اڻ وسرندڙ ڪھاڻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سهڻي پبليڪيشن جي ”آڳاٽي ادب“ سلسلي جو ٻيو ڪتاب، طارق اشرف، سهڻي پبليڪيشن، الهندي ڪچي حيدرآباد مان 1972ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز جي 106 صفحن تي مشتمل هن ٻئي ڇاپي جي قيمت هڪ رپيو پنجاهه پئسا آهي. هنن ڪهاڻين جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ نامياري ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ ”ريگستاني ڦول“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ 13 اصلوڪيون ڪهاڻيون شامل آهن.

مجموعي جا ليکڪ: رام پنجواڻي، آنند گولاڻي، رميش چندر، ڀڳوان لعلواڻي، نارائڻ ڏيوناڻي، جيوت نرياڻي، سوڀو گيانچنداڻي، ليلو رُچنداڻي، ڪشن مسرور، ڪرشن کٽواڻي، موهني چنديراماڻي، شيخ عبدالستار ۽ گوبند مالهي آهن.[1]

حوالا[سنواريو]