بادليئو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بادليئو، هيءُ لوڪ گيت خاص ڪري ٿر جي مارو ماڻهن ۾ مقبول آهي، جيڪو وسڪاري جي مند ۾ چوندا آهن. هيءُ گيت عورتون ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ ڄڻ تہ وسڪاري جي اُميد جو اظهار ڪيو ويندو آهي. جديد شاعرن مان شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ نوجوان شاعر خير محمد ’ڪوي‘ (جهمپير واري) هن عنوان سان جديد گيت لکيا آهن.

ٿري بادليئي جا ٻول هيٺينءَ طرح آهن:

بادليئا! تون برس، امراڻي ري ڏيس،
تو بنا هاري، هريئا نه کيڙي،
تو بنا هيڪلي ڦري ڀتوئاري.

(اي ڪڪر! تون عمرڪوٽ تي اچي وس، توکان سواءِ هاري ٻني نٿا کيڙين ۽ تو کانسواءِ ڀتوئاري (هارياڻي، جيڪا ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙن لاءِ ماني/ ڀتو کڻي ويندي آهي) پريشان آهي).[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. بادليئو : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.