ايرينگ
ڪنن ۾ پائڻ جو ڳهه. هي فئشني زيور ليکبو آهي، جيڪو ميناڪاريءَ، ڇِلائيءَ، ڄاريءَ جي جڙاءَ سان جڙندو آهي. -جست-، نِڪل، سون ۽ چانديءَ مان به جوڙيو ويندو آهي. ڪوڏين، مڻڪن ۽ موتين مان به جوڙيو وڃي ٿو. هن زيور تي -ايرينگ- نالو انگريزيءَ جي ٻن لفظن “Ear-Ring”جي ڪري پيو، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ڪن جو ڇلو“. سنڌ ۾ اهو نالو -ايرينگ- ته استعمال ۾ آيو ۽ مروج ٿي ويو، پر -ان- زيور جي شڪل مخصوص نموني جي متعارف ٿي، جيڪا ٻين ڪنن جي زيورن کان بلڪل مختلف آهي. ايرينگ ’رائيدار‘ به ٿين ته ’واٽائين‘ وارا به جڙن. -ايرينگ- مختلف نمونن جا جوڙيا ويندا آهن. پر انهن جي خاص نشاني اها ٿئي ته ڪَن ۾ پائڻ لاءِ منجهن ڪُنڍو لڳل هوندو آهي ۽ ٻي نشاني اها ته -ايرينگ- کي پاپڙيءَ ۾ ننڍو موتي ۽ هيٺ سڌائيءَ ۾ ٻڙن جي جهالر لڙڪيل ٿيندي آهي. ڳيچن، سهرن ۽ لوڪ گيتن ۾ پڻ ايرينگن جو ذڪر اچي ٿو.[1] ايرينگ،والا،جهمڪا، والو،جهمڪو