مواد ڏانھن هلو

فاسفورس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ فاسفورس (سلجھائپ) ڏسو.
فاسفورس
15P
Phosphorus
Skyline of فاسفورس
فاسفورس
Symbol
علامت P
ايٽمي انگ (Z) 15
ايٽمي وزن (A) 30.97[1]
گروپ 15 (pnictogens)
سيريز 3
بلاڪ p-block
اليڪٽران جي ترتيب Ne + 3s2 3p3
اليڪٽران في شيل 2,8,5
5,8,2
ايٽمي ريڊيس 107±3 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) پهريون:1011.8
ٻيون:1907
ٽيون:2914.1
آڪسائيڊيشن نمبر −3,+3,+5−2,−1,0-,+1,+2,+4
گھاٽائي (روم ٽمپريچر تي) اڇو:1.823 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
ڳاڙهو:2.34 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
واڱڻائي:2.36 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
ڪارو:2.69 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
حالت (STP تي) سالڊ
وجود شروع کان
حڪومتطبيعي خاصيتون
  قسم غير ڌات
  اُبلڻ جو نقطو (553.7​°K) (280.5°C) (اڇو)
  پگھلڻ جو نقطو اڇو: (317°K) (44.15°C)
ڳاڙهو: (860°K) (590°C)
  پگھرائڻ لاء حرارت 0.66 ڪلو جول في مول
  ٻاڦ جي حرارت 51.9 ڪلو جول في مول
  مولر گرميء گنجائش 23.824 جول في مول.ڪيلون

seat_nameفاسفورسleader_name6فاسفورسleader_title5فاسفورسleader_title6فاسفورس

فاسفورس (Phosphorus) هڪ ڪيميائي تَت آهي. ھن جو نشان "P" ۽ ايٽمي نمبر "15" آهي. فاسفورس جون سڀئي عنصري شڪلون انتهائي رد عمل واريون آهن ۽ تنهن ڪري، اها فطرت ۾ ڪڏهن به خالص حالت ۾ نه مليو آهي. تنهن هوندي به هن کي مصنوعي طور تي تيار ڪري سگهجي ٿو. اڇو فاسفورس ۽ ڳاڙهو فاسفورس، ٻه سڀ کان عام ايلوٽروپ آهن.[2]

هن جو واحد مستحڪم آئسوٽوپ، 33P سان گڏ زمين جي ڪرسٽ ۾ هن جي موجودگي، عام طور تي فاسفيٽ پٿر جي طور تقريبن %0.1 آهي. هن جي مکيه آڪسائيڊيشن حالتن (+5، +3، -3) سان، نڪٽوجين (pnictogens) خاندان جو ميمبر، فاسفورس نامياتي ۽ غير نامياتي مرڪبن جو هڪ وسيع سلسلو ٺاهيندو آهي.[3]

سال 1669ع ۾ هينيگ برانڊ پاران الڳ ڪيل، اڇو فاسفورس، هڪ آئسوٽوپ هو. ان کي سائنسي برادري جي هڪ عنصر جي قديم زماني کان وٺي، پهرين دريافت طور نشان لڳايو ويو. هن جو نالو فاسفورس، يوناني ڏندڪٿا ۾ صبح جي تاري جي ديوتا جي حوالي سان، اڇي رنگ جي فاسفورس جي آڪسيجن جي سامهون اچڻ تي، هن جي هلڪي چمڪ سان آهي. اصطلاح فاسفوريسينس، روشني ۾ چمڪن جي صلاحيت، اصل ۾ ڪيميليوسينس آهي، جيڪا هن جي آڪسيڊيشن جي ڪارڻ هوندي آهي ۽ اها اڇي فاسفورس پاڻ جي هڪ خاصيت نه آھي.[4] ان جي تمام تيزي سان سڙن جي اها خاصيت اڇي فاسفورس جي نمائش کي تمام خطرناڪ بڻائي ٿي، جڏهن ته ان جي ٻرندڙ ۽ پائروفوريسيٽي کي باهه ڏيندڙ شين جي صورت ۾ هٿيار بڻائي سگهجي ٿو. ڳاڙهو فاسفورس ۾ اها سڙن جي رفتار گهٽ هوندي آهي، جن ڪري هن کي ماچس ۽ ٻئي اهڙي شين ۾ فوري سڙن تي روڪ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.[5][6]

فاسفورس جي گهڻي صنعتي پيداوار فاسفيٽ تي ٻڌل ڀاڻن لاءِ فاسفورڪ تيزاب جي تياري لاء فاسفيٽ پٿر جي کان ڪني لاء آهي.[7] فاسفورس ٻوٽن لاءِ هڪ ضروري ۽ اڪثر محدود ردعمل ڪندڙ غذائي جز آهي.[8] جئين ته مٽي ۾ هن جي قدرتي سطح عام طور تي فاسفورس چڪر ذريعي، برقرار رکي ويندي آهي. اهو مٽي، جيڪا حد کان وڌيڪ پوکين مان گذري ٿي، جي افزودگي لاءِ محدود عمل ڪندڙ عامل آهي ۽ نتيجي طور، اها ڀانوڻ جديد زراعت لاءِ اهم آهن. چين، مراکش، آمريڪا ۽ روس 2024ع ۾ فاسفيٽ معدنيات جا وڏا پيدا ڪندڙ هئا ۽ اندازي مطابق، ان ۾ صرف مراڪش جو حصو، دنيا ۾ استعمال لائق فاسفيٽ ذخيرن جو 65 سيڪڙي کان وڌيڪ هو.[9] فاسفورس جي مرڪبن جي ٻين استعمالن ۾ جراثيم ڪش، غذا جي صنعت ۾ اضافي جزو ۽ ڊٽرجنٽ شامل آهن.

فاسفورس زندگي جي سڀني ڄاتل سڃاتل شڪلن لاءِ، گهڻو ڪري آرگانوفاسفيٽ (Organophosphate)، نامياتي مرڪب جن ۾ فاسفيٽ آئن، 3-(PO4) هڪ فنڪشنل گروپ طور شامل هوندو آهي، ضروري آهي.[10] انهن ۾ ڊي اين اي، آر اين اي، اي ٽي پي ۽ فاسفو لپڊ، پيچيده مرڪب جيڪا سڀني جيو گهرڙن جي ڪم ڪرڻ لاءِ بنيادي آهن، شامل آهن. هڏن ۽ ڏندن جو مکيه جزو معدنيات، بون منرل (bone mineral)، جيڪو هائيڊروڪسئٽائٽ جو هڪ تبديل ٿيل روپ آهي، پاڻ هڪ فاسفورس معدنيات آهي.[11]

تاريخ

[سنواريو]

خاصيتون

[سنواريو]

مرڪب

[سنواريو]

حياتياتي ڪردار

[سنواريو]

فاسفورس چڪر

[سنواريو]

پيداوار

[سنواريو]

ايپليڪيشن

[سنواريو]

خطرا

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Greenwood, N. N.; & Earnshaw, A. (1997). Chemistry of the Elements (2nd Edn.), Oxford:Butterworth-Heinemann. ISBN 0-7506-3365-4.
  2. Simon, Arndt; Borrmann, Horst; Horakh, Jörg (1997). "On the Polymorphism of White Phosphorus". Chemische Berichte 130 (9): 1235–1240. doi:10.1002/cber.19971300911.
  3. Thomson, Robert Dundas (1870). [https://books.google.com/books?id=1LxBAAAAcAAJ&p g=PA416 Dictionary of chemistry with its applications to mineralogy, physiology and the arts]. Rich. Griffin and Company. p. 416. https://books.google.com/books?id=1LxBAAAAcAAJ&p g=PA416.
  4. Vanzee, Richard J.; Khan, Ahsan U. (1976). "The phosphorescence of phosphorus". The Journal of Physical Chemistry 80 (20): 2240–2242. doi:10.1021/j100561a021.
  5. Thomson, Robert Dundas (1870). [https://books.google.com/books?id=1LxBAAAAcAAJ&p g=PA416 Dictionary of chemistry with its applications to mineralogy, physiology and the arts]. Rich. Griffin and Company. p. 416. https://books.google.com/books?id=1LxBAAAAcAAJ&p g=PA416.
  6. سانچو:Ullmann
  7. سانچو:Ullmann
  8. سانچو:Ullmann
  9. سانچو:Ullmann
  10. سانچو:Ullmann
  11. سانچو:Ullmann