ايسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عبراني (Hebrew) ٻوليءَ ۾ هن فرقي جا ڪيترائي نالا آهن. مثال طور حشيم (ماٺ رهندڙ)، عساه يا عنشي ماسح (عمل ڪرڻ وارا ماڻهو)، وتيقـم ۽ بنائيم (اَڏيندڙ/معمار). يوناني، لاطيني ۽ انگريزيءَ ۾ ان کي ايسين (Essene) چوندا آهن. البيروني (وفات 1048ع) ۽ شهرستاني (وفات 1153ع) ان فرقي کي مغاريا يعني غارن ۾ رهندڙن جي لقب سان ياد ڪندا هئا. هي فرقو قديم اوائلي اجتماعي سماج جي اصول تي هلندو هو ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪندو هو. هن فرقي جو ڪو هڪ شخص اڳواڻ نه هو، پر شايد ڪيترن ئي بزرگن ملي ان جو بنياد وڌو هو. مئڪس بيئر جو خيال آهي ته هي فرقو ٻي صدي ق.م ۾ وجود ۾ آيو. پهرين صدي عيسويءَ جي ٽن مـشهور تاريخدانن فيلو (20 ق.م ـــ 50ع)، جوزيفـس (37 ــ 95ع) ۽ پلائني ڪبير (23 ــ 79ع) هن فرقي جي پوئلڳن جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. فيلو اسڪندريا ۾ رهندڙ يهودي فلاسافر هو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:

فلسطين ۾ چار هزار متقي ماڻهو رهندا هئا جن کي ايسين (بنائين)سڏبو هو. اهي ڳوٺن ۾ آباد هئا ۽ شهرن کان پاسو ڪندا هئا، ڇو ته شهرن ۾ برائي عام هئي. انهن مان گهڻا ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ باقي پرامن ڌنڌا ڪندا هئا. هو سونُ ۽ چاندي گڏ نه ڪندا هئا ۽ نه ئي زمينون وٺندا هئا ته جيئن پنهنجي آمدني وڌائن، پر رڳو ضروري گذر سفر لاءِ پورهيو محنت ڪندا هئا. اهي ئي آهن، جيڪي ملڪيت جا مالڪ ناهن، ان ڪري نه، جو انهن جي قسمت ۾ ملڪيت ڪانهي پر ان ڪري جو انهن وٽ دولت جي لالچ ڪانهي. حقيقت ۾ اهي ئي سڀني کان وڌيڪ دولتمند آهن، ڇو ته انهن وٽ اصل دولت قناعت ۽ توڪل آهي. توهان کي انهن ۾ تير، ڀالا، تلوارون، ڍالون، لوهي ٽوپلا ۽ زرهون ٺاهڻ وارا ڪو نه ملندا ۽ نه ئي ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو جنگي هٿيار ٺاهيندو هجي يا جنگ سان تعلق رکندو هجي. واپار، شراب، صنعت ۽ جهاز راني انهن جي ذهن ۾ ڪا نه ٿي اچي، ڇو ته هو انهن سڀني شين کان پاسو ڪندا آهن، جنهن سان حرص ۽ حوس پيدا ٿئي. انهن ۾ ڪو به غلام نه هوندو آهي. سڀ آزاد آهن ۽ هڪٻئي جي لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي حاڪمن ۽ صوبيدارن کان نفرت ٿا ڇو ته انهن ماڻهن برابري ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ فطرت جي دين کي ڇڏي ڏنو اٿائون. اهو فطرت جو دين ماءُ جيان آهي، جيڪو سڀني کي هڪ جيترو پيار ڪري ٿو ۽ سڀني جي پرورش ڪري ٿو، ته جيئن ڀائرن جيان پيار محبت سان رهن، پر هي رشتو دوکي ۽ لالچ جي ڪري ٽٽي پوي ٿو ۽ ڀروسي جي جاءِ تي بي اعتمادي ۽ پيار جي جاءِ تي نفرت پيدا ٿئي ٿي. ايسين کي خدا ترسيءَ، نيڪيءَ ۽ پاڪيزگيءَ جي تعليم ڏني وڃي ٿي. گهريلو معاملن ۾ به ۽ قومي مسئلن ۾ به انهن کي خير ۽ شر جو فرق سيکاريو وڃي ٿو. انهن جا ٽي بنيادي اصول هي آهن:

  • 1. خدا سان محبت
  • 2. نيڪيءَ سان محبت
  • 3. انسانذات سان محبت، سخاوت ۽ برابري

اهي سڀ سماجي طور گڏجي رهندا آهن، هر گهر جو دروازو پري کان آيل هر ساٿيءَ لاءِ کليل رهندو آهي. گهر جو سڄو مال متاع به سڀ لاءِ هوندو آهي، ويندي لباس به. اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن لاءِ به کاڌو ڪڍي رکيو ويندو آهي، جيڪي لنگر گڏجي کائڻ وقت پهچي نه سگهندا آهن. گڏجي رهڻ ۽ کائڻ جو رواج انهن ماڻهن کان وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ ايترو سٺو ۽ مڪمل نه آهي. هو ڏينهن جو جيڪو ڪمائيندا آهن، ان کي پنهنجي گهرن ۾ لڪائي نه رکندا آهن، پر بيت المال ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا آهن، جيئن سڀني جي ڪم اچي. بيمارن ۽ پوڙهن جي خبرچار ڏاڍي پيار سان ڪئي ويندي آهي. جوزيفس به ان فرقي جو ذڪر ڏاڍي احترام سان ڪيو آهي. هو لکي ٿو: ”ايسين دولت کان نفرت ڪن ٿا. انهن جي گڏيل زندگي حيرت جهڙي آهي. انهن ۾ اهڙو هڪ ماڻهو به نه ملندو، جيڪو مال ملڪيت جي ڪري پاڻ کي ٻين کان مٿاهون سمجهندو هجي، ڇو ته انهن جو قانون آهي ته جيڪو ماڻهو انهن جي برادريءَ ۾ داخل ٿئي، اهو پنهنجو سڀ مال متاع برادري جي حوالي ڪري. ان ڪري نه انهن ۾ غربت آهي، نه بک، نه زيانُ ۽ نه عيش.“

هن فرقي يا برادريءَ جا باقائدي قانون هئا. فرقي جي ميمبري ورثي ۾ نه ملندي آهي، پر اهي ماڻهو شامل ڪيا ويندا آهن جيڪي برادريءَ جي قانونن کي قبول ڪن ۽ انهن تي سچيءَ دل سان عمل ڪن. ميمبري گهرڻ وارن ماڻهن کي ٽي سال اميدوار ٿي رهڻو پوندو آهي. ان عرصي ۾ انهن کي برادريءَ جي اصولن جي سکيا ڏني ويندي هئي ۽ انهن جي ڪردار ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي نظرداري ٿيندي هئي. انهن جا ڳوٺ گهڻو ڪري سمنڊ مُردار (Dead Sea) جي الهندي ڪناري تي آباد هئا، پر هو شهرن ۾ به رهندا هئا. انهن جو لباس ۽ کاڌو ڏاڍو سادو هوندو هو، تنهنڪري انهن جي لنگرخانن ۾ هڪ وقت ۾ رڳو هڪ ڀاڄي پچندي هئي. سيءُ هجي يا گرمي، هو سدائين ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجندا هئا. ان درويشاڻي حياتيءَ باوجود انهن جو رهبانيت سان ڪو به تعلق ڪو نه هو، پر هو عام ماڻهن جي غمن ۽ خوشين ۾ برابر شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن جي مسئلن سان گهري دلچسپي رکندا هئا، تان جو ملڪ جي سياسي جدوجهد ۾ به حصو وٺندا هئا، تنهنڪري رومين جڏهن فلسطين تي حملو ڪيو ته بنائين وڏي بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو.

هن فرقي جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ڪو چئي ٿو ته رهڻي ڪهڻيءَ جو اثر بنائين، حڪيم پِٿاگورس جي برابريءَ مان ورتو. ڪن جو خيال آهي ته هي ماڻهو گوتم ٻڌ جي ڀڪشُن جي زندگيءَ کان متاثر ٿيا. ڪن جي راءِ آهي ته ايئن نه آهي پر يهودين جون پراڻيون روايتون ئي ان قسم جون هيون ۽ يهودي بني به اهڙي ئي زندگيءَ جي تلقين ڪندا هئا. تنهنڪري بنائين جيڪڏهن طبقاتي زندگي ڇڏي، گڏيل زندگيءَ جي طريقن کي پنهنجو ڪيو هو، ته ڪا عجب جي ڳالهه ڪا نه ڪئي هئي، پر يهودي قوم فلسطين ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجين جن پراڻين روايتن کي وساري ويٺي هئي، انهن کي ٻيهر جياريو هو. اها ئي ڳالهه وڌيڪ صحيح لڳي ٿي. اهو به ممڪن آهي ته بنائي، حڪيم پٿاگورس ۽ گوتم ٻڌ جي تعليمن کان واقف هجن ۽ پنهنجي برادري قائم ڪرڻ ۾ کين انهيءَ تعليم مان مدد ملي هجي، ڇو ته ان زماني ۾ فلسطين جا واپاري لاڳاپا يونان ۽ اٽليءَ سان به هئا ته هندستان سان به، تنهنڪري بنائين لاءِ پٿاگورس يا گوتم ٻڌ کان واقف ٿيڻ ڪا عقل کان پري جي ڳالهه ڪانهي.

فلسطين جي تاريخ ۾ بنائين جو نشان ٻي صدي عيسويءَ کان پوءِ ڪو نه ٿو ملي، پر انهن جي تاريخي ڪردار کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي. هنن طبقاتي هيٺ مٿاهين جي ماحول ۾ رهندي برابريءَ جي اصولن کي نه رڳو هلايو، پر ڪاميابيءَ سان عمل ۾ آندو. اها به حقيقت آهي ته پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي سمورين خوبين باوجود اهي فلسطين جي سماجي ڍانچي، جيڪو ذاتي ملڪيت جي طبقاتي بنيادن تي ٻڌل هو، بدلائي نه سگهيا. انهن ان تبديليءَ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ۽ شايد ضرورت به محسوس نه ڪئي. شايد انهن جو خيال هو ته انهن کي ڏسندي ۽ رِيس ڪندي ٻيا ماڻهو به انهن جي اصولن تي هلڻ لڳندا. پر ظاهر آهي ته ملڪيت وارو طبقو پنهنجي دولت ۽ اقتدار تان کل خوشيءَ سان هٿ نه کڻندو آهي، پر ان کي زوريءَ بي دخل ڪيو ويندو آهي. اهو زور عوام جي سمجهه ۽ ٻڌيءَ سان پيدا ٿيندو آهي.

1947ع ۽ 1952ع جي وچ ڌاري مُردار سمند جي الهندي ڪناري قمران جي غارن مان کَل تي لکيل جيڪي ٽڪرا هٿ آيا آهن، انهن مان به هن فرقي جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ عقيدن تي اڃا وڌيڪ روشني پوي ٿي. اهي ليکيل-کلون لڳ ڀڳ ٻه هزار سال پراڻيون آهن. انهن مان ڪجهه ته پراڻي عهد نامي جو نقل آهن، پر ڪجهه تي مغارين جا اقتصادي سماجي قانون ۽ ضابطا ۽ دعائون لکيل آهن. انهن مان پهرين صديءَ جي تاريخدانن جي بيانن جي پوري پَڪ ٿئي ٿي. قديم آثارن جي ماهرن تمران جي جبلن ۾، جيڪي بيت المقدس کان رڳو ويهه ميل پري آهن، کوٽائي ڪري مغارين جو هڪ پراڻو ڳوٺ به لڌو آهي. اهو ڳوٺ 135 ق.م لڳ قائم ڪيو ويو ۽ 70ع تائين يعني لڳ ڀڳ ٻه سَو سالن تائين آباد رهيو.

ٻي صدي ق.م ۾ فلسطين جو علائقو سڪندراعظم جي پوئلڳن جي قبضي ۾ هو. 135 ق.م ۾ جڏهن بادشاهه هرسانوس پروشلم جي يهودين کي يوناني تهذيب قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ته مغارين جي هڪ ٽولي يونانين جي ظلمن کان تنگ ٿي قمران جي جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ پوءِ اتي ئي لاڳيتو آباد رهيا. انهن جي پيشوا يا اڳواڻ جو نالو صدوق (سچو) هو، ان ڪري هو پنهنجو پاڻ کي صدوقي يا بني صدوق چوندا هئا. 70ع ۾ رومي فوجن جي هٿان پروشلم جي تاريخي برباديءَ کان پوءِ قمران جو صدوقي ڳوٺ تباهه ٿي ويو ۽ ان جو نالو نشان به نه رهيو. [1] [2] [3] [4] [3] [5] Encyclopaedia Brittanica. Vol. 8. P-718 [6]

  1. مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ) (سبطِ حسن / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو / رياضت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتابِ پيدائش. باب 26
  3. 3.0 3.1 ڪتابِ خروج. باب 12
  4. ڪتابِ استثناب. باب 13
  5. Max Beer: Social Struggles in Antiquity. P-20. Landon. 1922
  6. ڪتاب: مـوسـى کان مارڪس تائين، ليکڪ: سبطِ حسن