اوڏڻ (گيت)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوڏڻ گيت سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ عام رائج آهي. هن گيت جو تعلق ”لاکي ۽ اوڏڻ“ جي مشھور نيم تاريخي عشقيہ داستان سان آهي، جنھن ۾ ڄام لاکي، اوڏڻ جي سونھن تي موهت ٿي ساڻس شادي ڪئي هئي. شاديءَ بعد هن اوڏن کي مال دولت سان مالا مال ڪيو هو. ڄام لاکي جي سخا ۽ اوڏڻ جي نھٺائي هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. اوڏڻ، ڄام لاکي جي سونن ڳھن کان انڪار ڪندي چئي ٿي تہ[1]:

”اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان!“
هن گيت جون ٻہ روايتون مليون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
وراڻي: ’اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪھڙو لاڏ اوڏڻ سان‘
ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان، ڦٽو ڪر شان -اوڏڻ- سان،
اسان جو پکڙن سان آهي پيار.....
سونيون دهريون ٿو ڏيانءِ، سڻ تون اوڏڻ ٻائي!
سي تہ سُونھن تنھنجي راڻين کي، سڻ راجڙي سائين!
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪھڙو لاڏ اوڏڻ سان...

حوالا[سنواريو]