مواد ڏانھن هلو

اڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڪ جا گل

'اڪ انگريزي (Calotropis gigantea) پاڻمرادو ڦٽندڙ ٻوٽو آهي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندو آهي، جنهن جا پن پان وانگر ويڪرا ٿيندا آهن. غيرآباد زمين ۾ اڪ جو ٻوٽو ڪثرت سان ڦٽي ٿو. اڪ جون ڪاٺيون ٻارڻ جو ڪم ڏينديون آهن. اڪ جو ٻج اڇي رنگ جي چمڪندر ڦلڙين سان ويڙهيل هوندو آهي. اُن جون اُهي ڦلڙيون وهاڻن ۾ ڪپهه طور ڪم آڻيندا آهن. خاص ڪري هيءُ ٻوٽو ٿر ۾ بيحد ڪارائتو آهي. هيءُ نرم زمين ۾ جام اُڀري ٿو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. هن جي پنن کي ٿري پُڙا چون ٿا، اڪ جي گلن کي ٿري ”ڦليا“ سڏين ٿا ۽ باقي سنڌ ۾ ”ڦلڙيون“ چئبو آهي. شيخ اياز جي هڪ شعري مجموعي جو نالو ”اڪن نيرا ڦليا“ آهي.[1]اونهاري جو اَڪَ سُڪا ۽ ڪوماڻا پيا هوندا آهن. برسات پيئي ته يڪدم وڌندي دير نه ڪندا. هنن جا پن ڪافي وڏا ٿيندا آهن. پر برساتي موسم ۾ خاص ڪري ساوڻ ۽ بڊي وارن مهينن ۾ هن جا پن بنسبت اڳئين پنن کان ٻيڻا، بلڪل اڃا به وڏا ٿيندا آهن. پوٺن ۽ سخت زمين تي بلڪل چڊا ٿين. خاص ڪري ڳوٺن جي وجهڙائيءَ ۾ جام ٿيندا آهن. هڪ ٿڙ سان ڪوورلي وڻ ٿئي، نه ته زمين مان پنج-ست يا وڌيڪ ٿڙيون نڪرنديون آهن، جي ڏاريون ۽ ٽار ڪڍي وڌنديون پاڻ ۾ گهاتيون ٿينديون وينديون آهن. هن جي پنن کي پُڙا چون، جي ڪيترن ڪمن ۾ ايندا آهن، ٿڌ لڳي ۽ زڪام ٿي پوي يا مٿي ۾ سور هجي ته پن پٽي، مٿي تي تيل مالش ڪري مٿان ٻڌي ڇڏجي، صبح جو لاهي ڇڏجن، فائدو ٿيندو پوي. پاسي ۾ سُور هجي ته پنن تي تِرن جو تيل مکي ٻڌجن ته فائدو ٿي پوندو.[2]

اڪ جو کير

[سنواريو]

اڪ ۾ گهاتو اڇو کير ٿيندو آهي، جو ذائقي ۾کارو آهي. ڪچين ٽارين کي ڀڃبو ته اندران کير نڪري ايندو ۽ ڦڙا ڦڙا ٿي پيو هيٺ ڪرندو. ميگهواڙ اڪن مان کير ڪڍي، مينهن جا سڱ ڀري، وڃي ماٽي ۾ وجهندا آهن. گڏوگڏ لوڻ ۽ پاڻي به وجهن، پوءِ اُن ۾ چمڙو وجهي ڇڏين. هفتي کن بعد ٻاهر ڪڍن ته وار صاف لهيو وڃن ۽ چمڙو صفا ۽ لسو ٿيو پوي، جنهن کي رڱي تيار ڪري ڪم آڻين. اهو کير دوائن ۾ به ڪم اچي.[2].اڪ سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام جام ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو مئي ۽ جون مهيني ۾ به سائو هوندو آهي. ان جو پن يا ٽاري ٽوڙڻ سان اڇو کير وهندو آهي. اهو کير، ان جا پن، گل ۽ پاڙ دوا طور ڪتب ايندا آهن. هن ٻوٽي کي ساڙي ان جي رک مان يوناني دوائون ٺاهيون وينديون آهن. عام عقيدو آهي ته پراڻو ڏڍ، هڪ ئي ڀيرو اڪ جو کير ملڻ سان ٺيڪ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿئي ته ڪجهه ڏينهن ڇڏي ٻيو ڀيرو به مکجي. سنڌ ۾ اڪ جي کير مان ناس به ٺاهي ويندي آهي، جيڪا مٿي جي سور ۽ بند زڪام لاءِ ڪم ايندي آهي. حڪيم هن ٻوٽي کي ڪيترين ئي بيمارين جي دوائن تيار ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن.[1]


اڪ جو تيل

[سنواريو]

اڪ جو تيل: حڪيم اڪ جي پنن کي تِرن جي تيل ۾ ساڙي، پوءِ ان تيل کي صاف ڪري سنڌن جي سور، چيلهه جي سور ۽ عرق النساءِ جي سور لاءِ رکندا آهن ۽ فائديمند سمجهيو وڃي ٿو.[1]

اڪ جون ڦلڙيون

[سنواريو]

مال وارا ماڻهو پنهنجن وٿاڻن ۾ اَڪ جو دونهون ڪندا آهن، جنهن سان سندن خيال ۾ مال کي ٿڌ يا ڪاري واءَ جهڙيون بيماريون نه ٿيندون آهن. اڪ جون ڦلڙيون نانگ جي چڪ يا ڪنهن به زهريلي جيت يا ٻئي ڏنگ جو علاج به سمجهيون وڃن ٿيون. ڌڪ لڳي ته اڪ جا پن باهه تي گرم ڪري ٻڌبا ته سور گهڻي قدر هٽي ويندو.[1]اڪ ۾ گل ٿيندا آهن، جنهن کي ٿري ’ڦُليا‘ چون، اهي به ڪيترين ئي دوائن ۾ ڪم ايندا آهن. گلن مان ڦل ٿئي، جو مُٺ جيڏو نرم سائي رنگ جو ٿيندو آهي جنهن کي ’اڪ پاڏيو‘ چون. ننڍا ٻار پاڏيا پٽي رانديون رونديون ڪندا آهن. اهي جڏهن پچندا آهن تڏهين ڦٽيون پون. منجهس بلڪل ڪنئرا ڪپهه جهڙا تاندورا ٿيندا آهن، جن جي هڪ پاسي ننڍو چَپٿرو ڪاري رنگ جو ٻج چنبڙيل هوندو آهي، جو لاهي تاندورا گڏ ڪري شوقين وهاڻن ۾ وجهندا آهن، اهو ڪپهه کان به نرم ٿيندو آهي.[2].

اڪ جي ڪاٺي

[سنواريو]

اڪ جي ڪاٺيءَ جو رنگ اڇو ديال جي ڪاٺيءَ جهڙو ٿيندو آهي، جنهن مان ايسون، مهي ولوڙڻ جا مڪڙا، ۽ جاءِ جون پٽيون تمام سٺيون ٺهن ٿيون. سواءِ اُٺ جي ٻيو هر مال اڪ جا پن چاهه سان چرندو آهي. ٻڪريءَ جي اڳيان سائو گاهه رکجي، پر جي اڪ بيٺل هوندو ته ٻڪري اهو گاهه ڇڏي وڃي اڪ چرندي.[1] ٿر جا مارو ماڻهو اڪ جي ڪاٺيءَ مان تند يعني آڪارو ڪڍي، اُن مان واڻ، مهارون ۽ رسا ٺاهيندا آهن، جيڪي ڪپهه کان سؤ ڀيرا وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن[1]. هن ٻوٽي جي ڪاٺي جيتوڻيڪ سخت يا مضبوط ناهي، پر تڏهن به ڪمائتي آهي. اها ٻارڻ کان سواءِ ڇَنَن اڏڻ ۾ لڙهن طور پڻ ڪتب اچي ٿي. اَڪُ ٻڪرين جو خاص کاڌو آهي، جنهن کي کائڻ سان ٻڪريءَ ۾ کير وڌندو آهي. اڪ جون ڪاٺيون سُڪائي، انهن مان آڪارو ڪڍيو ويندو آهي. آڪاري مان ٺهيل کانڀاڻيون مضبوط ٿينديون آهن. مشهور راڳي موهن ڀڳت جو يڪتارو هڪ جهوني اڪ جي پاڙ مان ٺهيل هو. قديم دور ۾ سنڌ اندر اڪ جي تاندورن مان ڪپڙو پڻ ٺهندو هو، جنهن کي پڻ آڪارو سڏبو آھي.[1]اَڪ مان ’اَڪَوارو‘ نڪرندو آهي جو مُلائم ۽ مضبوط ٿيندو آهي. ان مان کوهن لاءِ وَرتيون ۽ رسا ٺاهيندا آهن ۽ مختلف رنگن سان رڱي کَٽون ۽ پينگها واڻيندا آهن، جي نرم، جهالائو ۽ زينت وارا ٿيندا آهن. ڪي ماڻهو ’اڪوارو‘ پاڻ ڪڍي وڪڻندا آهن.[2]. آتشبازيءَ جا ليسن بردار ان جي ڪاٺيءَ کي ساڙي آڱر ڪري انهن جو پائوڊر، گندرف، شوري ۽ ٻين شين سان ملائي آتشبازيءَ جو سامان جيئن ته جلڦل، ٽونٽا وغيره ٺاهيندا آهن[1].اَڪ جي ڪاٺي اهڙي سخت يا مضبوط ڪانه ٿئي ته به ٿر جي ماڻهن لاءِ ڏاڍي ڪمائتي آهي. هيءَ ڪاٺي ٿري ماڻهن لاءِ جيتري ڪم اچي ٿي، اوتري ٻئي ڪنهن به وڻ جي ڪاٺي ڪم ڪانه ٿي اچي. اُن جي ڪاٺيءَ مان جاين جون پٽيون ٺاهيندا آهن. اَڪ جا ڊگها کُونٽا وڍي سُڪائي ڇوڏا لاهبا ته ڪاٺي اڇي رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي. اهي کونٽا چونرن، ڇَنن، لانڍين ۽ ڪُڙهن ۾ ڪايا ڪري ڪم آڻبا آهن. اَڪ جي ڪاٺي هلڪي ٿيندي آهي، جنهنڪري جاين جي ڇتين تي بار گهٽ ٿئي، خاص ڪري لانڍين ۾ چونرن جي ڀتين تي، جي هيڪل ڪچي سِرَ جون هونديون آهن ۽ ڳري بار جي ڪري ڊهڻ جو امڪان هوندو آهي. اڪ جي ڪاٺي ساڙي اڱر ڪري گهوٽي ان سان قلمي شورو ۽ گندرف ملائي آتشبازيءَ جو سامان ٺاهيندا آهن.[2]. اها ڳالهه ڪير قبول ڪندو ته اڪ به عمارتي ڪاٺ ٿي سگهي ٿو. هن ڳالهه تي تعجب کائيندڙن کي ٿر جا ماڻهو ثابت ڪري ڏيکاريندا ته اڪ جون ڪاٺيون ٿر جي چونئرن ۽ لانڍين لاءِ ڇتين ۾ نهايت ڪار آمد آهن. ڪنڀٽ يا ڄار جي ڪاٺيءَ جا داسا ۽ اڪ جي ڪاٺين جون پٽيون غريب ٿرين جي ڪکائن محلن لاءِ بهترين گرڊر ۽ ٽيئر آهن. اڪ جي سڌين لامن کي وڍي انهن تان ڇوڏو لاهي ڇڏيو آهي. جڏهن ڪاٺي سڪي وڃي تڏهن بلڪل سفيد ۽ سهڻي سڌي نظر ايندي آهي. جهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪچين جاين جي ڪچين ڇتين ۾ ڪرڙ جون پٽيون وڌيون وينديون آهن، تهڙيءَ طرح ٿر جي چؤنرن ۽ لانڍين ۾ اڪ جون پٽيون ڪم آنديون وڃن ٿيون. اڪ جي پٽين کي نه اڏوهي کائي نه ڀؤنر زيان رسائي. ازنسواءِ هلڪيون هئڻ ڪري ڇت هلڪي به ٿئي ٿي، جنهن ڪري انهن جو بار چؤنرن جي ننڍڙيءَ گول ديوار تي يا لانڍي جي نازڪ ديوارن تي، جن جي مٽي به وارياسي ۽ ڪمزور هوندي آهي، ايترو ڪو نه ٿئي، تنهنڪري سلامتي وڌيڪ ھوندي آھي[1].

ٻيا استعمال

[سنواريو]

اڪ مان ٿر جا ماڻهو مٿي ذڪر ڪيل خواهه ٻيا ڪيترا ڪم وٺن ٿا. سرديءَ کي پرکڻ لاءِ اڪ جو ٻوٽو ٿرين لاءِ فئر انائيت ٿرماميٽر آهي. اڪ جي پنن تي ٿڌ جو اثر معلوم ڪري ٿر جا ماڻهو چئي سگهندا ته ٿڌ ڪيتري حد تائين وڌيل يا گهٽيل آهي. اڪن جا پن سرديءَ سبب سڙي سڪي ڪوچلا ٿي ويا ته چئبو ته سرديءَ جي حد ٿي چڪي. ازانسواءِ اڪ ٿر جي ٻڪريءَ جو مکيه کاڄ آهي، ان جي کائڻ ڪري ٻڪري کير گهڻو ڪري ٿي.[3]اڪ جي انبن مان ڪپهه ڪڍي ڪي نرم وهاڻن جا شوقين، وهاڻا ڀرائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٿڌ سبب پاسي جو سور ٿيندو آهي ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اڪ جي پنن تي ترن جو تيل مکي پاسي تي ٻڌي ڇڏيندا آهن ته فائدو ٿي پوندو آهي. اڪ جي کير ۾ سڳداسي چانور پسائي، سڪائي گهوٽي ناس ٺاهي رکبي آهي جا مٿي جي سور لاءِ مفيد هوندي آهي. اڪ جو کير چمڙي رڱڻ لاءِ اڪسير آهي. ٿر جا ميگهواڙ اڪن مان کير ڏهي سڱ ۽ سڱيون ڀري کڻي ويندا آهن جو کل کي مکڻ سان فوراً وارن کي الڳ ڪندو آهي. اڪ جون ڦلڙيون پڻ ڪيترين دوائن ۾ ڪم اينديون آهن. ازين قسم جا ٻيا به ڪم اڪ مان ورتا ويندا آهن، جن جي خبر مصنف کي به نه هجي[1].اڪ مان ٻيا به انيڪ فائدا آهن: اڪ جو رس چمڙي رڱڻ جي به ڪم اچي ٿو. ڦلاريل ڦٽڪي اڪ جي کير ۾ ڪٽي هلڪي باهه ٻاري گرم ڪجي ته ڦٽڪي ڦلو ٿي ويندي، جنهن کي ڪٽي ڪپڙي سان ڇاڻي روزانو ڏندڻ ڪندا آهن. ڪنهن سنڌ يا هڏي ۾ سور هجي ته اڪ جي کير ۾ ڪپهه پُسائي پهو ڪري رکندا آهن ۽ اهو عمل 2 کان 3 ڏينهن لاڳيتو ڪرڻ سان سور ڇڏي ويندو اٿن. اڇي ڪاغذ تي اڪ جي کير سان اکر لکي سڪائي پوءِ ٽانڊن تي ان پني کي ٿورو گرم ڪرڻ سان اکر صاف ڏسڻ ۾ ايندا. مال کي داغ يا نشان ڪرڻو هجي ته اڪ جي کير سان داغ ٺاهي، ٻه ٽي ڏينهن اُن تي اڪ جو کير لاڳيتو هڻڻ سان اهو تمام چٽو ٿي ويندو. [1][4]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. Sindhipeoples. "سنڌي لوڪ ڏاھپ: اَڪ جو ٻوٽو - نواز ڪنڀر". سنڌي لوڪ ڏاھپ. حاصل ڪيل 2019-07-06.