بجار خان ٽالپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير -بجار خان ٽالپر- ، مير -بهرام- خان جو پٽ ۽ مير صوبدار خان -ٽالپر- جو -ڀاءُ- هو . جڏهن مير -بهرام- خان کي ميان سرفراز ۽ راڄو ليکيءَ جي سازش جي خبر پئي ، تڏهن مير -بهرام- خان پنهنجي پٽ مير بجار کي حرمين شريفين موڪلي ڇڏيو ، پٺيان ميان سرفراز خان ، مير -بهرام- ۽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو . مير بجار جڏهن حرمين کان واپس آيو ، تڏهن راڄو ليکي سندس ڊپ کان زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي . راڄو ليکيءَ جو پٽ -تاجو ليکي- پنهنجي پيءُ جي جڳهه تي ويٺو . -تاجو ليکي- ميان غلام نبي کي ورغلائي مير بجار سان -جنگ- ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو . ٻنهي ڌرين ۾ ” لانياري “ واري -جنگ- لڳي ، جنهن ۾ مير بجار کي فتح حاصل ٿي . -تاجو ليکي- موقعو ملندي ئي لانياري واري -جنگ- ۾ ميان غلام نبيءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو . ميان غلام نبيءَ کانپوءِ ميان عبدالنبي -تخت- تي ويٺو . جڏهن -تاجو ليکي- -ڀاءُ- ۽ پٽن سوڌو گرفتار ٿيو ته ميان عبدالنبي سندس قتل جو حڪم ڏنو ، پر مير بجار خان سفارش ڪري کين بچايو . عزت يار خان ڪلهوڙي جڏهن افغانن جي مدد سان پنهنجي چاچي ميان عبدالنبيءَ تي حملو ڪيو ، تڏهن مير بجار خان لشڪر وٺي سندس مقابلي لاءِ نڪتو ۽ ميان عزت يار خان کي شڪست ڏئي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو . ميان عبدالنبي کي -تاجو ليکي- ورغلايو ۽ تاجو ليکيءَ -جوڌپور- جي راجا کي عمرڪوٽ جي قلعي جي لالچ ڏئي مير -بجار خان ٽالپر- کي قتل ڪرائي ڇڏيو . اهو واقعو 1194ھ/1780ع ۾ ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]