي مون سنواريو آهي ته ڪريئيٽو ڪامنز اجاتنامو تحت اهو کيس حَق حاصل آهي ته ڪنهن به مضمون ۾ گُهربل سنوار ۽ واڌارو ڪري مضمون لکندڙ کي اهو حَق ناهي ته کيس لاڳاپيل مضمون ۾ سنوار کان روڪي نڪي اهو اعتراز ڪري ته توهان ائين ڇو لکيو آهي ته فلاڻو مضمون مون سنواريو آهي. باقي رهي ڳالهه ته مضمون لکندڙ جو نالو ناهي لکيو ته اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه به ناهي مضمون جيڪو ڪير لکندو آهي ته ساڳيپ مضمون فيس بڪ تي ونڊڻ مهل ضرورت محسوس ٿيڻ تي ان ڀاڱيدار جو نالو پڻ ونڊيو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ گذارش آهي ته مهرباني پنهنجي سوچ مُثبت رکو،اجائي تڪرار، بي جا الزام بازي کان ڪِنارو ڪريو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا کي سنوارڻ، بهتر ڪرڻ ۾ ٻين سمورن رضاڪار ساٿين سان بهتر سلوڪ ، گڏيل عزت سان گڏجي ڪم ڪريو.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 10:06, 5 جنوري 2020 (UTC)

انفوباڪس اصل مضمون جي اھم نڪتن جي سمري آھي. انفوباڪس ۾ اھي شيون شامل نہ ڪرڻ گھرجن جيڪي اصل مضمون جو حصو نہ آھن. ٻيءَ صورت ۾ انفوباڪس ۽ اصل مضمون جو پاڻ ۾ تعلق گھٽجي وڃي ٿو. جيڪي مضمون اڃا لکيا ئي نہ ويا آھن تن جا ڳنڍڻا ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جڏھن اھي مضمون لکجي وڃن پوءِ جيڪڏھن مناسب ھجي تہ ڳنڍڻا شامل ڪجن. جيڪو مضمون اڃا وجود ۾ ئي نہ آيو آھي تنھن جو لنڪ ڏيڻ جي آخر ضرورت ئي ڪھڙي آھي.— اڳوڻو اڻ دستخط ٿيل تبصرو پاران Shahrozunar95 (يوزر بحثڀاڱيداريون) 00:48, جنوري 5, 2020 (UTC)

انفوباڪس ۾ جيڪي شيون شامل هونديون آهن سي مضمون سان لاڳاپيل ئي هونديون آهن، اهڙي ريت اڊنبرا مضمون جي انفوباڪس ۾ پڻ جيڪي ڳنڍڻا يا شيون ڏنل آهن سي مضمون سان لاڳاپيل ۽ واسطو رکندڙ آهن، جيڪڏهن اهي نه ڏنيون وڃن ته پوءِ انفوباڪس اڻپورو ٿي ويندو. مٿي توهان کي اڳ به گذارش ڪئي آهي ته بحث صفحن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو دستخط ڪريو مٿين ان لاءِ هڪ رهنمائي وڊيو پڻ ٻُڌايو ويو آهي. مهرباني ڪري بحث صفحن تي پنهنجو دستخط پڻ ڪندا ڪريو. مهربانيون جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 10:16, 5 جنوري 2020 (UTC)