اويس قرني
اويس قرني | |
---|---|
(عربي ۾: أويس القرني) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (عربي ۾: أويس بن عامر بن جزء بن مالك بن عمرو) |
ڄم | سال 594 |
موت | 28 مارچ 657 (62–63 سال)[1] |
شھريت | خلافت راشده |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
عسڪري خدمتون | |
ترميم |
مشهور تابعي، جنهن جي نالي بابت مختلف روايتون ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن. ڪن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي، ته حضرت قرني جو پورو نالو خواجا اويس -بن- عامر قرني هو. جڏهن ته ڪي ڪتاب وري ٻڌائين ٿا، ته سندس نالو عبدالله ۽ ابن عبدالله هو. ڪٿي وري سندس نالو عبدالله -بن- عامر ڄاڻايل آهي ۽ سندس والده کيس ”اويس“ جي نالي سان سڏيندي هئي. سندس وطن يمن هو ۽ بني مراد قبيلي سان تعلق هوندو هئس. حضرت اويس، پاڻ سڳورن جي حياتيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. ليڪن پاڻ سڳورن سان سندس ملاقات ٿي نه سگهي هئي. پر حضرت اويس پاڻ سڳورن سان غائباڻو عشق رکندڙ هو. سن 17ھ مطابق 638ع ۾ يعني حضرت عمر فاروق رضه جي خلافت واري وقت ۾، يمن کان مديني شريف آيو. -جتي- حضرت عمر رضه سان ملاقات ڪيائين. -ان- کان پوءِ ڪوفي هليو ويو. حضرت اويس قرنيءَ بابت هڪ مشهور روايت ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي، ته جڏهن حضرت اويس قرنيءَ کي ”احد واري -جنگ-“ دوران، رسول -الله- صلي -الله- عليه وسلم جي هڪ ڏند مبارڪ جي شهيد ٿيڻ جي خبر پئي ته هن جي دل تي -ان- واقعي جو ايڏو ته گهرو اثر پيو، جو -ان- ڏک ۾ پنهنجا سڀئي ڏند ڀڃي ڇڏيائين. ڇاڪاڻ جو کيس اندازو ئي نه پئي ٿي سگهيو، ته پاڻ ڪريم صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو. حضرت اويس قرني، -تقويٰ- ۽ عبادت جي لاءِ ڏاڍو مشهور هو. چون ٿا ته صفين واري -جنگ-، پاڻ حضرت علي عليه السلام جي طرفداريءَ ۾ وڙهيو هو ۽ -ان- -جنگ- ۾ ئي شهيد ٿيو هو. حضرت اويس بابت پاڻ سڳورن فرمايو ته، ”اويس قرني، تابعين ۾ سڀ کان بهتر آهي.“ اهو ئي سبب آهي، جو کيس ”سيد التابعين“ جو لقب مليل هو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ GND ID: https://d-nb.info/gnd/118985302 — اخذ شدہ بتاریخ: 17 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License