اڀ ساھي
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
ساهه جي گُهٽجڻ جي هڪ بيماري. سهڪو، دمڪشي. هن بيماريءَ واري ماڻهوءَ جا ڦڦڙ ڪمزور هوندا آهن، جنهن ڪري ساهه کڻي نه سگهندو آهي ۽ نڪي تڪڙو هلي سگهندو آهي. چاڙهي چڙهڻ به هن لاءِ عذاب هوندو آهي. دمڪشيءَ ۾ ڦڦرن ۾ بلغم ڀرجي وڃڻ سبب ساهه کڻڻ واريون ناليون -آڪسيجن- نه کڻنديون آهن، انهيءَ ڪري ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي.[1]