اڇو ڄامڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڇو ڄامڙو (White dwarf) انھن تارن کي چئجي ٿو جيڪي پنھنجي عمر گذراڻ کانپوءِ بہ فيوزن واري عمل جي قابل ناهين رهندا ۽ پنھنجي ڪرندڙ پد ڪارڻ اوچتو تباھ ٿي ڪري سڪڙجي ويندا آهن. هڪ سج جيترو وڏو تارو جڏهن اڇو ڄامڙو ٿيندو آهي تہ انجي جسامت سڪڙجي ڪري زمين جي برابر رهجي ويندي آهي. سائز ننڍي ۽ وزن  ماس ۾ گهٽتائي نہ ٿيڻ جي وجھ سان ان تاري جو مادو گھڻو ڳرو ٿي ويندو آهي. زمين تي سڀ کان ڳري شيءِ  آسیمیم Osmium آهي جيڪا پاڻي کان 22.6 سيڪڙو وزني هجي ٿي.

جسامت: سج جي ڀيٽ ۾ زمين جو قطر 0.009(ايڪو گھربل) آهي. ماس جي حساب سان سج زمين کان 3.3 سيڪڙو وڏو آهي.[حوالو گھربل] جڏهن تہ قطري سببن جي هڪ سو ڏھ سيڪڙو وڏو آهي. اڇي بوني جو قطر 0.008 (ايڪو گھربل) کان وٺي 0.02 (ايڪو گھربل) تائين ڏٺو ويو آهي. يعني جسامت ۾ تہ اهو زمين جي ٿورو گهڻو برابر هوندا آهن پر ماس ۾ سج جي برابر هوندا آهن. سائرس B نالي اڇي ڄامڙي جي جسامت زمين کان گھڻي گهٽ آهي پر ماس ٽي لک سيڪڙو وڌيڪ آهي.[1]

ڇا هڪ تارو اڇو ڄامڙو ٿي سگھي ٿو[سنواريو]

هر تاري جي مرڪز ۾ هلڪي ايٽمن جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي وارو عمل هلندڙ هوندو آهي جنھن کي فيوزن ميلاپ چئبو آهي. فيوزن ڪارڻ تارن جي مرڪز ۾ اڻ حد تائين پد پيدا ٿيندي آهي ۽ تاري جون گيسون گرم ٿي ڪري ڦھلبيون آهن. جنھن سان تاري جي جسامت ۾ واڌارو ٿيندو آهي. تاري جي ڪشش ثقل تاري جي گيسن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ رڌل هوندي آهي ۽ انھي ٻنھي قوتون جو توازن تاري جي جسامت کي ٽيڪ ڏئي رکندو آهي.

خالي اهوئي تارا اڇا ڄامڙا ٿي سگهن ٿا جن جي ڪيمت سج کان 1.44 سيڪڙو وڌيڪ هجي. انکان وڏا تارا اڇي ڄامڙي ۾ تبديل نٿا ٿين ان حد کي چندرا شيکر جي حد چئبو آهي. تاري ۾ موجود مادي جي هجڻ جي اعتبار مان انجي حد ۾ ٿوري تبديلي اچي سگھجي ٿي. اسانجي ڪهڪشان ۾ ملندڙ گھڻو ڪري 97 سيڪڙو تارا سج جي وزن جيترا آهن ۽ هڪ ڏينهن اهي ئي اڇي ڄامڙي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. هن وقت تائين جيڪي اڇا ڄامڙا (White dwarf) ڏٺا ويا آهن انھن ۾ ڪجهه جو ماس سج کان 0.5 کان 0.7 (ايڪو گھربل) آهي. هاڻي تائين دريافت ٿيل سڀ کان ننڍو اڇو ڄامڙو سج جي 0.17 (ايڪو گھربل) ماس رکندڙ آهي ۽ سڀ کان وڏو ڄامڙو سج جي 1.33 (ايڪو گھربل) ماس رکندڙ آهي.

هبل دوربين پاران ورتل اڇي ڄامڙي جي تصوير جنھن جي مرڪز ۾ سائرس A ۽ هيٺان کان ٽٻڪو نظر ايندڙ سائرس B آهي سائرس B هڪ اڇو بونا تارو آهي اهو تارو اسان کان 8.6 نوري سال جي وٿي تي سپر نووا آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اڇو بونا سائنس جي دنيا، بلاگ پوسٽ. 24 آڪٽوبر 2019ع تي ورتل، 24 آڪٽوبر 2019ع تي لکيل.