باغي شاعر شيخ اياز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪتاب باغي شاعر شيخ اياز اياز ابڙي جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شيخ اياز جي ڪجهه شاعريءَ کان سواءِ، سندس سوانحي خاڪو بہ ڏنو ويو آهي ۽ سندن جي فن ۽ شخصيت تي مختلف عالمن ۽ اديبن جا مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، فياض لطيف، آفتاب سومرو، نسيم بخاري، وحيد محسن، همير چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن. 48 صفحن تي مشتمل، هڪ رنگي ٽائيٽل سان پڪي جلد واري، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي. ۽ ھن ڪتاب جي ڪور کي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جي ڀائٽي آفاق احمد هڪڙو پڻ ڊزائن ڪيو آهي. جڏهن تہ هن ڪتاب کي نئين دنيا پبليڪيشن. شڪارپور پاران 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]