اڇي پيٽ وارو چمڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن چمڙي جا ٻه قسم آهن . پهريون قسم سنڌ ۾ عام ٿئي ۽ -ان- جو قد گهڻو ڪري ننڍڙو ٿئي . اُن جي جسم جو رنگ مٿان پيلو يا ڀورو ۽ هيٺان ڦڪو يا گهڻو ڪري اڇو ٿئي ٿو . سندس پرن جا ڪنارا پڻ اڇا ٿين ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ اڇيون ليڪون به ٿين ٿيون . هيءُ چمڙو اڏامڻ ۾ ننڍڙي چمڙي وانگر آهستي اڏامي ٿو . هن جي مادي هڪ ئي وقت ٻه ٻچا ڄڻيندي آهي . هيءُ چمڙو سنڌ ۾ گهٽ ٿيندو آهي . هن چمڙي کي پرن ۾ وڏيون ٿيلهيون ٿينديون آهن ، جيڪي نر توڙي ماديءَ يعني ٻنهي جنسن ۾ موجود هونديون آهن . سندس ٻوٿاڙي تي وار ڪونه ٿين ، پر پڇ جي پوئين حصي تي ڇڊا ۽ ڊگها وار ٿين ٿا . هن قسم جا چمڙا ، مختلف رنگن ، جهڙوڪ اڇي ۽ ڪاري رنگ جا ٿين ٿا . ڪن کي اڇا چٽ به ٿين . هيءُ چمڙو ڏينهن جي وقت غارن ۽ جاين ۾ رهندو آهي ۽ بدبوءِ پيدا ڪندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]