ايوب گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايوب گل سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو بهترين شاعر، ناٽڪ نويس، صحافي ۽ ڪالم نگار آهي جنهن جا ڪافي ڪتاب ۽ ڪالم ڇپيل آهن. سندس ڪيترائي سنڌيءَ ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامه لکيل آهن جن عوام ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

ايوب گل جو پورو نالو محمد ايوب ولد نظام الدين راڄڙ آهي. هن 10 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ محمد بچل راڄڙ ، کپرو تعلقو، سانگهڙ ضلعو ۾ جنم ورتو.هن پرائمري تعليم ڳوٺ محمد بچل راڄڙ مان حاصل,ڪئي ۽ ھٿونگو هاء اسڪول مان ڏھون درجو پاس ڪري انٽر بوائز ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. ايوب گل ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي جڏھن ته هن لکڻ جي باقائدا شروعات 1996ع کاننڪئي, سندس مختلف ادبي رسالن۾ شعر ڇپجندا رهيا , ان سان گڏ هن انهي دور ۾ اخبارن لاء به لکڻ جي ابتدا ڪئي. ڪجهه عرصي تائين ايئن لکڻ جو سلسلو هلڻ کان پوء فيبروري 1999ع ۾ ھن الک اخبار کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي, جتان پوء روزاني تعمير سنڌ, عبرت, سنڌو, سنڌو مئگزين , ڪوشش, ڪاوش سان جڙيل رهيو ۽ ڪي ٽي اين چئنل اچڻ جي پهرين سال 2003 ع ۾ ايوب گل ڊراما رائيٽنگ جي فيلڊ ۾ پاڻ آزمايو.

[2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

ڊراما[سنواريو]

ايوب گل 2003ع کان ٽي وي ڊرامن لکڻ جي شروعات ڪئي ۔ سندس پهريون ڊرامو “ٻه ۽ ٻه پنج” هو جيڪو هن ۽ اختر حفيظ گڏجي لکيو ۽ اهو مزاحيا سيريل پهرين سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪي ٽي اين تان نشر ٿيو ۔ ان کان پوء ھن لکڻ جي باقائده شروعات ڪئي ۔ هن وقت تائين سندس ست سوپ سيريل ، ٽيهن کان مٿي سيريلز ۽ مني سيريل ، ٻه ٽيلي فلمون ۽ ٻن سون جي قريب سولو پليز ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آھن جڏهن ته سندس ڊرامن لاء لکيل ٽائٽل سانگس جو تعداد ويهن کان مٿي آھي ۔[3]

ڪتاب[سنواريو]

ايوب گل جا هن وقت تائين شاعري جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن:

  • رنگن جي خانه بدوشي 2010ع
  • سمونڊ ٿو مونکي سڏي 2011ع[4]
  • ھن مونکي ڇڏي ڏنو 2013ع
  • روشنا (ڇپائي هيٺ)

حوالا[سنواريو]