ايسر خدمتگذار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايسر خدمتگذار-، مير بجار خان ٽالپر جو خاص منشي ۽ خدمتگذار هو ۽ هميشه مير بجار سان گڏ هوندو هو. جڏهن ميان عبدالنبي جوڌپور جي راجا کي امرڪوٽ جي لالچ ڏئي مير -بجار خان ٽالپر- کي قتل ڪرائڻ تي راضي ڪيو هو ته هيءُ -ان- کانپوءِ خاموش ٿي ويهي رهيو. -جوڌپور- جي راجا چار راٺوڙ قبيلي جا ماڻهو انهيءَ ڪم لاءِ تيار ڪيا. اهي چار ئي راٺوڙ سنڌ پهچي ايسر سان مليا ۽ ايسر جي هٿان مير بجار خان ڏانهن پيغام موڪليائون ته ميان عبدالنبي جيڪي خط -جوڌپور- جي راجا کي لکيا آهن، انهن ۾ اوهان بابت ته گھڻو ڪجهه لکيل آهي. هڪڙي جاءِ خالي ڪرايو، -جتي- اسان کان ۽ توهان کانسواءِ ڪو به نه هجي ته اهي خط اوهان کي پڙهي ٻڌايون. مير بجار اهو -ٻڌي- ايسر کي حڪم ڪيو ته هڪ جاءِ جو بندوبست ڪر، ايسر جاءِ جو بندوبست ڪري -جوڌپور- جي آيل راٺوڙن کي اتي اچڻ لاءِ چيو. راٺوڙ اتي پهتا ۽ مير -بجار خان ٽالپر- کي خطن پڙهڻ ۾ محو ڏسي راٺوڙن مٿس تلوارن ۽ خنجرن سان حملو ڪيو. ٻن راٺوڙن ٻه خنجر مير بجار جي پاسن ۾ هنيا، اهو لقاءُ ڏسي ايسر وڌي آيو، جنهن کي به راٺوڙن قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران مير بجار خان -تلوار- کڻي هنن چئني راٺوڙن سان وڙهڻ لڳو. ٻه راٺوڙ مير بجار ماري وڌا ۽ باقي ٻه ڀڄي ويا.[1]

حوالا[سنواريو]