ايشور آنچل
ڏيک
ايشور آنچل- هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ نقاد هو. سندس اصل نالو ايشور نارائڻ داس شرما ’آنچل‘ هو. 2 -آڪٽوبر- 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شاعري سندس پسنديده شغل هو. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’پيار ۽ پئسو‘، (2) ’گهنڊ پيو گُڙي‘ (1967ع)، (3) ’خاڪ لپ‘ (1974ع)، (4) ’پاڇولا سانجهيءَ جا‘ (1982ع)، (5) ’پنڌ تتل واريءَ تي‘ (1990ع)، (6) ’آتم جي -تلاش-‘ (1993ع) ۽ (7) ’ٽانڊاڻا انڌيري رات ۾‘ (1994ع). آخري ڪتاب تي کيس سال 1997ع لاءِ مرڪزي ساهت اڪادمي -انعام- مليو. هن 1998ع ڌاري الهاس نگر (-بمبئي-) ۾ وفات ڪئي.[1]