اڪوارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اَڪوارو، ٿر ۾ اَڪ جو ٻوٽو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري وسڪاري جو وڌندي ويرم ئي ڪونه ڪندو آهي. اَڪ جون گهڻيون ٽاريون ڪپي سُڪائي يا اونهاري جو جڏهن اڪثر اَڪن جون ٽاريون ازخود سُڪي وينديون آهن تڏهن گڏ ڪري، ڪٽي، ڪاٺين جا سنها ٽڪر ۽ ڇوڏن جي ڀور جدا ڪري اُڇلائبي آهي ۽ ٽارين جي مٿان اڇا ڌاڳي جهڙا تاندورا ٿيندا اهن، سي گڏ ڪبا آهن. پوءِ اُهي ڍيريءَ تي وٽي گيڙها ڪبا آهن. ان بعد ٻہ – ٽي ڏينهن پاڻيءَ ۾ پُسائي وري بہ ڪُٽبو آهي تہ اڃا بہ گند رهيل هجي تہ نڪري ويندو ۽ باقي صاف تاندورا بچندا، جن کي وري نئين سر ڍيريءَ تي وٽبو وڃبو ۽ پُسيل ڪپڙي سان زور سان تند کي نپوڙيو وڃبو تہ تند بلڪل صاف ۽ نرم ٿيندي ويندي، ان کي ”اڪوارو“ چون. اهو بلڪل مضبوط ٿيندو آهي، جنهنڪري اُن مان رَسا ۽ وَرِيون ٺاهبيون آهن ۽ کٽون واڻبيون آهن، جي ويهڻ ۾ نرم بہ ٿينديون اهن ۽ مُڃ جي واڻ کان گهڻو وقت وڌيڪ جٽاءُ بہ ڪنديون آهن. ڪي ماڻهو اَڪواري کي ڳاڙهو، پيلو، سائو رنگي پوءِ تون ۽ پينگها مختلف ڊزائينن سان واڻيندا آهن تہ ڏاڍا سٺا پيا لڳندا آهن.

ڪولهي ماڻهو اهو ڌنڌو ڪندا آهن. جو اَڪوارو ڪڍي وڪرو ڪندا آهن. ڪڏهن پُرهن جي حساب سان ۽ ڪڏهن تور جي حساب سان وڪامندو آهي. اهو نہ رڳو ٿر ۾ ڪم اچي پر ٻاهر وڪري لاءِ بہ جام ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.