بابر نامو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ (Dr. Haroo Mal Sadaarangaanni) جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهي. هيءُ بابر بادشاهه جو روزنامچو آهي، جيڪو هن چغتائي ترڪيءَ ۾ لکيو هو. اڪبر بادشاهه جي حڪم سان 1589ع ۾ عبدالرحيم خان خانان هن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي تمام گهڻو مقبول ڪتاب آهي انهيءَ ڪري هن جو ترجمو روسي، انگريزي، فرانسيسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ ادب، شعر، موسيقي، مصوري ۽ خطاطيءَ تي ٺيڪ ٺاڪ ٽيڪاٽپڻي ڪيل آهي، جيڪا ڏاڍي لطيف ۽ دلچسپ آهي. هي ڪتاب تاريخي واقعن جو مرقع، معاشرتي سرگرميءَ جو نقشو ۽ جاگرافيائي ڄاڻ جو خزانو آهي. ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ۾ سال 1964ع ۾ شايع ڪيو. ساڳيو ڪتاب سنڌ ۾ ’روشني پبليڪيشن‘، ڪنڊياري پاران 2006ع ۾ پڻ ڇپايو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]