اي. بي. آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محقق ۽ تاريخدان، اي بي آڏواڻي، 23 ڊسمبر 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1927ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجويشن ڪئي ۽ اتان ئي ايل. ايل. بي بہ ڪيائين. هن سينٽ ايڪسوئيرس ڪاليجز هسٽاريڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ راءِ فيريئر ايڇ. هرس ايس جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪيو. 1933ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ سندس ”سنڌ جو الحاق“ موضوع تي ايم.اي جي ٿيسز منظور ڪئي. اي. بي آڏواڻي، 1936ع کان 1941ع تايئن ايڇ. ايل. سي ماڊل هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جو وائيس پرنسپال رهيو. هن 1934ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر ڊيوئارٽ ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو جرنل جاري ڪيو. هن ان وقت شايع ٿيندڙ ڪيترن رسالن ۽ جرنلن ۾ بہ سهڪار ڪيو. اي. آر. پي آرگنائيزيشن ڪراچيءَ ۾ بہ شامل رهيو. سنڌ جي تاريخ تي قلمي ڪتاب گڏ ڪرڻ، سندس دلچسپين ۾ شامل هو. هن سماجي براين جي خاتمي لاءِ بہ ڪافي ڪم ڪيو. اي. بي آڏواڻيءَ 1941ع ۾ سنڌ حڪومت جي سول ڊفينس کاتي جي اي آر پي سيڪشن کي جوائن ڪيو ۽ ان ۾ ٽريننگ آفيسر پڻ رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]